اشاعتیں

جولائی, 2019 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

تصویر
جيجل ڪير : ڇا سنڌ ڌرتي واقعي اسان جي ماء آھي ؟ حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( جيجل ڪير ) حديث پاڪ ۾ اجي ٿو ڪو ماڻھو چاليھ ڏينهن مدينه طيبه ۾ رهيو ته اهو مدني آهي قرآن پاڪ ۽ حديث جو هر حڪم قانون فطرت آھي جنهن ۾ تبديلي نا ممڪن آھي ڪنهن ملڪ ۾ گهڻون وقت رهڻ سبب بتدريج اڳوڻون رت ۽ گوشت وقت جي گزرڻ سان تحليل ٿيندو رهي ٿو ۽ انهيء ملڪ جي ماني پاڻي ۽ ٻين غذائن مان تيار ٿيل رت ۽ گوشت بطور بدل مايتحلل جي انهيء جي جاء وٺي ٿو جڏھن اينهين آھي ته پوء لامحاله گهڻون وقت رهيل اهو ماڻھو گوياڪ انهيء ملڪ جي غذائن جو حاصل ۽ لب لباب ۽ اتي جو وطني باشندو ۽ انهيء جيجل زمين جو فرزند دلبند ٿي ٿو وڃي هاڻي نظر ڪريو انھيء قانون فطرت جي روشني ۾ مهاجرن تي مهاجرن مان هڪ ته پاڪستاني ۽ نوجوان طبقو آھي جيڪي ڄاوا نپنا جيجل سنڌ جي هنج ۾ آھن هنن کي ڄمڻ شرط جيڪا تارون تي لڳائي وئي سا سنڌ جي ماکي هنن کي جيڪو دڪو کارايو ويو سو سنڌ جو مکڻ هنن جيڪا ٿڃ پيتي سو سنڌ جي غذائن مان ٺھيل رت مان تيار ٿيل کير هنن جو سڄو وجود سنڌ جي پيدا ٿيل پاڪ غذائن ۽ سنڌو...

باب سنڌ جي سوکڙي ( سنڌ سونهاري )

سنڌ جي سوکڙي , جناب جي ايم صاحب اسانجي سونهاري سنڌ جي سوکڙي کي ڦولري ڏسون ۽ تجزيو ڪري معلوم ڪريون ته انهيء هڙ ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڙ ويڙھيل آھن ۽ انهي جي تهن مان ڪهڙا ڪهڙا تحفا برآمد ٿين ٿا زعفران يا ٿوم مشڪ ۽ عنبر يا هنڱ ڦوٽا لونگ يا نموريون ۽ گگريون لعلون ۽ موتي يا ڪچ ڪوڏيون ۽ ڪيڪڙا ڳاڙھو سون يا ڪارا ٺڪر يعني ته سندس ارڪانن جو اونهون اڀياس ڪري ڏسون ته موصوف ماڻھو سلڇڻون سپوٽ لائقن ڀريو ۽ ڳالھ ڳت جهڙو آھي يا ماڳهين ڪو نسڏو بنهن ڪو ڏاميچ ۽ فتنتي شرارتي صفا ڪو ويل آھي,

باب , ممون ( سنڌ سونهاري )

هو مچي مهوڙ ٿي ممڙا بنجي ويندا پر خدا جي واسطي عالم اسلام جي غوثن قطبن ۽ عام اوليائن تي اها ناپاڪ تهمت نه ڌر ڪهڙي اوليا چيو آھي ته اسلام جي اها دعويٰ ته اسلام حق ٻيا مذھب ڪل باطل اها دعويٰ معاذالله ڪوڙي آھي ۽ ڪفر جا ڪل مذھب حق تي هو ته پوء اسلام آيو ڇو ؟ حضور صلي الله عليه وسلم سان ڪافرن ڇو جنگون جوٽيون ؟ 13 سال مڪي ۾ کين ۽ سندن جانثارن کي ڇو عذاب ڏنا ۽ مديني پاڪ وارن ڏھن سالن ۾ باربار حملا ڇو ڪيا؟ ڇا ڪو ملڪيت تان تڪرار هو؟ ڇا اختلاف اوطان ۽ ديسي پرديسي يعني سنڌي ۽ پناهگير جو مسئلو نزاع شقاق ۽ افتراق جو باعث بنيو هو؟ ڇا ٻنهي ڌرين جو وطن ٻيو هو؟ جيڪڏھن نه ۽ ھرگز نه بلڪه اسلام جي احقاق ۽ سربلندي ۽ ڪفر جي بطلان ۽ نگو نساري لاء اٺاويھن مدافعله معرڪن ۾ محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڻ بذات خود شامل ٿيا جن مان نون معرڪن ۾ ته باقائده جنگيون به هليون جن ۾ جيڪڏھن هڪ طرف هزارين مرون مردار ٿيا ته ٻي طرف سندن محبوب اصحابين به وڏي تعداد ۾ پنهنجي پاڪ خون سان اسلام جي وڻ جي آبياري فرمائي ڪفر حق هو ته اها ايڏي ڪشت و خون ڇو ۽ ڇالاء ؟ جڏھن محبوب رب العالمين صلي الله عليه وسلم پاڻ ڪفر جو ڪرنگهو ڀڃڻ لاء...

باب هيء وري ٽي ( سنڌ سونهاري )

هيء وري ٽي : رد الحاد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( هيء وري ٽي ) وحدت وجود جي لفظ سان اڄڪل جا ڪل منحوس دهريا مذاق ڪري رهيا آھن پر اسان جي شنمبڪٽو يعني جي ايم شيد يا شياد جيڪا بنڊ تي پانجاري ٻڌي آھي ۽ ڪتي کي ٻڪرو ثابت ڪرڻ ۽ ٻه ٻه کي بجائي چئن جي پنج بنائڻ جي جيڪا ناڪام ڪوشش ڪئي آھي سا بي ايماني ۽ سفيد چشمي جو هڪ نادر الوجود مثال آھي چي وحدت وجود مان مراد آھي وحدت اديان يا وحدت مذاهب هاڻي ڀلا ڇا ٿا چئو وحدت وجود جي معنيٰ, وحدت اديان نه لغوي آھي نه اصطلاحي آھي انهيء اکر جي اها معنيٰ ڪنهن صورت سان ٺهڪي ئي ڪانه ٿي ڪيئن ٿا ڀانيو,بنڊ تي پانجاري ٻڌڻ انهيء کي چئبو آھي يا اوهان اڃان ڪا ٻي ڳالھ آھي, گوياڪ شياد صاحب فرمائي ٿو ته دنيا جي ڪل مزهبن کي ڪٽي ڇاڻي سندن اصليت ختم ڪري مذهبن جي روح ۽ حقيقت کي من ڪاٺين ۾ باه ڏئي ساڙي ڪفر جي چاش ۾ ھلائي ملائي معجون مرڪب بنايو صبح شام انهيء مان گئو ماتا جي ڇيڻي جيترو وزن ڳيت ڏئي ڳڙڪايو, دنيا ۽ آخرت جي تباهي مردار ٿي جيئڻ ۽ مردار ٿي مرڻ لاء ايهو طبعزاد ۽ صدري نسخو مجرب اڻگس تير بهدف ۽...

مثال ٻيو ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري (سنڌ سونهاري )

مثال ٻيو ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري : جي ايم شاه جي ڪفرياتي گند رکندڙ ڪتاب جيئن ڏٺّو آ مون جو رد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( باب مثال ٻيو ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري ) جي ايم جي وزارت جو دور ته تکي واء وانگر مسلمان قوم جي مونھن تي ٻڪن جا ٻڪ ڌوڙ وسائيندو شوشاٽ ۽ زونزاٽ ڪندو تڪڙو تڪڙو مٽي ويو پر سندس تڪ جا تڪ نر جا ووٽر اليڪشن ۾ وري کيس ڪامياب ڪندا آيا ميمبري جي دور ۾ موصوف ڪھڙا ڦاڙھا ماريا ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا ڪهڙا قابل ستايش ڪارناما سر انجام ڏنا سي سنڌ جا ماڻھو ڄاڻن ٿا ته ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري ڌاران ڀل چمڪ ۾ به ڪو چڱو ڪم وٽائنس سرزد نه ٿيو کاھے بہ غلط ھم سوئی مقصود نرفتہ گویا رہ آوارہ گیش راھبری داشت جيڪا وزارت ٺھندي هئي انھيء جي ڊاھڻ لاء سندرا ٻڌي پٺيان پوندو هو لڌڙو به ڪنهن وڏي واه جي ويھ فوٽ ويڪري ۽ ڄميل بند کي سوراخ ڪري نيٺ گهاري وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آھي چوندا آھن ته شينهن جي پٺيان به ڦيڪاري چڱي ناهي ميسڙو ماڻھو هونئن به خطرناڪ ٿيندو آھي سو سن جو سانئين به پنهنجي مام ۾ جنهن وزارت جي ديوار جون پاڙون کوٽڻ لاء رات ڏينه...

باب فراڊ ۽ ڌوڪي بازي ( سنڌ سونهاري )

فراڊ ۽ ڌوڪي بازي , عهد حاضر جا ملحد ۽ منڪر انتهائي بيحيائي سان مالڪ الملڪ جي محبت ۾ مست ۽ مدهوش عاشقن جي عجب جهڙي اکر ´ همه اوست کي مروڙي سروڙي عوام جي سطحي ۽ مٿاڇري کي ڏسندڙ ذھن ۽ نظر سان ڌوڪي بازي ڪري باري تعاليٰ و تقدس جي ذات ستوده صفات کان انڪار جي معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪري پنهنجي مسخ ٿيل فطرت جو مظاهرو ڪري رهيا آھن چون ٿا ته بزرگن جيڪو چيو آھي ته تون به خدا آئون به خدا هر شيء خدا انهيء جي معنيٰ ايها آھي ته ايهي ئي دنيا جون ڪل شيون خدا آھن ۽ مٿيون خدا جيڪو سڀ جو خالق ۽ مالڪ آھي سو ( معاز الله ) آھي ئي ڪون الله جي محبوب بندن فرمايو هوته اسين ۽ دنيا جون ٻيون ڪل شيون آھن ئي ڪون ڪابه شيء ڪجھ به ناهي فقط خالق تعالٰي آھي فقط اوهو مٿيون خدا آھي ٻيو ڪجھ به ڪونهي هن وقت جا معلون ملحد چون ٿا ته خدا آھي ئي ڪون خالق پاڪ جو وجود ئي ڪونهي ٻيو سڀ ڪجھ آھي سڀڪا شيء ازخود پيدا ٿي آھي ۽ ايهي ئي دنيا جون شيون خدا آھن هو چون ٿا ته مٿيون خدا تحقيق آھي هيٺ دنيا ۾ ڪجھ ڪونهي هي چون ٿا ته مٿيون خدا آھي ئي ڪون هيٺ دنيا ۾ سڀ ڪجھ آھي ۽ دنيا جي سڀڪا شيء ثابت آھي ´ بين تفاوت ره ڪجاست تابڪجا...

وحدت الوجود جو مسئلو واڳن جي وات ۾ ( سنڌ سونهاري )

وحدت الوجود جو مسئلو واڳن جي وات ۾ : رد السفاد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( وحدت الوجود جو مسئلو واڳن جي وات ۾ ) الله جله شانه جي انوار ۽ تجليات جو پرتو جڏھن سالڪ جي خون جي قطري قطري کي رشڪ آفتاب بنائي ٿو تڏھن سالڪ پاڻ کي بلڪ ڪل ڪائنات کي ۽ ڪائنات جي هر ذري کي بقعئه نور پسي ۽ پر جهي ٿو ۽ انوار ايزديء ڌاران توڻي جو غائر نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري هنکي ڪابه شيء نظر نٿي اچي جيئن سڄ جي اڀرڻ بعد اگرچه تارا في الحقيقت موجود آھن پر ڪو ماڻھون بصيرت کان قطع نظر ڪري پنهنجي بصارت جي فيصله مطابق جيڪڏھن چوي ته تارو ڪوبه ڪونهي رڳو سڄ ئي سڄ آھي ته انهيء جو اهو قول من وجه سڇو آھي بلڪل اهڙي طرح انهي خاص وقت ۾ جڏھن سالڪ سواء تجليات ايزدي ۽ انوار سرمدي جي ڪانه شيء نٿو ڏسي تڏھن پنهنجي وجود ۽ وڻن ٽڻن جانورن پکين جاين جبلن وغيره وغيره جي وجود ۽ ھئڻ کان نابري بيهي ٿو ۽ انهيء مدهوشي ۽ حالت سڪر ۾ چئي ٿو ڏي ته ´ همه اوست هي به خدا هو به خدا آئون به خدا تون به خدا سڀ پاڻ ئي پاڻ ۽ خدا ئي خدا آھي سندس ڌاران ٻيو ڪجھ به ڪونهي لهار لوھ ک...

مرتدن ۽ اسلام کان ڦرندڙ جو انجام حديث شريف

︽︽︽︽︽ حديث شريف︽︽︽︽︽ مرتد ۽ دین اسلام کان ڦرندڙن جو انجام حَدَّثَنَا أَبُو النُّعْمَانِ مُحَمَّدُ بْنُ الْفَضْلِ حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ زَيْدٍ عَنْ أَيُّوبَ عَنْ عِکْرِمَةَ قَالَ أُتِيَ عَلِيٌّ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ بِزَنَادِقَةٍ فَأَحْرَقَهُمْ فَبَلَغَ ذَلِکَ ابْنَ عَبَّاسٍ فَقَالَ لَوْ کُنْتُ أَنَا لَمْ أُحْرِقْهُمْ لِنَهْيِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَا تُعَذِّبُوا بِعَذَابِ اللَّهِ وَلَقَتَلْتُهُمْ لِقَوْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ بَدَّلَ دِينَهُ فَاقْتُلُوهُ ابوالنعمان محمد بن فضل، حماد بن زید، ایوب، عڪرمه کان روایت ڪن ٿا حضرت علي ڪرم الله وجيه الڪريم وٽ زنادقه آندا ويا ته انهن کي حضرت علي ڪرم الله وجيه الڪريم ساڙي ڇڏيو، حضرت ابن عباس رضي الله عنه کي جڏھن اها خبرملي ته چيون اگر مان هجان ته انهن کي نه ساڙان ها، انهي لاء ته رسول الله صلي الله علیه وسلم انهي کان منع فرمایو بلڪه مان انهن ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيان ها انهي لاء ته رسول الله صلي الله علیه وسلم فرمایو ته جنهن پنهنجو دین بدلائي ڇڏيو هجي انهي کي قتل ڪري ڇڏو۔ (صحیح ...

باب ڪافر ڇو ؟ ( سنڌ سونهاري )

ڪافر ڇو ؟ : جي ايم شاه جي ڪتاب جيئن ڏٺّو آ مون جو رد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( باب ڪافر ڇو ؟ ) (1) نماز روزه حج زڪوات جو ترڪ ڪرڻ گناه ۽ انهن جي فرضيت کان انڪار ڪفر آھي جي ايم شيد پنهنجي رسوائي عالم ڪتاب ( جيئن ڏٺو آ مون ) ۾ دين جي انهن چئني ٿنڀن جي فرضيت کان مسلسل انڪار ڪندو ۽ انهن کي مسلسل دور جاهليت جا يادگار ۽ فرسوده رسمون لکندو آيو آھي (2) قرآن پاڪ جي هڪ آيت جي به ڪلام الاهي هئڻ کان انڪار ڪفر آھي جي ايم سڄي قرآن جو منڪر آھي هو باربار قرآن پاڪ کي پراڻن مزهبن مان ڳڏ ڪيل ناڪاره مواد ۽ قديم قومن جي رسمن رواجن ۽ توهم پرستين جو واهيات مجموعو لکندو ويو آھي ۽ ھنڌ ھنڌ اهو تاثر ڏئي رهيو آھي ته قرآن خدا وند تعالي جو موڪليل نه پر پيغمبر پاڪ جو هٿرادو ۽ جڙتو ٺاهيل ڪتاب آھي (3) اسلام جو سارو دارو مدار آخرت تي آھي آخرت ۽ اخروي زندگي تي ايمان آڻڻ اسلام ۽ اُخروي زندگي ( قيامت دوزخ بهشت ) کان انڪار ڪفر آھي جي ايم شيد نه فقط انڪار پر قيامت دوزخ بهشت تي ٽوڪون چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪندي پنهنجي ڪتاب کي توڙ پڄايو آھي (4...

هر دلعزيز هيمون (سنڌ سونهاري )

هر دل عزيز هيمون : مسلمان توجه سان پڙھن حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار . ( هر دلعزيز هيمون ) ترقي پسند اديبن جو گروه گهڻي پيار ۽ محبت مان اڄڪل پنهنجن پٽن تي نالو هيمون رکي رهيو آھي هيمون جهڙو سنڌ جو سپوٽ ٻيو ڪير هيمون جهڙي لاکيڻي لعل کي لانجهو ڪير چوي ڪو چئي به ڏسي هيمون ڪلياڻي ڪون سڏائي سنڌ جيجل ماء ڏيا واري ڏھيسر يعني راجا ڏاهر کان پوء انهيء ھر دلعزيز هيمون کي جنم ڏنون جنهن سنڌ جو ڳاٽ اونچو ڪيو جنهن پاڻ کي سنڌ جو ڪوه نور هيرو ثابت ڪيو جو هڪڙي ئي ڪارنامي سان سنڌ جي ڪروڙن ڪٽ مست جوانن کان ڪسر کڻي ويو ريل ڪرائي وجهي ها ته, ته ڪا ڳالھ ئي اور هئي انگلينڊ جي برن بازارن ۾ تهلڪو مڃي وڃي ها, ڇيمبر لين منجھ اونڌو ڪري پنهنجي گهر وڃي سمهي ها, ۽ جوء سالن تائين سور پيو روئي ها پارليامنٽ جا منمبر پار ڪڍن ها ۽ مٿو پٽين ها, ملڪه ايلزيبٿ جون بلو آئيز وسندي وسندي سانوڻ جي بادلن جون سڪون لاهين ها ايلزيبٿ ڏسڪي ڏسڪي چپ ڏڪائي ڏڪائي نڪ مان وهندڙ سنگهون ايپران جي داون سان اگهندي اگهندي هنطرح اوساري هاته الاس الاس اور واڻياز ائنڊ اور واڃان...

جنرل ضياء الحق جو جي ايم شاه تي ڪيل هڪ ٿورو

تصویر
جنرل ضياء الحق جو جي ايم صاحب تي ڪيل ٿورو ,,,, , وڏي عجيب جهڙي ڳالھ آھي جڏھن توهان جي ايم شاه جي چيلن ترقي پسندن ۽ قوم پرستن کي پنجابي خلاف نفرت ڪندي ڏسو ٿا ليڪن هي تصوير جو صرف هڪ رخ آھي حقيقت بلڪل انهي جي خلاف آھي 1977/78 ۾ ڀٽي کي ڦاهي چاڙھڻ ۽ مارشلا لڳائڻ بعد جنرل ضياء الحق جي لاء سڀ کان پهرين پي پي کي صفحه تان مٽائڻو هو انهي لاء هن پهرين اهڙي ماڻھن کي خريد ڪري استعمال ڪيو جيڪي پي پي جا مخالف هئا ايم ڪيو ايم جو وجود ۾ آڻڻ به انهيء سلسلي جي هڪ ڪڙي هيو اهي تمام سياسي خريد فروخت ۽ جي ايم جهڙن جو ٽڪي ٽڪي ۾ وڪامڻ پنهنجي جائي تي اهو منهنجو موضوع ناهي ليڪن اڄڪل جا جيڪي ترقي پسند قوم پرست ضياء الحق ۽ پنجابين خلاف جيڪا بڪواس ڪندا رهن ٿا انهي حقيقت کي هڪ طرف رکندي ته جي ايم شاه تي جنرل ضياء الحق جو وڏو احسان آھي ورنه اڄ جي ايم شاه جي عزت مسلمانن ۾ ھڪ ٽڪي جيتري به ڪون هجي ها ۽ مسلمان پنهنجي اولاد کي اسڪول موڪلڻ,کان اڳي نصيحت ڪن ها ته ٻچا متان سن واري جي چيلن جي چڪر لڳي پنهنجو ايمان وڃائي ويهي نه رهين ڇوته جي ايم شاه پنهنجي بدنام زمانه ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون لکي جيڪا آھسته آھسته مسلمانن تڪ په...

باب باندر زادا لنگور پوٽا ( سنڌ سونهاري )

باندر زادا ۽ لنگور پوٽا :   جي ايم شاه جي ڪفرياتي گند رکندڙ ڪتاب جيئن ڏٺّو آ مون جو رد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( باب باندر زادا ۽ لنگور پوٽا ) پير زادا امير زادا مخدوم زادا نواب زادا صاحبزادا شهزادا حلال زاده ۽ حرام زادا , اهڙي طرح سان بادشاه پير پوٽا جهانيان پوٽا هاليپوٽا پليء پوٽا وغيره وغيره ذاتيون اڳيئي هيون پر وينهين صدي ۾ زادن ۽ پوٽن جون ڪيتريون ئي نيون ذاتيون باندر زادا لنگور پوٽا وغيره نالن سان وڏي آب تاب ۽ طمطراق سان نروار ٿيون آھن, هو ڊارون ٿيوري جا قائل آھن هو چون ٿا ته ڪو پاڻي جو پونئرو لکين سال نسلا بعد نسل ترقي جون منزلون طئي ڪندي ڏيڏر ٿيو پوء ڪڇون ٿيو پوء بلا ٿيو پوء نانگ ٿيو پوء ڳڏھ ٿيو پوء انسان ٿيو , هو چون ٿا ته اوهي انسان اسين آھيون ايهي پوئنرن ڏيڏرن ڪڇن نانگن ٻلن ڪتن ڀولڙن باندرن جا فرزندان گرامي اڄڪل ترقي پسند الحاد پرست سرخا دهريا ڪميونسٽ وغيره نالن سان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان گزاري رهيا آھن , هنن کي هلڪي ذات وارا هرگز نه سمجهو هو ڪمذات ناهن هو ڪنهن گهرا...

باب جي ايمڙي جو اڳيون ( جوڻ سنڌ سونهاري )

 جي ايم شاه جي ڪفرياتي گند رکندڙ ڪتاب جيئن ڏٺّو آ مون جو رد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي ماياناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( باب جي ايمڙي جو اڳيون جوڻ ) جي ايم پنهنجي ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون جي پهرين صفحي ۾ پيش لفظ جي عنوان سان وڏي ڪرفر سان رقمطراز آھي ته : عهد شباب ۾ مون روزا رکيا نمازون پڙھيون وعظ ڪيا ماڻھن کي زوري نمازون پڙھايون يارهيون ۽ عرس ڪيا بزرگن کان طريقت جا سبق پڇيا ۽ وڏي جهد سان پڪا ڪيا تهجد پڙھيم وغيره وغيره, يعني هرحال حاضر جو ملحد ۽ زنديق جواني ۾ ڪو پهتل بزرگ هو, جيڪو اڄ ٽڪو به نٿو لهي سو ڪنهن وقت ۾ سوا لک کان به ٻاٽي رپيا مٿي هو گهٽ ڪونه هو هي جيڪو سنڌي ۾ چوندا آھن ته (1) کرڻ جي مند ڪانهي (2) بڇڙائي پٽ ۾ پئي آھي جڏھن ڪو کڻي (3) اڇي ڏاڙھي اٽو خراب (4) جيڪو اڇن ۾ کري سو ڪنهن تان به نه ٽري اهي ۽ انهي قسم جا ڪل پهاڪا گوياڪه جي ايم صاحب جي ذات والا صفحات تي حرف بحرف سچا ثابت ٿي چڪا آھن ورنه هو ته اڳ ۾ ڪو سلکڻون سپوٽ سياڻو سڀاڳو سدورو سون ورنون لائقن ڀريو لاکيڻون سدا سگهڙ ۽ سنگهار هو يار قضا سان ڪتي اٽو کائي وئي ليکي جو ليک غالب ٿي ويو ...