سلطان الواعظين مفتي عبدالرحيم سڪندري عليه رحمه جي لاء ڪجھ لفظ
بسم الله الرحمن الرحيم الصلوة والسلام عليڪ يارسول الله صلي الله تعالي اعليٰ محمد سلطان الواعظين شمشير اعلي حضرت مفتي عبدالرحيم سڪندري اڄ اسان ۾ موجود ناهي اهلسنت و جماعت سنڌ جو هڪ وڏو ستون هو سندس خطابات جنهن جو وڏو سرمايو اڄ اسان وٽ محفوظ آھي ۽ دين حق کي سمجهڻ لاء اسان جاهلن لاء هڪ مشعل راه به آھي ڪنهن به قوم جا بزرگ انهين قوم تي ڇانھ وانگر هوندا آھن ۽ اسين يقينن قبلا سائين جي ڇانھ پاڻ تي محسوس ڪندا هئاسين اڄ اسان کي انهين ڪمي جو احساس جاڳي ٿو مايوسي شريعت ۾ گناه آھي ۽ اسان مايوس ناهيون ڪنهن به شخصيت جو ڪو ثاني مشڪل سان ملندو آھي ۽ ڪئين اهڙيون شخصيون آھن جنهن جو ڪو ثاني ناهي هوندو صاحبزاده مفتي حق النبي سڪندري جي سرمبارڪ تي دستار جي زمه داري عائدٿي چڪي آھي اهو سلسلو جيڪو سلطان الواعظين جي ڪري تعطُُل جو شڪارٿيو آھي تنهن کي صاحبزاده مفتي صاحب کي جاري رکڻون آھي ڪفر پرستي جو سودو کپا...