باب . ھڪ نيڪ صلاح (سنڌ سونهاري )
محترمين معظمين موقرين صحافين ملحدين حضرات کي جيڪڏھن هروڀرو پنهنجو جد اعليٰ ڪو هندو ئي بنائڻون آھي ته منهنجي نيڪ صلاح اها آھي ته بجاء ڏاهر جي رام کي پنهنجو ڏاڏو مقرر فرمائين رام کي هندن پنهنجي پست فطرت مطابق کڻي خدا بنايو آھي ساته غلط ڳالھ آھي پر انهيء ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته رام جو وجود گهڻين چڱين صفتن جو مجموعو آھي پيء جو ادب سانڃاه فرمانبرداري انهيء حد تائين جو سالن جا سال برپٽ ۾ ڪيتريون ئي مصيبتون ڪاٽيائين پر پيء جو حڪم نه عدوليائين رب جي ذات کان پوء ھن ڪوڙي دنيا ۾ انسان ذات جا وڏي کان وڏا محسن امان ابو آھن جنهن انهن جو احسان نه سڃاتو سمجهيو ته انهيء جو وجود ڪنهن به چڱائي کان يڪسر خالي آھي عدل ۽ انصاف انهيء حد تائين جو تخت ڇڏي ويو ته ملڪ ۾ ماتام مچي ويو تخت تي ويٺو ته سڄي ملڪ ۾ چراغان ڪيا ويا خوشيون ملهايون ويون رام اهو به قوي امڪان آھي ته هندوستان آيل سوين نبين مان ڪنهن هڪ جو تابع يعني مسلمان هجي ڇوته خداجي منڪر ۾ ڪنهن به چڱائي جو هئڻ ناممڪن آھي هلندڙ صديء ۾ خدا جي منڪرن اقتدار هٿ اچڻ کان پوء اوهي اوهي ظلم ڪيا جو عقل قبول ئي نٿو ڪري ته ڪو انسان انسان تي ايڏا به ڪري سگهي ٿو ڏاهر اول ته سنڌي ڪون هو هو ڪنهن ڏور ولايت جا ڌاڙيل هئا جن سنڌ جي بادشاه وٽ فريب سان منزلت حاصل ڪري ڪنهن حڪمت عملي سان هنکي مارائي سنڌ تي غداري سان قبضو ڪيو غازي ابن قاسم رحمته الله عليه سنڌ تي وڏو احسان فرمايو جو سنڌ جي بديشي غدار کي سنڌ تان دفع ڪيو .
تبصرے