باب سرويچ يا سنڌ ويچ ( سنڌ سونهاري )

هوشوشو شيدي دو دو سومرو دريا خان دل سنڌ جا اوهي جانباز سرويچ وفادار فداڪار ۽ سپوٽ فرزند هئا جن جيجل سنڌ تان کلي ڪڏي سر گهوريا دشمن جي دولت هنن جو هنيون ته هرکايو جيستائين سندن سسي ۾ ساه هو تيستائين ڌارين کي سنڌ ۾ راڄ ڪرڻ نه ڏنون مئي کان پوء ميار ڪانهي اول الذڪر کان سواء پوين ٻن توڻي جو ڪاهيندڙ غنيم مسلمان هئا ته به تادم زيست هنن کي سنڌ ۾ سک جو ساه کڻڻ نه ڏنائون. افسوس هزار افسوس ته اهڙن سورهيه سرويچن جي وارثائي جي دعويٰ اهي سنڌ ويچ غدار ڪن ٿا جن سنڌ جو هڏ چم واڻين وٽ ويچيو آھي جيڪي سنڌ واسين کي پاڻ ۾ وڙھائي جيجل سنڌ جي ٻچاپيھ ڪري اهو ڪافر دشمن سنڌ تي مسلط ڪرڻ گهرن ٿا جنهن جهڙو خونخوار ۽ خون آشام ظالم سڄي روئي زمين تي نه ٿيو نه ٿيندو جنهن پنهنجي رعيتي مسلمانن تي ايڏا ته ظلم ڪيا جو ڪوبه انسان ڪنهن پاڻ جهڙي انسان تي ڪري نٿو سگهي به لحاظ اخلاق ۽ انسانيت جي تنزل جي اوڙاه ۾ ڪريل پر پاڻ کي ترقي پسند سڏائڻ وارا سانڃاھ ادب ۽ انسانيت کان مطلق عاري پر پاڻ کي اديب چوائيندڙ حقيقيت ۾ سنڌ جي ٻچي ٻچي جا ويري پر پاڻ کي سنڌ جا گهڻگهڙا ظاهر ڪندڙ ڀارت جا پگهار دار ۽ ايجنٽ ۽ جاسوس سنڌ جا نمڪ حرام سنڌ کي ڦاڙيندڙ ڀگهڙ پاڻ تي ٻڪرين جون کلون وجهي غريبڙا ۽ گگدامڙا بنجي سنڌين کي دلبا ڏيڻ لڳا آھن ته اڇو ته هوشو ۽ دودي دريا خان ۽ مير شير محمد خان جون ورسيون ملهايون اهڙن غازي مردن جون ورسيون مر ملهائجن پر اي سنڌ واسيو ياد رکو سنڌ جي سرويڇن لاء منعقد ٿيندڙ محفلن ۽ ميڙن ۾ دشمن اوهان جي محبوب مذھب جا دشمن اوهان جي اخلاق تهذيب ۽ روايات جا دشمن اوهان جي جيجل سڳوري سنڌ جون مقدس ۽ اڇيون چوٽيون دشمن ڪافرن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاء ھٿ پير هڻندڙ سنڌين کي نو نيرن ڏھ ڏاوڻين پندرهن پيندن ۾ جڪڙن لاء بد ارادي ۽ منافقت سان سنڌين کي اوڏا ايندڙ ۽ سندن اڳيان پڇ لٽڪائيندڙ اوهان انهن سان رلمل ٿيا ۽ اوهان انهن ڀگهڙن کي واقعي ٻڪريون سمجهڻ لڳا ته اوهان هڪ ته هوشو دودي ۽ دريا خان جي روحن کي رنج رسايو نه فقط انهن ٽن پر گويا اوهان سنڌ جي هزارن جانبازن سان جفائون ڪيون. ڇا سنڌين سنڌين جو احساس ئي مرده ٿي چڪو آھي ڇا هنن جي حواس خمسه کي برقرار رکندڙ اعصاب تي فالج ڪريو آھي بنگال جو ته آزادي جي نالي تي ٻيڙو ٻوڙيائون آزاد اهو ٿيو جو ٻن جابر طاقتن روس ۽ ڀارت جو غلام بنجي ويو ۽ ظلم جي اهڙي گهاڻي ۾ پيڙھجي رهيو آھي جنهن کي ڏسي دنيا جي ڪافرن جون دليون ڪنبي رهيون آھن هنن جون لڄون لٽجي ويون هنن جي پرده دار زالن جي وڪجڻ لاء رڍن ٻڪرين وانگر ڪلڪته ۾ باقاعده مارڪيٽ تيار ٿي وئي ڪارخانا ملون پٽجي کڄي ويون هنن جا ڪونڌر ڪسي ويا هاڻي وري وارو آيو آھي سنڌ جو ساڳيو نعرو آھي ساڳيون چالون آھن ساڳيا رنگ ڍنگ آھن ساڳي قسم جا ملعون سنڌ کي به ساڳي طرح سان تيلي ڏئي ساڙڻ لاء واجھ وجهي رهيا آھن هنن قوم پرستن کي ته وڏو سور اهو آھي ته پاڪستان ڇو ٺهيو؟ اڃان به وڏي کان وڏو سور اهو اٿن ته اسلام هن ملڪ ۾ آيو ڇو؟ اهي ٻئي سور هڪ ئي وقت ۾ پنهنجي دل مان ڪڍڻ ۽ پنهنجو هنيون ٺارڻ گهرن ٿا مسلمان وڙھي مري وڃن ملڪ تي ڪافر قابض ٿي وڃي پوء نه مسلمان رهيو نه اسلام رهيو اي سنڌ جا سياڻا تون انهيء چال کي اڃان به نٿو سمجهين ته پوء رب ڪا توکي سمجھ عنايت فرمائي واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. ....

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )