باب هي وري ٽي ( سنڌ سونهاري )
وحدت وجود جي لفظ سان اڄ ڪل جا ڪل منحوس دهريا مذاق ڪري رهيا آھن جنهن جي وجه هي هئي ته اسان جي شنمبڪٽو يعني جي ايم شيد يا شياد جيڪا بنڊ تي پانجاري ٻڌي هئي ۽ ڪتي کي ٻڪرو ثابت ڪرڻ ۽ ٻه ٻه کي بجائي چئن جي پنج بنائڻ جي جيڪا ناڪام ڪوشش ڪئي هئي سا بي ايماني ۽ سفيد چشمي جو هڪ نادر الوجود مثال آھي چي وحدت وجود مان مراد آھي وحدت اديان يا وحدت مذاهب هاڻي ڀلا ڇا ٿا چئو وحدت وجود جي معنيٰ وحدت اديان نه لغوي آھي نه اصطلاحي آھي انهي اکر جي اها معنيٰ ڪنهن صورت سان ٺھڪي ئي ڪا نه ٿي ڪيئن ٿا ڀانيو بنڊ تي پانجاري ٻڌڻ انهيء کي چئبو آھي يا اوها اڃان ڪا ٻي ڳالھ آھي
گوياڪه شياد صاحب فرمائي ويو ته دنيا جي ڪل مذھبن کي ڪٽي ڇاڻي سندن اصليت ختم ڪري مذھبن جي روح ۽ حقيقت کي مڻ ڪاٺين ۾ باھ ڏئي ساڙي ڪفر جي چاش ۾ ھلائي ملائي معجون مرڪب بنايو صبح شام انهيء مان ڳئون ماتا جي ڇيڻي جيترو وزن ڳيٽ ڏئي ڳڙڪايو
دنيا ۽ آخرت جي تباهي مردار ٿي جيئڻ ۽ مردار ٿي مرڻ لاء اهو طبعزاد ۽ صدري نسخو مجرب اڻگس تير بهدف ۽ منڊي تي ٽڪ آھي پيٽ ۾ پهچڻ شرط بدن ۾ بجلي وارو تاثير پيدا ٿي ويندو ۽ نهايت برق رفتاري سان دنيا ۾ ذلت خواري ۽ مڪمل تباهي جي اوڙاه ۽ آخرت ۾ جهنم جي آڙاه ۾ پهچائي ڇڏيندو اي الحاد پرستو توهان جي جي جناب جي ايم جو نسخو واقعي حيرت انگيز اثرات جو مالڪ ۽ نهايت قابل قدر آھي ترقي پسندن کي ڀلي نوش جان ڪرڻ کپي اهو طاغوتي ترياق انهن سڀاڳن کي بيشڪ سينبائيندو ڀانء پوندو .
.....
تبصرے