باب محسن ڪش ( سنڌ سونهاري )
ڪتو به جنهن جو کائي تنهنجو ڳائي پر انسان ٿي ڪري کائي پوء نه مڃي انهي انسان جي اڏوهي کاڌل سرو لڳل کان به ڪا وڌيڪ ذليل فطرت آھي پوء چئبو ته اهو انسان ڪمينائي ۾ ڪتي کان به ڪي رتيون ڪسر آھي پوء چئبو ته هو ٻن پڇن وارو ڪتو آھي يعني هڪڙي پڇ واري ڪتي کان وڌيڪ سنڌ جي سياسي پيرن ۽ سياسي سيدن کي رب پاڪ اڃان به وڌيڪ عظمتون ۽ رفعتون نصيب فرمائي سنڌ جو ڪوبه منصف مزاج پير يا سيد ايهين هرگز نه چئي سگهندو ته سندن وڏن ڪمايون ڌنڌا ڪري ملڪيت ٺاهي يا واپار وڙا ڪري مايا ميڙيائون يا بليڪ مارڪيٽ يا سمگلنگ مان ڌن ڌڻي ٿيا يا رشوتن مان سندن اڳيان رپين جون راهون ٺهي راس ٿيون بلڪ حقيقت هيء اهي ته انهن بزرگن جا عملي ۽ روحاني ڪمالات عرب ملڪن ۾ ايڏي آب وتاب سان چمڪيا جو انهن جو عڪس ۽ اُھاء ۽ هنن جي خوشبو جو عطر بيز هڳاء اڍائن هزارن جي ڏورانهين پنڌ تان سنڌ ۾ چٽو ڏسجڻ ۽ شامه نواز ٿيڻ لڳو قدر شناس سنڌين انهن گران مايه گوهرن کي ڪن حيلن وسيلن سان سنڌ ۾ آندو ۽ انهن کي وڏيون جائدادون ۽ جاگيرون ڏئي سنڌ ۾ رهائي وهاري انهن هيرن کي سنڌ جي تاج تي هميشه لاء جڙي ڇڏيو سنڌ وارن انهن کي ڇو آندو؟ انهيء ڪري ته سنڌ وارا مسلمان ٿي چڪا هئا مسلمان انهي ڪري ٿيا ته غازي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري سنڌ ۾ پکڙيل ڪفر جي هولناڪ ظلمتن کي سراپا نور ۽ روشنائي بنائي سنڌين کي مسلمان ڪيو اڄ سنڌ جا سيد ۽ پير جيڪي مائٽن جي ڇڏيل اڻ مين ملڪتين مان الوليون ڪري رهيا آھن اهي هنن کي اڻ سڌي طرح سان يا بلواسطه غازي ابن قاسم جي محابي مليون آھن ابن قاسم سنڌين کي اسلام جي نعمت عظميٰ ۽ دولت ڪبريٰ سان نه نوازي ها ته سيدن پيرن جون حدون سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ملڪيتون ته ڪٿي رهيون پر سيدن پيرن جو هن ملڪ ۾ پير پائڻ جو به ڪو امڪان ڪونه هو.
سوچڻ جي ڳالھ آھي اگر سنڌ ۾ ڪفران ئي ڪفران هجن ها جي ايم اوڏ جهڙن جا سيد ۽ بشير قريشي جھڙن جا خاندان سنڌ ۾ ڪٿان کان اچن ها جي ايم اوڏ جي جهڙي سيد ۽ بشير قريشي جهڙي ڪاسائي خاندانن کي هڪ هڪ گراه کائيندي حضرت غازي ابن قاسم رحمته الله عليه جا گيت ڳائڻ کپن جنهن توهان ۽ اسان جهڙن کي سنڌ ڏيکاري جنهن جي محابي اسين سنڌ جي جاگيرن جا مالڪ بنياسين جنهن اسان کي سنڌ جي ماڻھن جي دائره محبت جو مرڪزي نقطو بنايو اڄ اسين سنڌ جي ماڻھن واتان گهوري گهوري ۽ صدقي صدقي جون صدائون سڻون ٿا اڄ اسان جي اڳيان هزارين سنڌي جانباز سربڪف آھن ۽ اسان جي هڪڙي اشاري تي باھ جي مچ ۾ ٽپي پوڻ لاء تهدل سان تيار اهي احسان في الحقيقت الله سائين جا پر ظاهري طرح سان رب پاڪ اسان تي اگي ڀلايون ۽ ڀال پنهنجي محبوب ماڻڪ موتي لعل لاکيڻي لڄپال حضرت ابن قاسم جي هٿان ڪرايا حقيقت ۾ پاليندڙ رب ظاهري طرح سان امان ابي پرورش ڪئي ته سندن ڪيڏا نه احسان ثابت ٿي ويا اهڙي طرح سان ابن قاسم جي احسانن جو به شڪرانو واجب آھي ڪو سيد يا پير ڪو مير سندس کائي پوء نه مڃي ته هو پنهنجي خانداني شرافت ۽ نجابت کي ٽڪو ٿو لائي اڄ ڪو سيد يا قريشي ڪو پير ڪو مير ابن قاسم سان عداوت ٿو رکي سو غدار احسان فراموش ۽ محسن ڪش آھي جڏھن ته حيوان به احسان کي مڃي ٿو ۽ توهان انسان ٿي ڪري عداوت ٿا رکو توهان جي انسانيت اڳيان ته حيوانيت به شرمسار آھي سيدن پيرن ميرن کان علاوه ڪل سنڌ جي مسلمانن تي ابن قاسم جا اڻ ميا احسان آھن ابن قاسم هنن کي الله ڏيکاريو ابن قاسم هنن کي رحمته اللعالمين رسول سان روشناس ڪيو ابن قاسم هنن کي دنيا جي عظيم ترين نعمت اسلام انعام فرمائي ابن قاسم هنن کي ڪفر ۽ جهالت ۽ درندگي ۽ توهم پرستي جي اونهي اوڙاه مان ڪڍي علم اخلاق تهذيب ۽ جمله چڱاين جي اُفق اعليٰ تي پهچايو. غازي ابن قاسم جو سنڌ مان وهايل نور ايماني جو مهراڻ هيٺاهين کي ڀري مٿي چڙھي هماليه جي چوٽين تي موجون مارڻ لڳو غازي ابن قاسم ۽ سندس قدر شناس سنڌين تي رب جون رحمتون نازل ٿين شال ۽ سندس نه مڃيندڙ محسن ڪش مردودن جي ڪنڌ ۾ شال ڦٽڪار ۽ ڪوار جا ڪنڍلاپون ٻيو ڪل خير.
......
تبصرے