سيڪولرازم جو مڪمل تعارف
سیڪولرازم هڪ وسیع الارثر نظر یو آھي جيڪو پنهنجي معتقدین جي فڪر ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏي ٿو تصور ڪائنات یعني انسان جي ڪائنات ۾ مقام کان وٺي ڪري زندگي جي هر ہر پهلو جي باري ۾ سیڪولرازم تي یقین رکڻ وارن جا خیالات یڪسر بدلجي ويندا آھي ڇوته هي نظریو مسیحي یورپ جي دیني آمریت جي خلاف رد عمل جي طور تي پروان چڙھيو انهي لاء سیڪولر ماڻھن ۾ مذھب جي خلاف شدید نفرت ۽ عمومي بغاوت جو مزاج پیدا ٿي ويندو آھي اگر ڪنهن ڳالھ کي درست به سمجهندا هجن جيئن انهن کي معلوم ٿيو انهي ڳالھ جو سر چشمون مذهب جي تعلیم آھي ته هي انهي کان شدید بیزاري جو اظهار ڪندي انهي کي جنوني انداز ۾ مسترد ڪري ڇڏيندا آھن انهن جي اندر مریضاڻي عقل پرستي بلڪه الحاد پرستي جو نفسیاتي مرض پیدا ٿي ويندو آھي ذرو معتدل مزاج جا سیڪولر ماڻھون خدا جي باوجود سان ته انڪار نٿا ڪن مگر یوم آخرت جنت ۽ دوزخ جا معاملات انهن کي محض علامتي ڳالهيون لڳن ٿا جنهن جو حقیقت سان ڪو به تعلق ناهي (نعوذ باالله)
اهڙا ماڻھون اخلاقي بزدلي جو شڪار هوندا آھن هو کلي ڪري ڀبلڪ ۾ ته مذهب جو انڪار ناهن ڪندا ليڪن پنهنجي نجي محفلن ۽ سوشل فارم تي مذهب کي رجعت پسندي وغيره چئي ڪري پنهنجي ترقی پسندي جو اعتبار قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهندا آھن ۽ اهو موقف ڏيندا آھن ته مذهب جو اصل مقصد انسان دوستی آھي عبادتون ته انهي مذهب جي زمري اچن ٿيون جنهن مولوین مسخ ڪري رکيو آھي تاڪه هو پنهنجي پيٽ پوجا ڪري سگهن اهو موقف اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به نقلي صوفي ڌوتا آھن انهن کان به ملندو ۽ انهن جو مزهب صرف مولوين سان دشمني تي ٻڌل آھي ۽ انسان دوستي انهن جو اصل فريب آھي انسان دوستي جنهن جي لاء انگریزي ۾ ھیومن ازم جي اصطلاح مروج جو اهو مفهوم ڪڏھن به عوام جي سامهون قطعاً پیش ناهن ڪندا هیومن ازم دراصل "خداپرستي جي مقابلي ۾ انسان پرستي جو درس ڏيندي آهي سیڪولرازم ۾ دنیا پرستي ۽ ھیومن ازم ۾ انساني پرستي دراصل هڪ ئي فلسفي جا ٻه رخ آھن مگر سنڌ جا سیڪولردانشور پنهنجي مخصوص انسان دوستي جو سر چشمون شآھ عبدالطيف ڀٽائي سچل سرمت شاه عنايت ۽ انهن جهڙي ٻين صوفي شائرن جي تعلیمات ۾ وڏي فریب ڪاري ڳولھي ڪڊي وٺندا آھن ۽ انهن صوفیائي ڪرام سان ماڻھن جي انڌي عقیدت جو استحصال ڪندي بي حد غیر محسوس انداز ۾ لادینیت جو پر چار ڪندا رهندا آھن هن ملڪ خداداد عالمن کي هي سیڪولرافراد حقارت سان ملا ۽ اڄ ڪل انساني حقوقيون جي هڪ جدید سیڪولر نسل انهن کي "جنوني ۽ جھادي ملا وغيره جا القابات عطا ڪندي رهي ٿي انهن جي روشن خیال ذهن سان ترقي پسندانه گاريون وات مان گهوگھ ٿي اڏرڻ شروع ٿي ويندي آھي ملا کي ته انهن محض نالي جي طور تي استعمال ڪرڻون هوندو آھي ورنه انهن جو اصل هدف اسلام ئي هوندو آھي
تجربي خاطر توهان جڏھن به انهن ترقي پسندن درحقیقت ملحد سوچ جي تردید جي لاء قرآن و حديث جو حوالو ڏيندا ته هي سیڪولر ماڻھون بنا ڪو وقت ضائع ڪرڻ جي فتوی ڏيڻ شروع ڪندا ته جناب ڇڏيو هي سڀ ملا جي ڪارستاني آھي ملا اسلام جي من چاهی تعبیر ڪڊندا آھن ورنه اسلام ته روشن خیال لبرل ۽ بي حد ترقي پسند مذهب آھي
سیڪولرازم جي متاثرین جا مختلف درجات آھن سیڪولرازم هڪ فڪري سرطان آھي سر طان جي مرض متعلق هڪ ڳالھ ٻڌائي وڃي ٿي ته اگر هن کي ابتدائي مرحلي ۾ ڪنٽرول ڪري وٺجي ته هي مهلڪ ثابت نه ٿيندو مریض ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ زندہ رھندو ليڪن اگر انهي تي توجه نه ڏني وڃي ته پوء اچانڪ هن جون علامتون ظاهر ٿينديون آھن ۽ مریض آناً فاناً موت جي انڌي غار ۾ غائب ٿي ويندو آھي اهائي مثال معاشري کي لڳل سیڪولرازم جي سر طان ته به صادق اچي ٿي مغربي معاشرو پنهنجي تباهي جي آخري حد تي آھي اگر غور ڪيو وڃي ته انهي جو سبب سیڪولرازم جو سر طان ئي آھي
سیڪولرازم جي فتني جا شڪار هن وقت ڪافي اوهي مسلمان به آھن جيڪي پنهنجو پاڻ کي اسلامي مفڪر "سمجھڻ جي خوش فهمي ۾ به مبتلا آھن هي ماڻھون جنهن تي انهي مرض جو اثر اڃان ابتدائي منزل کان آڳتي ناهي وڌيو هي اسلام جي هر ڳالھ کي سيڪولر نقطه نظر سان پیش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن دراصل انهن تي جدیدیت جو دورو پوندو رهندو آھي شروع شروع ۾ جڏھن ڪنهن اسلامي مفڪر کي سیڪولرازم جو دورو پوندو ته هو جاويد غامدي ذاڪر نالائق طاهرالقادري عامر لياقت ۽ امر جليل جهڙي صورت اختیار ڪري وٺندو آھي اتي هڪ ٻي شخصيت به آھي جيڪا جيو نيٽورڪ ٽي وي تي اسلامي درس ڏيندي نظر اچي ٿي ۽ وري پنهنجي سوشل اڪائونٽن تي جيڪي درس تدريس جو ڪم ڪري پئي انهي ڊاڪٽر فرحت ھاشمي جي تعريف هڪ سيڪولرازم واري ملحد دين دشمن صحافي پاران تعريفي لفظ هئا سي پيش آھن ( میں تو عالمہ فرحت ہاشمی کا مداح ہوگیا ہوں
اسلام کو فقط سیکس ثابت کرنے میں کمال کی مھارت رکہتی ہیں
میں کہوں تو کافر، اور وہ عالمہ!
اور سیکس کے اتنے نوادر نسخے تو پورن موویز سے ملنا بہی ممکن نہیں جتنے محترمہ کے واعظوں میں موجود ہیں) سوچڻ جي ڳالھ اهڙن سيڪولر مفڪرن ماڻھن جي زهنن تي ڪيتري نه تباهي آندي هوندي جنهن جو رزلٽ توهان سوشل ميڊيا تي ڏسي سگهوٿا پڙھيل لکيل سمجهدار جيڪا بي حيائي واري پوسٽنگ ڪندي نظر اڇن ٿا پاڪستان جي ٻي سیڪولر طبقي ۾ وڏي تعداد اهڙي صحافین ۽ دانشورن جي آھي جيڪي یا قادیاني آھن یا قادیانیت جا زبردست حامي آھن انهن جا نالا مسلمانن مان آھن انهي لاء ناواقف ماڻھون انهن جي علم و حڪمت ۽ استدلال تان ڌوڪو کائي ويندا آھن شاید انهن جو مؤقف خالصتاً علمي تجزیي تي مبني آھي هي اسلام پسندن کي همیشه متعصب جنگجو تنگ نظر ۽ پنهنجو پاڻ کي روشن خیال غیر جانبدار ۽ ترقي پسند ظاهر ڪندا آھن
سیڪولرازم ۾ خدائي احڪام جي بجائي عقل جي تاویلات کي اهمیت ڏني ويندي آهي سیڪولرازم جي بنیاد ئي مذهب سان نفرت ۽ بیزاري تي مبني آھي
......
تبصرے