باب ڪافر گر ( سنڌ سونهاري )

شيخ اياز اياز 
جي ڪتابن جا اقتناسات مون گهڻان ڏٺا آھن هو پاڻ کي کلم کلا ڪافر ۽ خداوند تعالي و تقدس جي وجود جو منڪر چوي ٿو اياز اينڊ پارٽي پنهنجي تحريرن ۾ ڪنهن به مذھبي اصطلاحي اکر لکڻ کان گهڻون ڪئو ڪندا آھن برخلاف ان جي اياز جو هم پياله هم نواله همدم همقدم همراز ۽ هم نوا دوست جي ايم پنهنجي تحريرن ۾ ڪٿي ته خدا جو انڪار به ڪري ٿو ڪٿي ته اهو به تاثر ڏي ٿو ته خدا آھي اگر چه هن جي زعم ۾ خداوند تعالي خالق ۽ مالڪ ناهي دنيا قانون ارتقا مطابق پاڻھي ٺهي راس ٿي خداوند تعالي کي دنيا ۾ ڪو به اختيار ناهي خير شر نفعو نقصان ڪنهن کي به پهچي ٿو بطور ايڪسڊنٽ يا اتفاقي حادثه جي پهچي ٿو خدا جي طرفان نه ڀلا اينهين آھي ته پوء آخر خدا ڇو آھي ۽ ڇا لاء آھي ۽ اهڙي جي ايم جي جڙتو ۽ مزعومه بي پهچ ۽ بيوس ۽ بي دست وپا ۽ باطل خداجي هئڻ مان فائدو ڪهڙو؟ انهيء سڌي اڻ سڌي انڪار جي باوجود هو ميسڙو ميسڙو ٿي مسلمانن کي ويجهو اچي رب جي هئڻ جو سر الاپي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن مشيت ايزدي ۽ حقيقت محمدي جهڙا اکر لکيو وجهي انهيء بڄآپڙائي جو مطلب هي ته اياز محض ڪافر آھي جي ايم ٺلهو ڪافر نه پر ڪافر گر به آھي هو پنهنجي وقت جو خناس آھي جنهن جي زندگي جو مقصدئي آھي مسلمانن کي برغلائڻ ڦيرائڻ ۽ گمراه ڪرڻ ھوهڪ غول بياباني آھي جنهن جو راه کان ٿيڙڻ ئي حاصل زيست آھي هو هڪڙي ٻانڀ آھي جنهن جو ڌنڌوئي آھي بتا ڏئي واٽهڙن کي ڀلائڻ ۽ رلائڻ ھو ازين قسم مذهبي اصطلاحي الفاظن جي آڙ وٺي لڪي ڇپي مسلمانن جي ڪک ۾ ڪاتي هڻڻ گهري ٿو ۽ زردا ڏند لڪائڻ لاء ڪاري برقعي ۾ ويڙھجي ڪنوار بنجي اٻوجهن کي اوڏي ٿي انهن کي چيرڻ ڦآڙڻ چاهي ٿي مسلمانن کي چوي ٿو ته اوهان کي حقيقت محمدي جي ڪهڙي خبر؟ حقيقت محمدي جي خبر جي ايم کي آھي جو چوي ٿو ته قرآن خدا جي طرفان موڪليل ناهي رسول پاڪ ايام جاهليت جون چند پراڻيون ۽ فرسوده رسمون ڳڏ ڪري قرآن جي نالي سان ٺاهي کڻي پيش ڪيون آھن هن وٽ رسول جي رسالت کان انڪار حقيقت محمدي جو پرجھڻ ۽ پروڙڻ آھي هو مسلمانن کي اهڙو اڳڙين جو ڳڏو عقل کان عاري اڌ مغزي اڌ چريو آلو ڀولو ۽ ويساه وسوڙل سمجهي ٿو هن جي خيال موجب جو هو ڪهڙيون به ڪانگ بولاٽيون کائي ڪهڙيون به گڙدوليون هڻي ڪهڙا به سانڊي وانگر رنگ مٽائي مسلمان هن جي ڪنهن به چال ڪنهن به ڍونگ ۽ ڍنگ ڪنهن به فريب ۽ فراڊ ڪنهن به دولاب ۽ دلبي کي سمجهي ڪونه سگهندا هو حماقت ماب ڄاڻي ٿو ته مسلمان اکر جي معنيٰ ئي آھي بي عقل مسلمانن جي بي عقلي جي ڌڍ تي هو ڪڏھن ڪڏھن دام همرنگ زمين بنجي مسلمانن جي روپ ۾ اچي مسلمانن تي ڪفر جي ڄار اڇلائي وجهندو آھي الحاصل ته هي پنهنجي پارٽي وارن ملحدن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ وچڙندڙ وبائي مرض آهي ڪا ڪالريا يا پليڪ آھي جنهنجا جيوڙا چڱن ڀلن کي نهوڙي نيڻ جي صلاحيت رکن ٿا پروردگار پليس قادر قدير ڪنڌ ڀڃيس. .....

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )