دور حاضر ۾ الحاد جو فتنو

هون ته اسان جا عام مسلمان الحاد جي فتني کان بلڪل اڻ واقف آھن کين اهائي خبر ناهي ته الحاد آخر ڪهڙي بلا جو نالو آھي مان سولي سنڌي ۾ بيان ڪريان ته اسلام جو نالو وٺي پاڻ کي مسلمان سڏائي اسلامي نالو استعمال ڪري اسلام کي ڏنگيندڙن ناگن کي الحاد پرست چيو وڃي ٿو مثال اڄ ڪل جي ضرورت کان زياده پڙھيل لکين کي توهان ڪڏھن عيضوي تي اعتراض ڪندي ڏسندا هوندا ته ڪڏھن ڪنهن غير مسلم ڇوڪري جي اسلام قبول ڪرڻ تي ماتم ڪندي ڏسندا هوندا اهي الحاد پرست آھن انهن اسلام جي چارديواري ۾ رخنه اندازي ڪندڙن جي دعوي  آھي ته اسلام جي اصل روح پهرين صدي جي درميان يا تقريبن آخر ۾ دفن ٿي رهجي وئي  ۽ ھاڻ جيڪو اسلام مسلمانن وٽ آھي سو اسلام ناهي جيڪو نبي ڪريم حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم پيش ڪيو هو بلڪ هي ملان جو گهڙيل اسلام آھي جيڪو زندگي جي حرارت کان محروم آھي نعوذالله
الله رب العزت حضور خاتم النبيين صلي الله عليه وسلم جي برڪت سان امت محمديه تان اجتماعي عذاب هٽائي ڇڏيو آھي يعني هاڻ ھن امت تي ڪو اهڙو عذاب نه ايندو جنهن سان پوري امت هلاڪ و برباد ٿي وڃي ليڪن اهل ايمان جي امتحان ۽ آزمائش جي لاء فتنه برابر پيدا ٿيندا رهندا جيڪي ڪٿي الحاد پرستي جي شڪل ۾ هوندا ته ڪٿي خوارج جي شڪل ۾ ته ڪٿي روافض جي شڪل ۾ ته ڪٿي وري صوفيا جي شڪل ۾ هوندا ڏاڊي پريشان ڪندڙ صورتحال هي آھي ته دشمنان اسلام جي سازشن جي نتيجي ۾ عالم اسلام فتنن جو مرڪز ٿي رهجي چڪو آھي يورپ کان درامد ٿيندڙ دانشور اديب مسلمانن جو ايمان ختم يا گهٽ ۾ گهٽ ڪمزور ڪرڻ جي لاء آئي ڏينهن نئي تحقيق ۽ جديد ريسرچ جا نعره بلند ڪري رهيا آھن ٻي طرف فلمن ڊرامن ۾ اهڙيون ڪهاڻيون پيش ڪري احڪام دين کان باغي ڪرڻ انهن جي فرائض منصبي ۾ داخل آھي انهن کان ٻيو ڪجھ نه ٿئي ته ڪنهن چڱي ڀلي مسلمان کي سندس عقيدي جي حوالي سان شڪ ۾ وجهي ڇڏيندا آھن انهي جي وجه هي آھي ته اسان مسلمانن پنهنجي خالق کان بي پروائي اختيار ڪري ڇڏي آھي مشھور عباسي خليفي هارون الرشيد پنهنجي زماني جي درويش بهلول دانه کان پڇيو ته الله تعالي ڪنهن قوم سان ناراض ٿيندو آھي ته ڇا ڪندو آھي ؟  بهلول دانه وراڻيو ته انهي قوم جي مت ماري ڇڏيندو آھي سو اسان جي مت ماري وئي آھي -
فتنن جي هن ڀرمار ۾ سڀ کان خطرناڪ ايمان سوز فتنه آھن ڇوته ڪنهن به مسلمان لاء سڀ کان قيمتي شئي ايمان جڏھن ايمان ئي لُٽجي وڃي ته دنيا و آخرت سڀ برباد حديثن ۾ دجال جي فتني کي سڀ کان وڏو قرار ڏنو ويو ڇوته هو ايمان لاء خطرناڪ هوندو انهي ايمان سوز فتنن مان هڪ فتنو الحاد جو آھي جنهن جي معني آھي راه رستي تان هٽي وڃڻ ديني ۽ مذھبي بيزاري اختيار ڪرڻ يعني حق کان منحرف ٿي هن ۾ بي بنياد ڳالهيون داخل ڪري ڇڏڻ ۽ ديني احڪامن جي باري ۾ غلط قسم جون تاويلون ٻڌڻ مختصر چئجي ته دين ۾ تحريف رد و بدل يا دين جي نالي تي دين کان دوري جو نالو الحاد آھي
هن فتني الحاد سان اسلام ۽ اهل اسلام جو واسطو ڪو نئون ناهي  حضور صلي الله عليه وسلم جي ظاهري زندگي ۽ خلفاء راشدين جي دور کان پوء اسلام ۾ تحريف ڪري مسلمانن کي اسلام کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا پيدا ٿي پيا اُنهي ئي زماني کان ملحدن ديني احڪامن کي کيل ۽ مذاق سمجهي تاويلات ڀاطله جو نشانو بنائڻ شروع ڪيو خاص ڪر اهو عمل حضرت عثمان غني رضي الله عنه جي زماني کان شروع ٿيو مسلمانن کي سندن دين کان باغي ڪرڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي وئي
اهڙي فتنن کي عالم دین شروع کان ئي سُڃاڻي ٿو مگر هڪ عام مسلمان فتني جي ختم ٿيڻ بعد انهي فتني کي سمجهندو سڃاڻيندو آھي جنهن سبب اهڙا فتنه مقبول ٿي ويندا آھن علماء اسلام پنهنجون شرعي ۽ ديني زميوارين جي بدولت انهن فتنن جو تعاقب ڪندا رهندا آيا آھن ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پيشن گوئين جي مطابق فتنن جو سلسلو وڏي عرصي کان هلندي اڄ اسان تائين پهتو آھي ماضي قريب ۾ اسمعيل دهلوي سرسيد احمد خان غلام احمد پرويز وحيد الزمان حيدرآبادي  غلام احمد قا د يا ني مولانا مودودي رشيد گنگوهي ۽ ڪجھ اهڙي قسم جا ٻيا نالا جيڪي انهي سلسلي جون ڪڙيون ٿي گزريون آھن
 دور حاضر ۾ به هي فتنو مختلف شڪلن ۾ موجود آھي سڀ کان پهرين مان جي ايم سيد ۽ سندس فڪري جانشينن جو نالو کڻڻ چاهيندس ڇوته انهن دين اسلام خلاف اهڙي قسم جو لٽريچر پيش ڪيو جنهن نوجوان نسل کي اسلام کان باغي ڪري ڇڏيو انهن کي وري سپورٽ جاويد غامدي انجنيئر مرزا جهلمي اسحاق سيالڪوٽي طاهرالقادري جهڙن جي نصيب ٿي ۽ مٿان وري جڳه جڳه تبلا باجا وڄائڻ  نچڻ ۽ ڳائڻ وارا ميراثي صوفي فقير ۽ انهن جون طوائفون گلوڪاره فنڪاره ٿي پيون هرطرف ڪفريه ڪلام ڳائڻ جو رواج عام ٿي ويو ايستائين جو بزرگن جي عرس مبارڪ تي به ميراثي گهرائي بيهودا ڪلام ڳارائڻ کان وٺي فحاشي جو هرناجائز ڪاروبار عام ڪيو ويو  انهي عمل ۾ جعلي پيرن جو به هڪ وڏو ڪردار آھي

انهن سڀني جي مشترڪه نظرين سبب جيڪو نتيجو نڪتو سو مذهب بيزاري جي شڪل ۾ سامهون آيو جنهن سبب قديم علماء امت ۽ حاملين دين کي ناقابل اعتماد مجرم قرار ڏيڻ اسلام جي پوري تاريخ کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ  قرآن پاڪ جي تفسير و تشريح ۾ جيڪو ڪجھ صاحب قرآن فرمايو انهي کي ناقابل اعتبار ڄاڻائڻ اقوال صحابه ڪرام و تابعين تشريحات مفسرين  اقوالِ سُنت رسول ۽ آثار صحابه جي پابندي به غير لازم  الغرض ڪلمي اسلام کان وٺي دين جي معمولي حڪم تائين سڀ مشڪوڪ چوڏھان صدين کان جمهور اهل علم جو موقف غير معتبر هاڻ دين کي سمجهڻ جو واحد ذريعو اهي اديب دانشور ۽ مانجهي فقير جهڙا ميراثي
ملحدين زمانه امرجليل جامي چانڊيو زيد حامد فرحت هاشمي ۽ انهن جهڙا ڪئين ٻيا پروفيسر ڊاڪٽر نام نهاد اسلامي اسڪالر شامل ٿي پيا جنهن مختلف ٽي وي چينل پرنٽڊ و اليڪٽرانڪ ميڊيا مختلف ليڪچر و انٽرويو ۾ اچي ديني احڪام جي من پسند تشريح ڪري قوم کي گمراه ڪرڻ ۾ شروع ڪيو انهي کان هٽي ڪري اسڪولن ڪالجن ۾ رائج انگريزي ڪلچر يهود و هنود جي تهذيب و تمدن به الحاد پکيڙڻ ۾ پيش پيش آھي انهي کي ڏسي علامه اقبال چيو هو ته

ہم تو سمجھے تھے کہ لائے گی فراخی تعلیم
کیا خبر تھی کہ چلا آئے گا الحاد بھی ساتھ


ابتدا کان ئي ٻارن جي گلي ۾ ٽائي لڙڪائي انهن کي عيسائي تهذيب سان لڳاء ۽ اسلامي تهذيب کان بي گانو ڪرڻ ڳڏو ڳڏ ٽيبلو جي نالي نياڻيون ۽ ڇوڪرا نچائڻ تازو ميوزڪ سيکارڻ جي بهاني ميراثي ٽيچر ڀرتي ڪرڻ  رهڻ سھڻ شڪل صورت لباس وغيره سڀ ڪجھ عيسائين جي طرز تي ٿي چڪو اهڙي تعليم اسان شروع ڪري رکي آھي جنهن وجه سان بي حيائي ۽ فحاشي جا اثر اسانجي گهرن ۾ داخل ٿي چڪا آھن قومي و ديني غيرت جو جنازو نڪري چُڪو آھي لادينيت الحاد سيڪولرازم لامذهيبيت ۽ دين کان دوري جون جيتريون ممڪنه  صورتون آھن سي سڀ ڪافرن اختيار ڪري رکيون آھن ۽ پنهنجي ايجنٽن کي اسلامي ملڪن ۾ موڪلي هتي جي ميڊيا تي اُنهن کي اسلامي اسڪالر باور ڪرايو حالانڪ انهن جو مقصد ۽ واحد مقصد مسلمان قوم کي خدا نبي ۽ قرآن کان پري ڪرڻ ۽ انهن لاء ضروري آھي ته هو الله وارن نبي جي وارثن ۽ قرآن جي حاملين کان قوم کي بدظن ڪن سو انهي ڪوشش ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ويٺا آھن اهائي وجه آھي ته هي اسڪالر ناموس رسالت جي قانون جي غلط استعمال تي ته وڏو واويلا مچائيندا آھن ليڪن ٻيا اهڙا ڪئين قانون غلط استعمال ٿين ته انهن جون زبانون بند ٿي وينديون آھن شرعي حد جي نفاذ تي ته گهوڙا گهوڙا ڪندا آھن ليڪن ماروائي عدالت قتل ۽ ٻي انسانيت سوز ظلم تي انهن کي نانگ سراپي ويندو آھي
آخري عرض اهو آھي ته اهڙي صورتحال ۾ اهل ايمان کي اهڙن فتنن َ۾ ثابت قدم رهڻ کپي ايمان لاء آزمائش جي شرط ضروري هوندي آھي جيڪا مختلف شڪلن ۾ سامهون ايندي آھي فتنن جي ذريعي به آزمائش ٿيندي اهل ايمان انهن تي صبر ڪري مومن مسلمان کي کپي ته هو دين تي شڪ نه ڪري ڇوته دين جو انڪار ڪافر ڪندا آھن ۽ دين تي شڪ ڪرڻ منافقن جي نشاني آھي  الله تعالي کان دعاڳو آھيون اسانکي سچو ايمان عطاڪري ۽ يقين ڏي جنهن ۾ ڪنهن قسم جو شڪ نه هجي آمين
____



تبصرے

گمنام نے کہا…
Nice

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )