سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )
جيئن ڏٺو آ مون ڪتاب جو رد سنڌ سونهاري
اڄ ڪل جا ترقي پسند صاحبان مارئي سهڻي سسئي ۽ ٻين اهڙين سراپا عفت و عصمت نياڻين جي نالي سان ماهناما ڪڊن ٿا ۽ سوشل اڪائونٽ هلائن ٿا جن تي اول ته بي حيا بي شرم آواره گرد آبرو باخته عصمت فروش ۽ وارياسي واري رنن جا اڌ اگهاڙا فوٽو ڇاپيل ۽ انهن اندر به انهي قسم جي لونڊي باز لنڊين جا معاشقا ۽ بي حيائي جا ڪارناما وڏي آب تاب طمطراق ۽ روح رسڪائيندڙ انداز سان پيش ڪيل هوندا آھن انهي لاء ترقي پسند صاحبان کي عرض ته اهو سڀ ڪجھ توهان ڀلي ڪريو اھڙا رسالا اهڙا سوشل اڪائونٽ پيج گروپ چينل ڀلي هلايو پر خدا جي واسطي اهڙن رسالن اهڙي سوشل اڪائونٽ پيج گروپ چينل تي مارئي سهڻي ۽ سسئي جا نالا لکي انهن پاڪباز نياڻين جون لويون نه لڄايو انهن جي کير جهڙن اڇين ۽ صاف شفاف شالن کي ڪني گٽر ۾ لوئي وهائي نه ڇڏيو اهڙن رسالن اڪائونٽن پيجن گروپن چينلن جا بيحد موزون مناسب ٺھڪندڙ نالا ماڌوري شري ديوي ماروي سرمد عرفانه ملاح وغيره بي ملها ملي سگهن ٿا اهڙا نالا هئڻ گهرجن ۽ انهيء سان ڳڏ اهڙا فوٽو اهڙا ويڊيو ۽ اهڙيون تحريون به هجن پوء لوفر ۽ ڦڙٻاٽي قسم جا سريلا ڇورا اهڙي مواد تي سو روپيه گهوريندي به دير ڪانه ڪندا معاشرو بگڙيو بد اخلاقي وڌي ڇورا کري بڇڙا ٿي نه دين جا رهيا نه دنيا جا ته اوهان جي آڱوٺي کي سور اوهان جا پئسا کڙا ٿيا نوٽن جون ٿهيون انهيء ريت اوهان جي کيسن ڏانهن ڇڪجي آيون وڏي ڳالھ ته انپر اوهان سنڌي ادب جي ۽ سنڌ سونهاري جي قابل خدمت انجام ڏني شال جيو بچو ۽ خوش رهو
جيڪاعورت پنهنجي هڪڙي سرتاج ساهڙ لاء پنهنجو سر سونهن ۽ جمله ظاهري ۽ باطني صلاحيتون سو سو بار صدقو ڪندي ڄمار گذاري ٿي ۽ هن ڪوڙي دنيا ۾ پنهنجي رفيق حيات جي گهر کي بهشت جو نمونو بنائي ٿي ڇڏي ۽ هن جي نظر ۾ مرد ڪو اهوئي هڪڙو خداجو خلقيو آھي هنجو تصور به ٻئي ڪنهن مرد جي تصور ۾ اچڻ کان پاڪ آهي سا اوهانجي اصطلاح موجب قدامت پسند اڻ ڄاڻ ۽ وحشيانه دور جي يادگار آھي ۽ جيڪا عورت سڀڪنهن سندي آھي پنهنجي ۽ سڀڪنهن اوي سوي ۾ فرق ڪرڻ سکي ئي ڪان آھي سڀڪنهن وڻ جي ٽاري تي ويهي بلبل ۽ ڪوئل وانگر مٺيون لاتيون لنوڻ ھنجو محبوب مشغلو آھي هوء هر ڪنهن جي هٿ جو رومال ۽ منهن اگهڻ جو ٽوال ۽ جتي وانگر هر ڪنهن جي پيرن ۾ پامال آھي اوها ترقي پسند آھي
اها سگهڙ ۽ سلڇڻي آھي جنهن ڪنواري هوندي اوپٽو ماڻھن جي امداد سان ٻار ڄائو ۽ کلم کلا ڪڇ ۾ کڻي گهمايو ۽ وڏي ڳالھ ته هن جو نالو هيمون ڪلياڻي رکيو اوها ته بنهن ڪا عظيم عورت آھي ترقي پسند ڏسبو ته هن جي نالي تي پيا نثار ٿين هن جيڪو نسواني عزت ۽ وقار کي ڌوڙ ۾ ڌري ذلتب ۽ رسوائي جو طوق ڳچيء ۾ پاتو آھي اوهو اوهان جي نظر ۾ نو لکو هار آھي اوهان اکرن جون معنائون ڦيرائي ڇڏيون ڪنڃري ڳائڻي قحبه جو نالو اوهان اداڪار ۽ فنڪار رکيو جيڪا عورت مڙس جو ٺلهو نالو آھي ئي ڪر رفاء عام لاء وقف ٿيل ڪوٽڙي جي پل وانگر هنکي اورانگهي لنگهي وڃڻ جي ڪنهن کي به جهل پل ناهي جنهن ڏانهن مڙس نهاريو ڦڪاٿيو ڪنڌ ھيٺ ڪن پر هنکي مڙس ڏانهن گوريندي نڪا لڄ نڪا ليھ ھنجو دروازو عوام ۽ خواص لاء هر وقت کيل آھي عوامي ايڪسپريس وانگر هنجي سيٽ رزرو ڪرائي سگهي ٿو بلڪه رزوليشن کان سوائي هوء سبڪنهن کي کڻڻ لاء سراپا رضا ۽ تسليم آھي انهن پارن واري عوامي يا عوام جي عورت جو نالو اوهان وٽ ترقي پسند انقلابڻ ۽ عظيم عورت آھي هن جون حيا سوز حرڪتون وڏي شان مان سان خلق آڏو ڪمال جو ڪئريڪٽر ۽ مثالي ڪردار ڪري پيش ٿا ڪريو سڀ ڪجھ ڏسي وائسي پوء به ڪني رن کي هٿ جو ڀونڊو به نٿو ڏي ترقي پسندو اوهان جي انهيء لوسڻ جي نڪ کي به لک شابسون هجن جو ڏينهن ۾ ڏھ دفعا وڍجي ته به اهڙوجو اهڙو موريو بيٺو آھي
اديون آتڻ واريون نرجا نڪ ٿيام
وڍيان تان نه ويام پاڻان موريا منهن ۾
(شاه)
جنين سندي منهن ۾ نهايون نڪن
ته ڪي جي وڍيا تن مان ته ڪهڙا ٿورا تن ( شاه )
حيرت جهڙي ڳالھ وري هي ته انهن اهڙن ارڪانن هوندي به پاڻ کي چوائن مرد ٿا اوهان سنڌ جي ٻھراڙين ۾ اچي ڪنهن به اوطاق ۽ چئن چڱن جي ڪچهري ۾ مٽي وڃو انهن کان پڇو ته جيڪو پنهنجي زال کي ڇڙواڳ ڇڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته برف جي ٺھيل ڪانهي جو ڳري ويندي نڪا مکڻ مان تيار ٿيل آھي جنهن کي ماڻھون چپن ۽ زبان جي مدد سان ڳڙڪائي هڙپ ڪري ويندا ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي پنهنجي دل وندرائي ۽ هنن جو روح راضي ڪري اچي ذري ساعت ۾ کاڄيو ڪانه ٿي وڃي پاڻ تازي ٿي ايندي سٻاجهي سنڌ جا سگهڙ ۽ سنگهار چوندا ته اهڙي ماڻھون کي چئبو ديوث بي غيرت ڀاڙي ڪنڃر مڇلو ميان اهڙي ماڻھون جو ماني کائي پوء نالو وٺ معاف ڪجو جن ڪردارن تي اوهان پڏو ٿا انهن لاء اهي لائق لقب مون ڪونه ٺاهيا آھن جنهن سنڌ ۽ سنڌي زبان تي اوهان سرٿا قربان ڪريو انهي سنڌ ۽ سنڌي زبان ۾ انهي ڪردار وارن جا نالا صرف اهي آھن ترقي پسند حلقن ۾ انهن اکرن کي گاريون نٿو چئي سگهجي انهي کان علاوه ڳڏھ ڪتو ٻلو ڀولڙو باندر ايهي گاريون به سنڌ ۾ استعمال ٿين ٿيون سو جڏھن ته ڳڏھ ڪتا ٻلا ڀولڙا باندر ترقي پسندن جا مقدس ڏاڏا آھن هو ببانگ دهل پاڻ کي انهن جو اولاد سڏائين ٿا ته پوء انهن ڊارون جي پوجارين کي پنهنجن ڏاڏن جي نالن کان ڇوٿو ٽڪو لڳي ؟ ترقي پسند لفظ جي لفظي معنيٰ ته چڱي پر اڄ ڪل جي اصلاحي معنيٰ آھي خدا جو منڪر رسول جو دشمن اسلام جو عدو اندر جو رڌل ملڪ ۽ ملت جو وڏو غدار ۽ وڏو مخالف انسانيت ۽ اخلاق جو وڏو ويري بي نڪو بي چپو ترقي پسند جي لفظ جي اصطلائي لازمي معنائن تي غور ڪبو ته دنيا جون ڪل بڇڙايون ذھن تي تري اينديون پوء ڀلا انهن پارن وارو ترقي پسند پاڻ کي مٿي ڄاڻايل سونهارين صفتن وارو سنڌي سڏائي ته اها سنڌي جي لفظ جي ڪيڏي نه بيعزتي گهٽتائي ۽ توهين آھي
آھي ڪو سنڌ جو سپوٽ جو سنڌ اسيمبلي ۾ باقائده آواز اٿاري سنڌي جي لفظ کي انهن اهڙن جي هٿن ۾ لوئجڻ کان ۽ انهن جي اهڙين آلودگين کان بچائڻ لاء قانون پاس ڪرائي ؟
.....
تبصرے