باب کوجنا ( سنڌ سونهاري )
نمازون حج زڪواتون ۽ ٻيا ڪل اسلامي احڪام ۽ شعائر اسلام خراب آھن زمانئه جاهليت جون فرسوده رسمون آھن دليل ڪهڙو؟ دليل اهو ته مون کوجنا ڪئي مونکي ايهين معلوم ٿيو تو ڪهڙن ذريعن يا ڪهڙن ڪتابن مان کوجنا ڪئي ۽ کوجنا ڪرڻ بعد توکي ڪهڙا ثبوت يا ڪتابن جا ڪهڙا حوالا هٿ آيا انهيء جي جواب ۾.
لب از گفتن چنان بستم کہ گوئی
دھن بر چھرہ زخمی بودو بدشد
انهيء جهڙو جواب. نماز خراب ڇو ڀلا؟ چئي ٿو مون کوجنا ڪئي. حج ڇاجي ڪري خراب؟ چئي ٿو مون کوجنا ڪئي منهيات اسلاميه ڪوڙ زنا چوري ڦرمار خونريزي وياج شراب خنزير اهي سڀ تمام سٺيون خصالتون آھن ڇاجي ڪري؟ چئي ٿو مون کوجنا ڪئي.
ٻيڙيء ٻڏا اهو ته چئو ته کوجنا مان توکي هي هي مواد هٿ مطلب ته رسوائي عالم ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون جو مرڪزي نقطو جنهن جي چوڌاري ڪتاب جي سڄي پرڪار گردش ڪري رهي آھي سو اهوئي کوجنا جو لفظ آھي ٻيو مڙئي هيچ جيڪڏھن کوجنا جو لفظ ڪو اهڙو جادو جو اکر آھي جنهنکي جنهن به چڱائي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو سا في الفور پنهنجي ماهيت بدلائي بڇڙائي ٿيو ٿي پوي ۽ جنهن بڇڙائي سان کوجنا جو اکر چسپان ٿو ڪجي سا بدلجيو چڱائي بنجيو ٿي وڃي.
جيڪڏھن ايهين آھي ته پوء اسين بصدالحاح عرضگذار ٿينداسين ته پنهنجي مائٽن جو ننگ سڃاڻي اسان جي اسلام کي کوجنا جي جادو سان ختم نه ڪري ڇڏ ۽ جيڪڏھن گهڻون ڪري ختم ڪري ڇڏيو اٿئي ته به جيڪو ڪجھ باقي رهيو آھي انهيء کي باقي رهڻ ڏي .
مون ڪيو ڪسڻ قبول مگر تون ڪوقياس ڪر
خنجر وهاء حلق تي قاتل هرين هرين
(قليچ)
اسلام جي عمارت جيڪڏھن سربستي ڊاهي چڪو آھين ته به ڪم از ڪم انهيء جي کنڊرات کي ڪيڻون هڻي زمين هموار ڪري معدوم نه بناء.
مزار اهل وفا پائمال ڪين ڪجان
ڀلي ته تنهنجي جفا جو به يادگار رهي
اي بقول روز نامه عبرت جي بزرگ سياستدان جيڪڏھن کوجنا جي لفظ جي معنيٰ تحقيق ۽ تلاش آھي ته پوء هيئن لک ته مون اسلام جي هرهڪ قانون جي رد ۾ تحقيق ۽ کوجنا ڪئي فلانن فلانن تاريخي ڪتابن جي هنن هنن حوالن مطابق اهي دور جاهليت جا يادگار آھن اوهي حوالن وارا ڪتاب ڀلي کڻي واڻڪا ويد ۽ پوٿيون هجن آخر ڪجھ ته ثابتين جو سهارو هٿ ۾ ھجي ڪا ته ٽيڪ به هجي ماڳهين آٿر باٿر سنهڙي ڀت تي سراڙا ڪرڻ سر وڃائڻ جي سنڀت ناهي ته ٻيو ڇا آھي؟ ڀلا ڪو به ڪتاب هٿ نٿو اچي ته ڪم از ڪم ڪي عقلي دلائل پيش ڪر ته اسلام جو هي حڪم هنن سببن جي ڪري خراب آھي يا اسلام جي ڄاڻايل ۽ ثابت ڪيل فلاڻي بڇڙائي ۾ هنن هنن خوبين جي سبب ڪابه خرابي ۽ بڇڙائي ڪانهي بلڪه چڱائي آھي. مون کوجنا ڪئي مونکي هي هي تحريري ثبوت مليا مون اسلام جي رد لاء کوجنا ڪئي مونکي هي هي دلائل ۽ براهين هٿ آيا ته ڳالھ وري به ٺهي ٿي باقي کوجنا جو نتيجو ڪوبه ڪونهي رڳو کوجنا لفظ آھي.
تنهنجو وظيفو پيو پڪو ٿئي کوجنا کوجنا کوجنا سهو ڀلا ڇا آھي؟ سپريم ڪورٽ جو هڪ جج جنهن ڱي قوم ۽ حڪومت جو وڌ کان وڌ اعتماد حاصل آھي اهو به جڏھن هڪ معمولي ڏوهاري تي فرد جرم عائد ڪرڻ جي فتويٰ لکي ٿو نه دلائل پيش ٿو ڪري لکي ٿو ته مونکي هي هي ثبوت مليا تون اي مت جا ماريا اسلام جهڙي دنيا جي عظيم ترين مذھب جي رد ۾ ڪتاب ٿو لکين ڪو دليل به نٿو پيش ڪرين بس اهو لکين ٿو ته مون کوجنا ڪئي کوجنا جي نتيجي ۾ توکي ڪهڙو مود هٿ آيو؟ توکي ڪهڙا عقلي يا تحريري ثبوت مليا؟
بزرگ سياستدان اتي ڏسي پيو ته انسان اول ۾ پاڻيء جو پونئرو هو جو ترقيون ڪندي باندر يا لنگور بنيو پوء نيٺ انسان بنجي پيو اهو به ڏسي ٿو ته اسلام جاهلن جون خراب رسمون ميڙي سيڙي قرآن ۽ آيتن جي نالي سان دنيا اڳيان پيش ڪيون کوجنا جي ذريعن جو نالو ته ضرور وٺبو آھي نه هي جيڪو نالوئي نٿو وٺي تنهنجو سبب اهو آھي ته اهڙي مخفي ۽ لڪ ڇپ واري ذريعي جو نالو وٺندي ڦڪو ٿو ٿئي ۽ ڦڪو ٿيڻ به گهرجي رب رسي مت کسي هڻي ڪونه هٿيار اهڙو پسائي پار جنهن ۾ جوکو جان جو .
ڪاش جيڪڏھن بزرگ سياستدان جي دماغ ۾ عقل جو ڪو قطرو ۽ دل ۾ حياء ۽ شرم جي ڪا بوند به هجي ها باقي رهيو بزرگ سياستدان جو اهو سوال ته اسلام پاڪ قديم مذھبن جي نقالي ڪئي آھي سو سڻ اي اسلام جا عدو.
اسلام حضرت آدم عليه السلام کان شروع ٿيو هر قرن ۽ ھر دور ۾ جيڪي به پيغمبر پاڪ آيا تن خلق کي اسلام جي دعوت ڏني ساڳي رب وقت بوقت ساڳيو پيغام موڪليو چند فروعي اصلاحات کان سواء بنيادي عقيدا ۽ مک ڳالهيون حضرت آدم عليه السلام کان وٺي حضور سيد المرسلين صلي الله عليه وسلم تائين ساڳيون ئي آھن پيغمبرن جي پيروڪارن جڏھن دين کي بگاڙيو ٿي تڏھن معبود مالڪ ساڳيو دين نئين نبي هٿ نئين آب تاب سان ارسال فرمايو ٿي تانجو معاملو موجوده اسلام تائين پهتو جيڪو قيامت تائين پنهنجي اصلي ۽ حقيقي رنگ سان دنيا ۾ قائم رهڻ لاء آيو آھي ۽ ھميشه قائم رهندو ۽ اسلام جا پيروڪار هميشه لاء الحاد پرست انڌن جي هينئن تي مڱ ڏريندا رهندا ڪافر ڀلي جلن ٻرن کامن سڙن ۽ پچن پر اسلام جو ڏيو روشن رهندو ئي رهندو.
.....
تبصرے