باب دشمن ڪير ( سنڌ سونهاري )
مسلم معاشره زال ذات جي حيا واري فطري جذبي کي جلابخشي زال ذات جو مهت ۽ مان عزت ۽ شان بلندي جي انهيء افق اعليٰ تي پهچايو هو جو سندن هڪ هڪ ساروفي جي صفت ۾ اديبن شائرن پنهنجون عمرون ڳاري فصاحت ۽ بلاغت جا دريا وهائي ڇڏيا
پردي جي معمولي ۽ فرحت بخش پابندين سبب هو سياري جو سڄ ۽ جهڙ وارين راتين جو چنڊ بنجي پيون جن جو هڪ پرتو پسڻ لاء ماڻھون ڪر مريو ٿي پيا الادين کي سنڌ وٺڻي نه هئي سڄي سنڌ جي حڪومت کان وڌيڪ متاع عزير ۽ قيمتي شي هن جي نظر ۾ سنڌ جي هڪ حيادار ۽ خوددار نياڻي ڀاڳي هئي جنهن جي وٺڻ لاء ھو دهلي کان ڪهي ۽ ڪاهي آيو.
غيور ۽ سورهيه سومرن ڀاڳي جي شان اڳيان سنڌ جي حڪومت بلڪه پنهنجا ساھ ۽ سسيون هيچ سمجهي ڀاڳوند ڀاڳي تان صدقو ڪري پنهنجي سورهيائي جا لازوال نقوش دنيا وارن جي لوح دل تي هميشه لاء اُڪري ڇڏيا حافظ شيرازي شاخ نبات جي هڪ خال تي سمرقند ۽ بخارا جون سلطنتون گهورڻ جون اڇائون ڪيون اهي هيون حيادار ۽ خوددار ۽ پرده دار عورتون جن جو ملھ پوري پر ڳڻي کان به ڪي رتيون ڪثر هو ڀلا اهي ساڳيون توڻي کڻي ڪيتري قدر حسين پر جيڪڏھن هالو چالو هجن ها ته هنن جي ڪا هيڏي هاڪ ٿئي ها نه نه هرگز نه هڪ باوقار ۽ خوددار عورت جيڪڏھن بنان پردي جي به ڪنهن ضرورت سان نڪري ٿي ته ڪنهن گري گنجي جي مجال ناهي جو هن جي اڳيان پنهنجي خبث باطن جو ڪو ادنيٰ مظاهرو به ڪري سگهي بر خلاف ان جي اڄ ڪلجي ترقي پسندن آزاديء جا دلبا ڏئي هن ٻالي ڀولي قوم کي پنهنجي دام تزوير ۾ ڦاسائي ٽرڙائي چلولائي خست ۽ رزالت جي انهيء ڏاڪي تي آڻي بيهاريو آھي جنهن کان انسانيت ته ڪٿي رهي پر بهيمت به شرم کان ڪنڌ جهڪائي ٿي لوفر ۽ غنڊا هنن بابت جيڪو گند مئين ٿا سو هو پاڻ عورتون هڪ حد تائين ٻڌي اندر جو اندر ۾ رجهنديون پچنديون ضرور هونديون پر آئون چوان ٿو ته انهيء آخري حدتائين هزارن مان ڪا هڪڙي پهتل هوندي هڪ جو قانون هزارن سان لاڳو نٿو ڪري سگهجي.
انسان رب العالمين جي هڪ بهترين ۽ خوبصورت تخليق آھي ۽ انسان مان بهترين ۽ خوبصورت ترين تخليق عورت آھي اسلام عورت کي اهي حق عطا ڪيا آھن جيڪي ڪنهن ٻي مذھب جي تصورتاتي نظريئي ۾ به ناهن جيئن دنيا جي قانون فطرت ۾ آھي قيمتي ۽ ناياب شئي لڪائي ويندي آھي ۽ پردي ۾ رکي ويندي آھي هيرن ۽ جواهرن کي پردي سان ڳڏ سخت سيڪورٽي حصار ۾ لڪائي رکڻ جا قصاڪهاڻيون هرڪنهن ٻڌيون هونديون مگر اسلام ۾ انهن هيرن جواهرن کان هزارين درجه مٿي هڪ عورت وڌيڪ قيمتي آھي انهيء سبب عورت تي پردي جو حڪم آھي
سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي ۽ ڏسجي ته اها آزادي في الحقيقت بدترين گرفتاري ته ناهي عورت کان عزت جو سونون هار لاهرائي طوق مذلت ته ڪونه ٿو پهرايو پيو وڃي ناموس جي موتين سان مڙھيل گلو بند جي جاء تي رسوائي جو ڳرو ڳٽ ته ڳچيء ۾ ڪونه ٿو وڌو وڃي چون ٿا ته:
دولت ہے بڑی چیز حکومت ہے بڑی چیز
ان سب سے بشر کیلیئے عزت ہے بڑی چیز
ماني دنيا ۾ ڪتا به کائن پيا انسان جي آھي عزت سو غور ڪري ڏسو ته عزت انهيء معمولي ۽ فرحت بخش پائبندي ۽ روح کي راحت رسائيندڙ رسمي رنڊ ورڪ ۾ آھي يا جيئن ترقي پسندن جو گمراه گروه اوهان کي ڇڙواڳ ۽ ڇوٽ چرڻ ۽ شهر جي لوفرن ۽ غنڊن جي پيرن سان فٽبال وانگر ٿڏجڻ ۽ پليتن جي پيرن جي پڻي ٿيڻ لاء سڏي رهيو آھي.
اي قوم جي سلڇڻي ۽ سدا سگهڙ نياڻي پائبنديون ته فقط زال ذات تي آھن پر انسانيت جون پائبنديون ۽ مذھب جون پائبنديون ۽ معاشري جون پائبنديون مردن تي به تمام گهڻيون آھن مرد پائبندين جي ڳاڻيٽي کان وڌيڪ ڳانن ۾ جڪڙيل ۽ ڳهيل آھي جيڪڏھن ڪو مرد انهن پائبندين جا ڏاوڻ ٽوڙي اوجهڙ ۾ ڪاهي پيو ته اهو به سڏبو لوفر بدمعاش لنب لفنگ ڦڙٻاٽي پڪو حرامي انهن اهڙن نامناسب نالن سان يا اڃان به ڪن وڌيڪ لائق لقبن سان.
...
تبصرے