باب تيز لهجو ( سنڌ سونهاري )

بحث ۽ مناظري ۾ واقعي لهجو نرم زبان مٺي ۽ شائسته استعمال هئڻ گهرجي اهو ڪير نٿو ڄاڻي ته ڇڙٻتا ۽ ديون ڏيڻ ۽ دهمان ڪرڻ في الحقيقت مناظره جي حد اورانگي مناقشه مڪابره ۽ مصادره جي دائري ۾ ٽپي پوڻ آھي کانڌ ۽ کمت ڀلي آھي صبر وڏي وٿ آھي ويري وڌيو پيو لڳي ته به عقلمند تي گفتگو واري آئين انسانيت جي نگهداشت واجب آھي پنهنجي ميس مارڻ ماڻهون جي ماڻھوپي جي مٿاهين منزل آھي اهو سڀ ڪجھ درست پر سو تڏھن جڏھن ڪو خود اسان کي ڳالهائي اسان کي شخن ڪڍي اسان جي حق ۾ گٿا الفاظ ڪتب آڻي ته پوء اسين اخلاق رواداري بلند حوصلگي ۽ وصيع القلبي کان ڪم وٺي زهر جو ڍڪ ڀري سڀ ڪجھ سهي هن جي اسان کي کارايل ايريي جي عيوض اسين هنکي ماکي چٽايون ۽ ٽوھ جي عيوض هنکي سنڌڙي انب يا سال جو گدرو هٿ ۾ ڏيون. هتي ته ڳالھ ئي اور آھي هو اسان کي نٿو چوي اسان جي محبوب مذھب تي تهذيب ۽ اخلاق کان ڪريل حملا ٿو ڪري چوندا آھن ته گار جهيڙي جو منڊ آھي اوهي گاريون به جيڪڏھن اسان مسلمانن کي ڏي هاته کڻي چئون ته پنهنجو وات پيو وڃائي سو ڀلي پيو وڃائي گڏھ آھي سو گونهن پيو ڦلوري ته ڀلي پيو ڦلوري هاڻي ٺھيو ڪتي جي چٽڻ سان ڪو دريا ڪونه ٿو ڪنون ٿئي ماٺڙي ڪري کڻي ويهي رهون ڀلاهڪڙو جيڪڏھن لاھي پاهي کڻي بيهندو ته انهيء کي ڪري به ڇاٿو سگهجي هن ته مٺ کان مٿي لڻڻ شروع ڪري ڏنون هڪڙو هڪڙو ڪين جهڙو ڪسيرڪ نڪا هم نڪا تم اسان جي پاڪ دين تي گارين جي ڌم لايو بيٺو آھي هن ظالم ته بي سبب بي گناھ اسان جي اک ۾ ڪنڊو هڻي اسان کي بي اختيار رڙيون ڪرايون آھن بي خطارڙين ڪرڻ واري کي اينهين چئي سگهجي ٿو ڇا ته تو ناموزون ۽ نا معقول آواز ڇو ڪيا؟ ههڙا ههڙا سٺا سر ڪڍين ها رڙ جڏھن ته اختيار کان ٻاهر ۽ هڪ اضطراري ڪيفيت آھي ته پوء هنکي شايسته ۽ بايسته جي رنگ ۾ رڱڻ جون صلاحون ڏيڻ ۽ نشايد و نبايد کان ڪناره ڪشي جي تلقين ڪرڻ عقلمندي جي ابتڙ ناهي ته ٻيو ڇا آھي. پار ڪڊي روئيندڙين ۽ اوسارڻ وارين کي ڀيروي کي ڦٽايو پيون ياراڻي جي سرجون راڳڻيون برابر نٿيون ڳايو انهي قسم جي فني خامين تي انتباه ڪري سگهجي ٿو ڇا؟ هنن کي انهيء وقت موزون سر يا سرن جا تال ڪي ياد به هوندا آهن ڇا ؟ ...

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )