باب لساني فتنون ( سنڌ سونهاري )

ڪانگ کي لڙ ۾ فائدو گرگ ازخداچه ميخواهد و باران. سنڌ ۾ ۽ سنڌي مهاجر سنڌي ٻولي ۽ اردو زبان بابت چوپچو هلي. جي ايم صاحب جا ڪرپٽ ڄمي پيا هن جي گيھ ۾ ٽڪري ٻڏي مڙس ڪويل هو سو اٿي پيرن ڀر ٿيو جنهن کي پنهنجي تڪ جي ماڻھن ٿو کٽا ڪري ڇڏيو هو انهيء جي سڄي سنڌ ۾ ازسر نو پزيرائر ۽ ڪريل وقار جي بحال ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي پئي گويا مئل مڙھ ۾ ساھ پئجي ويو سو اهڙي زرين موقعي کي غنيمت ڄاڻي ملڪ ۾ پکڙيل چڻگن تي سڪل ڪک ۽ سنهيون ڦينگاڇيون رکي ڦوڪن ڏيڻ ۾ همه تن مصروف ٿي ويو باقائده دورا شروع ڪري ڏنائين هتي ۽ ھُتي جلسا ٿيڻ لڳا وڙھو ڙي سنڌيو وڙھو پناهگير اوهان جا هڏا به ڪرٽڻ شروع ڪري ڏيندو سنڌ وئي ڙي سنڌ وئي ورو وارو ڪريو بچايو پناهگير سنڌ کي تاقيه وانگر ويڙھي ڪلهي تي رکي روانو ٿيڻ وارو آھي اسان جا سنڌي ڀورا بادشاه ته اڳيئي آھن دوست ۽ دشمن کي خيرڪي سڃاڻڻ تن ڏٺو ته مار مانجهاڻي سنڌ سچ پچ به شايد وئي سو جيجل سنڌ تي سرڪير نه ڏيندو جو نعرو هڻي نڪري نروار ٿيا سنڌي ۽ مهاجر اسلامي اخوت جي مظبوط رسي ۾ ننهن چوٽي سوڌا جڪڙيل هئا تنهنڪري اگرچه جي ايم صاحب جي سازش پوري طرح سان ڪامياب ڪانه ٿي هن جون دلي مرادون پوريون نه ٿيون باھ جا وڏا ڀڀڙ ڪونه ٻريا پر الٽو ڪن تمام ٿورين جاين کان سواء ھرهند سنڌين ۽ مهاجرن ڀائپي جو روح پرور منظر ڏيکاريو ۽ ھڪ ٻي جي بچاء لاء لوهي قلعو بنجي بيٺا پر تاهم انهي اخوت جي رسي جون ڪٿان ڪٿان ڪي تندون ڇنڻ ۽ ڪئي وانگر ٽڪڻ ۾ ڪجھ قدر ڪامياب ضرور ٿيو مڙس کٽل پيدائشي پوري پني خرچ وڏو ڀارت جو واڻيون به کيس بيڪار سمجهي آسرو پلي پنهنجو هٿ روڪڻ تي هو انهيء وچان هي فساد وارو في الحقيقت اڻائو پر سندس حق ۾ سڻائو واء وري پيو جنهن سندس قسمت جي ٻيڙي تاري وڌي ملڪ جي موافقن ۽ مخالفن جي وات ۾ سندس نالو ورد ۽ وظيفي وانگر جاري ٿيڻ لڳو مدح نه سهي ذم سهي واکاڻ نه سهي ڦٽڪار سهي پر سندس تذڪرو ته عام ٿيو بدنام جو ہونگے تو کیا نام نہ ھوگا هو ڏانهن ڀارت جي واڻين به ڏٺو ته همراه ۾ ڪي داڻا آھن سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙڻ واري مهم کي ڪنهن حد تائين انجام ڏيڻ جي صلاحيت ضرور رکي ٿو ناڻي ريلڻ جو وجه جواز موجود آھي همراه ڪارائتو آھي صفا بيڪار ڪونهي پوڙھو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي واڻين جي بلڙو ۽ ماڪ تي موريل گماشتن کان جن جو تعداد سنڌ ۾ سواسو ٻڌايو وڃي ٿو ۽ اوهي اگرچه اسلام ۽ پاڪستان جي عداوت ۾ ھڪ ٻي کان پيش پيش آھن پر هن جهوني جوڳي جي جتيء ۾ پير نٿا پائي سگهن سنڌ جي سر وڃائڻ جي اميد جيڪا هن ۾ آھي سا هنن ۾ ڪانهي انبڙين مان انب جو ساء ڪٿي ٿو اچي سگهي انهن ڳالهين جي مدنظر ڀارت مان وهي ايندڙ رپين جي زمين دوز ۽ ڳجهي نالي جي سن واري شاخ جيڪا مس ٿي وڙھي ۽ ذري گهٽ سڪڻ تي هئي سا وري به زوردار وهائي وئي اهڙي طرح هڪ قلاش رپين جي وهندڙ واه ۾ وهنجڻ لڳو لک شڪرانا ٿيا خدا شرے برانگیزد کہ خیر مادران باشد جي به مصداق لساني فتني جو شر هن همراه جي حق ۾ رس گلي جهڙو مٺو ۽ ماني جهڙو لذيذ ثابت ٿيو مهاجر هليا وڃن سندس انهيء حريفانه هوڪي تي ڪي احمق اٻوجھ اوڳا اسارا مت موڙھل سنڌي موهجي پيا ويتر جو سرڪار وڌس نوڙ ڳچي ۾ تنهن تي سندس اڌ مغزي ايلچين جون واڇون ٽڙڻ لڳيون چي سنائي سورمون سنڌ لاء قرباني ڏئي رهيو آھي ايها خبر نه ته هو پنهنجي خسيس فائدي تي سنڌ کي قربان ڪري رهيو آھي . ...

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )