اشاعتیں

2022 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

بُت پرستي ڪڏھن کان شروع ٿي ؟

تصویر
بُت پرستي ڪڏھن کان شروع ٿي ؟   اڪثر و بيشر اهو تاثر پيش ڪيو ويندو آھي ته بت پرستي ابتدائي انساني تاريخ کان شروع ٿي ويل ڌرم آھي ۽ اسلام صرف حضور صلي الله عليه وسلم پاران نبوت جي اعلان ڪرڻ سان شروع ٿيو انهي کان اڳ اسلام نه هو هڪ لک 24 هزار پيغمبرن جيڪو دين آندو سو اسلام نه هو وغيره وغيره هي هڪ نهايت مڪارانا سوچ آھي جيڪا عام ماڻھن جي زهن ۾ پيوست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ۽ نظر ۾ اهو آيو آھي ته اڪثريت انهي کي بناسوچ ويچار جي تسليم به ڪندي آھي ليڪن حقيقت انهي جي بلڪل مختلف آھي اسلام حضرت آدم عليه السلام کان شروع ٿيو الله تعالي طرفان موڪليل هڪ لک 24 هزار پيغمبرن اسلام جي تبليغ ئي ڪئي آھي هر نبي سڳوري جي عبادت جا طور طريقه ڀلي کڻي زير زبر جو فرق رکندڙ ھُجن مگر الله کي هڪ ڪري مڃڻ وارو نظريو هڪ ئي رهيو آھي جڏھن ته بُت پرستي جو نظريو حضرت ادريس عليه السلام جي قوم ۾ آيو مگر انهي جي باري ۾ ايتري معلومات ميسر ناهي جنهن بعد اهو نظريو حضرت نوح عليه السلام جي اُمت ۾ شروع ٿيو انهي وقت پنج اهڙا  بزرگ ڪاملين هئا جيڪي وصال فرمائي ويا ته انهن جا مجسمه ٺاهڻ شروع ڪيا جيئن اڄ ڪل شاه عبدالطيف ڀٽا...

ڇا انسانيت مذهب کان مٿاهين آھي ؟؟

اڄ سڄي دنیا جون قومون اسلام ۽ مسلمانن خلاف هڪ زبان ٿيل آھن ۽ انهن جي انسانیت نواز متوازن پیروڪارن کي نهایت چالاڪي ۽ مڪاري سان ذرائع ابلاغ جو استعمال پنهنجي پوري قوت وتوانائي اسلام ومسلمان دشمني ۾ صرف ڪرايو پيو وڃي نت نوان فلسفه ایجاد ڪري اهڙو ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن دنیا جا ماڻھو اسلام ۽ مسلمانن کان انهي قدر بيزار ٿي وڃن جو ڪو به هنن جي ويجهو نه اچي سگهي نه هنن جي ڪو ڳالھ ٻڌڻ پسند ڪري انهن پاران جيڪو سڀ کان اهم سبجيڪٽ آھي سو اهو آ ته انسان مذھب کان وڏو آھي يعني هر شئي کان وڏي انسانيت آھي ظاهري ته اهو مذهب بيزاري جو ڌوڪو آھي لادينيت وڌائڻ جي چال مڪر ۽ فريب آھي انهي پويان ٻيا به ڪارڻ آھن _ اهو هڪ دجل يعني اهم هٿيار آھي ۽ انهي هٿيار سان شڪار به اهل علم طبقي کي ڪيو ويندو آھي سوال اهو آھي ته ڇا انسان مذھب کان واقعي وڏو آھي ؟؟؟ انهي سوال جو جواب نهايت اهم آھي سڀ کان پهرين ڳالھ ته ڪائنات جي تخليق ايمان لاء ٿي آھي الله انسانیت جو خالق آھي ۽ الله جي ويجهو دین مقبول صرف اسلام آھي ۽ خالق ئي پنهنجي مخلوق جي تقاضن ۽ ھر هر حالت کان بخوبي واقف آھي سو انسانیت کي اسلام ۾ سمیٽي ڪري رکيو و...

سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ ترقي

دنيا جي تعليمي ادارن مان پڙھندڙ ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن مان پڙھندڙن جو فرق دنياجي هائر تعليمي ادارن مان علم حاصل ڪندڙ سائنٽس ٿيا انجنيئر ٿيا ۽ هو ھڪ طرف وڃي چنڊ تي پهتا دنيا ۾ ٿيندڙ هي ايجادون انهي جو واضح ثبوت آھن مگر جڏهن اسان پنهنجي سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن مان پڙھي فارغ ٿيندڙن جي حالت زار ڏسون ٿا ته دل روئي ٿي پنهنجي ايندڙ نسلن کي يقين سان تباه ٿيندي ڏسون پيا ڇو ته اسان جي سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن ۾ صرف طالب علمن جو برين واش ڪري کين قوم پرست بنايو ويندو آھي جنهن جي اڪثريت پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوء ڪامريڊ ٿي صرف روڊ رستا ناپڻ ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندي ڳاڙھا جهنڊا هٿن ۾ کڻي جي ايم شاه ۽ عبدالواحد آريسر جهڙي نان ميٽرڪ جاهلن جي فلسفي تي هلندي ملندي بس 24 ڪلاڪ خواري الغرض سنڌ جي تعليمي ادارن مان پڙھي ڪو سائٽس انجنئير ته ڪون ٿيو ها مگر ڪجھ شاعر اديب دانشور ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ضرور ملي ويندا جنهن ۾ رسول بخش پليجو اياز پليجو هجي شيخ اياز هجي ابراهيم جويو عطاڀنڀرو هجي يا وري جامي چانڊيو هجي يا اهڙا بيشمار ٻيا هجن جنهن تاريخ سان هٿ چراند ڪئي ۽ اسلام کي غلط ٺاهي ٺُڪي پيش ڪيو مجاهدن کي انتها پسن...

جاهل پير شيطاني صفت صوفي

جاهل پير شيطاني صفت صوفي , اسان جي هن معاشري ۾ خاص ڪري شاه سڏائيندڙ جاھل پیرن ۽ شیطاني صفت صوفین ماڻھن ۾ علماء ڪرام جي باري ۾ بغض ڀري رکيو آھي جڏھن جڏھن علماء ڪرام عوام جي اصلاح جي لاء جعلي پیرن جو رد ڪندا آھن ته جاهل عوام خاص ڪري سني عوام عالمن جي مخالف اچي کين گاريون ڏيڻ شروع ٿي ويندا آھن ۽ پنهنجي آخرت برباد پيا ڪندا آھن ڊاڪٽر جلالي خلاف جاهل پيرن ۽ شيطان صفت صوفين پاران جنهن طرح جاهل مريدن کي استعمال ڪيو ويو يا ڪيو وڃي پيو تنهن کان هر زي شعور واقف هوندو صرف جلالي نه بلڪ هر حق گو عالم دين خلاف اهڙي طرح جاهل مريدن کي استعمال ڪيو ويو ۽ ڪيو وڃي پيو تنهن جا بي شمار مثال سامهون آھن ڳالھ صرف رباني عالمن تائين محدود ناهي انهن شيطان صفت پيرن ۽ انهن جي جاهل مريدن هٿان نه ناموس اولياه الله محفوظ آھي نه ناموس اصحاب رسول مان هتي اهو ضرور چوندس پیر جي ڪامل هجڻ جي لاء مرید جو جاهل هجڻ انتهائي ضروري آھي جيترو وڏو جاهل مرید هوندو پير ايترو وڏو ڪامل ۽ پهتل هوندو دنیا ۾ توهان کي کوڙ سارا روحانیت جا دعويدار نظر ايندا جيڪي ڪوڙا هوندا جنهن جو باطن برائین کان پاڪ ناهي هوندو حیرت اُنهي وقت ٿيندي آھي...

سنڌو ديش ۽ اسلام دشمني

تصویر
جي ايم شاه ڪتاب سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ۾ مسلمانن  کي مارڻ  جو حڪم ڏيندي پنهنجي ڪتاب ۾  لکي ٿو ته  اها ڳالھ برابر آھي ته هنن انگريزن جي آڌار تي اچي هن ملڪ تي قبضو ڪيو آھي اسلام مسلم قوم پاڪستان جي نالي ۾ مڪاني ماڻھن کي بيوقوف بنائي انهن تي مسلط ٿيو ويٺا آھن . تنهن ڪري هو ڌوڪيباز ظالم ۽ غاصب آھن انهن سان وڙھڻ ۽ کين ناس ڪرڻ جائز آھي جهڙو ڪنهن زهر واري نانگ مارڻ آھي ----- موجوده دور جا حالات توهان جي سامهون آھن اڄ توهان جي ارد گرد ڇا پيو ٿئي انهي ڳالھ کي هڪ طرف رکي ته تحريڪ آزادي ۾ ھزارين لکين مسلمان شهيد ٿيا هي وطن حاصل ٿيو راجهستان گجرات ۽ ٻين صوبن مان هزارين لکين سنڌي مسلمان حجرت ڪري سنڌ آيا جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهائش پزير آھن ۽ جٿان حجرت ڪري آيا اتي پنهنجو مال ملڪيت جائدادون نوڪريون سڀ ڪجھ ڇڏي آيا جنهن تي اتي جا هندو قبضو ڪري ويٺل آھن  سوال آھي ڇا هندوستان مان حجرت ڪري ويل مسلمانن جي جائدادن مال ملڪيت تي قبضو ڪندڙ ھندو غاصب ظالم ناهن؟ ڇا هندوئن انگريز جي آڌار تي اچي هندوستان تي قبضو نه ڪيو؟ جوناگڙھ رياست جيڪا پاڪستان سان شامل هئي انهي تي هندوستان جبري قبضو نه ڪيو ؟؟ حيدرآباد دڪن رياس...

ڀڳت ڪنور رام مهاسڀاه تنظيم جو دهشت گرد

ڳ ڀڳت ڪنور رام جنهن کي قوم پرست ۽ سنڌ جا ويڪو دانشور و اديب هيرو ٺاهي ۽ شهادت جا رتبا ڏئي کيس ياد ڪندا آھن مگر حقيقت ۾ ڀڳت ڪنور رام هندو انتها پسند تنظيم مهاسڀا جو حصو هو انهي تنظيم جو مختصر تعارف پيش ڪريان ٿو تاڪه توهان کي انتها پسند مهاسڀا تنظيم جو مقصد ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ قوم پرستي جو اصل مقصد سمجھ ۾ اچي سگهي ڇوته انتها پسند تنظيم مهاسڀا اگر ڪيسٽ جو هڪ پاسو هئي ته جي ايم شاه انهي ڪيسٽ جو ٻيو پاسو هو سنڌ سان محبت جي ڊرامي جو اصل مقصد ساڳي هو جيڪو انتها پسند تنظيم مهاسڀا جو اصل مقصد هو ۽ انهي مهاسڀا جا دهشت گرد قوم پرستن لاء شھيد آھن پوائنٽ نوٽ! (تعارف) مها سڀا انتها پسند تحریڪ جو مقصد غیر هندو بالخصوص مسلمانن ۽ عیسائین کي ویدڪ ڌرم قبول ڪرڻ جي دعوت ۽ ويهين صدي جي آغاز ۾ جنهن هندوئن اسلام قبول ڪيو يا مسیحیت جي طرف مائل ٿيا انهن کي واپس هندو ڌرم ۾ آڻڻ لاء انهي انتها پسند تنظيم جو وجود وڌو ويو سوامي شردھانند 1923ء ۾ ڀارتیه هندو شدھي مهاسڀا ( Indian Hindu Purification Council )جي بنیاد وڌي مقصد صرف ۽ صرف اهو هو جنهن جنهن اسلام قبول ڪيو آھي انهي کي پنهنجي آبائي مذهب یعني هندوازم جي طرف واپس آ...

جي ايم سيد هڪ اک واري دجالي تنظيم جو ميمڀر

جي ايم سيد دجالي اک واري يهودي تنظيم فري ميسن جو ميمبر ! - جڏھن کان مان سن واري جي ايم شاه کان واقف ٿيس ته منهنجي زهن ۾ اهو سوال باربار ايندو رهيو ته جي ايم شاه هندوستاني ايجنٽ ھو چلو ٺيڪ آ صرف غداري تي ڪم هلائي ها تب ڪو مسعلو نه هو هڪ طرف پاڻ کي سيد سڏائي ۽ ٻي طرف دين اسلام تي حملا آور ٿيڻ سمجھ کان ٻاهر هو مگر ڪرم منهنجي انهي رب جا جنهن انهي جا اسباب پيدا فرمايا ۽ سوشل ميڊيا وسيلي اهو انڪشاف ٿيو ته جي ايم سيد دجالي اک واري يهودي تنظيم فري ميسن جو ميمبر هو تحقيق ڪرڻ سان اها خبر پئي ته جي ايم شاه اهو اعتراف پنهنجي ڪتاب جنب گزاريم جن سين . ۾ به ڪيو آ خاص ڪري ڄام ايوب جي حوالي سان ياد رهي ڄام ايوب جو نالو اڄ به ڪراڇي واري فري ميسن هال جي بورڊ تي لکيو پيو آھي ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته جي ايم سيد ۽ سندس چيلن ڇپاٽن جي مولوي اسلام دشمني پويان آخر ڪهڙو سبب آ ؟ فري ميسن جو تعارف توهان آڏو رکان ٿو تاڪه ڳالھ با آساني سان سمجھ ۾ اچي سگهي فري میسن (freemason) هڪ بین الاقوامي یهودي تنظیم آھي جنهن جو مقصد دنیا ۾ دجال ۽ دجالی ریاست جي راہ هموار ڪرڻ آھي هن تنظيم جي مونو گرام لڳل دجال جي اک آ جيڪ...

عربن جي قوم پرستي کان سنڌي قوم پرستي

عربن جي قوم پرستي کان سنڌي قوم پرستي - اسلام خلاف هميشه کان يهودي طاقتون ميدان عمل ۾ رهيون آھن انهي ۾ ڪو شق ناهي ليڪن اها به حقيقت آھي انهي سازشن جو شڪار به مسلمانن جون قومون ۽ قبيلا ٿيا جنهن سبب اسلام کي ئي نقصان رسايو ويو سنڌ ۾ ٿيندڙ قوم پرستي به سلطنت عثمانيه خلاف عربن واري قوم پرستي واري فارمولي تحت ٿي رهي آھي جيڪو تاريخ کان واقف هوندو سو انهي ڳالھ کي با آساني سمجهي سگهي ٿو جهڙي طرح عربن ۾ جذبه علاقائي قوميت اُڀاري سازش تحت عربن کي تُرڪن خلاف استعمال ڪيو ويو ۽ عربن ۾ اهو عام ڪيو ويو ته توهان کي تُرڪ غلامي مان نجات ڏياريندا سين جنهن خلافت تي صرف عربن جو حق آ سا تُرڪن کان کسي عربن کي ڏياريندا سين انهي لاء ضروري آھي تُرڪن جي عملداري پنهنجي وطن تان ختم ڪرايو ۽ پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪريو ساڳي طرح سنڌين کي علاقائي قوميت جي نالي تي اُڀاري استعمال ڪيو پيو وڃي هي نام نهاد ترقي پسندي جون تحريڪون انهن سڀين جي صرف اها زهن سازي ڪئي وڃي پئي ته پنجابي سامراج توهانجو دشمن آھي ۽ مذھب جي آڙ ۾ سندن عملداري توهان تي مسلط ڪئي وئي آھي سنڌ قديم زماني کان سنڌين جي آھي ۽ هن جي عملداري به سنڌين وٽ ھجڻ...

ڊڳي جي قرباني تي اعتراض ڪندڙ قوم پرستن جو بنيادي مقصد ڇا آھي؟

ڊڳي جي قرباني تي ڌرئي ديشين ملحد قوم پرستن پاران مسلسل اعتراض جو بنيادي سبب ڇا آھي؟ “ جيئن عيد قربان ويجهي ايندي آھي تيئن ڌرئي ديشين ملحد قوم پرستن پاران جانورن جي حقن جو بهانون ٺاهي عيضوئي تي طرح طرح جا اعتراض ٺٺولين تنز ڪرڻ الغرض مسلمانن کي انهي مقدس عمل کان روڪڻ خاطر ڪئين هيلا بهانا ڪيا ويندا آھن بحيثيت مسلمان ڇا توهان ڪڏھن سوچيو آھي ته آخر انهن ڀاڙي جي دلالن کي جانورن خاص ڪري ڊڳي جي قرباني تي اعتراض جو بنيادي سبب ڇا آھي؟ هون ته اسان جا عالم سڳورا ۽ اهل علم طبقو انهي اعتراضن جي رد ۾ شرعي ۽ دنياوي فوائد پيش ڪندا رهندا آھن ليڪن حقيقت ۾ انهي اعتراضن پويان جيڪو ڌرئي ديشين ملحد قوم پرستن جو پيٽ وارو سور آھي سو ٻيو آھي مان انهي پيٽ جي سور تان پردو هٽايان ٿو خاص ڪري اسان جي سنڌ جا مسلمان جيڪي قوم پرستي واري گند جي حمايت ڪندا آھن انهن لاء فڪر ڪرڻ جو لمحون آھي ڇوته ڌريا ديشي ملحد قوم پرست قرباني واري مقدس عمل جي مخالفت پنهنجي علمي جهالت جي سبب ناهن ڪندا بلڪه اهو اعتراض سنڌ ۾ غير مسلمن جي اڪثريت کي ثابت ڪرڻ خاطر ڪيو ويندو آھي سنڌ جا مسلمان ڪثرت سان اگر ڊڳي جي قرباني ڪندا رهندا ته سنڌو ديش ...

ڏاھر ۽ چچ حقيقت جي آئيني ۾

دين بيزارن جو هٿرادو هيرو پيء سميت حقيقت جي آئيني ۾ . اسلامي اصولن جي هر موڙ تي مخالفت ڪندڙ ڌريا ديشي ملحد قوم پرست جيئن 10 رمضان المبارڪ ويجهي ايندي آھي موسمي ڏيڏرن جيان نڪري پوندا آھن ۽ ڏاهر جهڙي بدڪدار شخص جي اجائي واه واه ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آھن کيس وڏي ماه شخصيت ثابت ڪرڻ لاء ڪنهن ڪوڙ کان به ناهن گهٽائيندا هون ته عرب تاريخدانن جي لکيل تاريخ قبول ناهن ڪندا مگر وري ساڳي عربن جي انهي ئي اسلامي تاريخ تي پنهنجي بدڪردار مرشد جي جهنم واصل ٿيڻ وارو ڏھاڙو ملهائي پنهنجي منافقت ثابت ڪندا آھن انهي ضمن ۾ اهم پوائنٽ رکجن ٿا ته جيئن اسان جا مسلمان سنڌي منافقت ۽ ڪوڙ جو مونھ ٽوڙ جواب ڏئي سگهن چون ٿا ته محمد بن قاسم بیروني لٽیرو هو سنڌ لُٽي ويو سنڌ ۾ چنڊ تي وڃڻ جو سيٽلائٽ نظام لڳل هو جنهن تان سنڌي هروز چنڊ تي ٺرو پيئڻ ويندا هئا سو پٽي بغداد ۾ وڃي ناسا وارن کي کپائي ڏنئين هتي ڪئين جديد قسم جون فيڪٽريون لڳل هيون ڪئين سون جون کاڻون هيون سڀ لُٽي کڻي ويو وغيره اتي ڪافي ساريون من گھڙت و بی بنیاد ڳالهيون ڪري هڪ Contraversy پیدا ڪئي وئي آھي ضرورت انهي امر جي آھي ته ٿدي دل سان غور و فڪر سان ڳڏ تحقيق ڪئ...

ايمان

ايمان سڀ کان اهم سوال آھي ته اسانجي ايمان جي ڪيفيت ڇا آھي اسان جي گهر جڏھن ٻار پیدا ٿيندو آھي ته سندس ڪن ۾ اذان ڏني ويندي آھي ۽ انهي کي مسلمان جو لقب ڏنو ويندو آھي ۔ عقیدو حاصل ڪرڻ مشڪل ناهي، اڄ ڪل جي دور ۾ ھر انسان ڪو نه ڪو عقیدو کڻي ڦرندو آھي۔ اڄ جو مسلمان جڏھن اک کولي ڪري اردگرد ڏسندو آھي ته هو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن مذهبی گروہ سياسي گروه ميراثي گروه سان وابسته پائيندو آھي۔ اهڙو شخص پنهنجي ماحول واري اثر یا ڪنهن دعوت جي بنیاد تي دینداری يا وري بي ديني اختیار ڪندو آھي ته اصل ۾ اهو سندس صحبت جو اثر هوندو آھي جيڪو پنهنجي فڪر کان سوا هر ٻي شئ کي غلط تصور ڪندو آھي ۔ اهڙو شخص پنهجي سوچ ۽ نظريئي کان علاوه هرمخالف کي بي وقوف سمجهندو آھي انهي لاء پنهنجي سوچ و نظريئي کي قابل فخر سمجھي پنهنجو تعارف ڪرائيندو آھي۔ ڳالھ ڪئي وڃي اگر موجوده مسلمان جي ته اڪثريت وٽ مختلف قسم جا عقيده و نظريه ضرور آھن مگر ایمان ناهي بلڪه ايمان جي باري ۾ ڪا سُڌ ئي ناهي اهوئي سبب آھي جو جي ايم شاه جهڙن آنڱوٺي ڇاپ اڳواڻن پويان ماڻھو پنهنجو ايمان برباد ڪريو ويٺا آھن وري نظر ڪريون ٿا مانجهي جهڙي ماڇي فقير ڏانهن ته اهڙي ...

نياڻي جهڙي نعمت

اولاد ۾ نياڻي جهڙي نعمت . اولاد الله تعالیٰ پاران عطا ڪيل نعمتن هان هڪ عظیم نعمت آھي جنهن وٽ اها نعمت ناهي بظاهر سندس زندگي ۾ ڪا رونق مُسڪراهٽ ناهي جنهن وٽ اها نعمت آھي انهي لاء سڪون جو باعث هوندي آھي اولاد چاهي پُٽ هجي یا نياڻي اهو رب العزت جو عظیم تحفو آھي جنهن کي نه رد ڪري سگهجي ٿو نه بدلائي سگهجي ٿو مگر اسان جي معاشري ۾ هڪ بار ٻيهر ڏيج جهڙي لعنت وائرس جي شڪل اختيار ڪري وئي آھي جنهن سبب هن ترقي يافته دور ۾ وري دنياوي رسمون دور جاهليت واريون مسلمانن ۾ رائج ٿيڻ شروع ٿي چڪيون آھن ديکا ديکي ته ايتري وڌي وئي آھي جو الله ڏي پناه تازو ڪراچي ۾ هڪ دوست جي دعوت تي شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جو اتفاق ٿيو جٿي وڃڻ کان پوء خبر پئي ته ڪنوار کي سندس والد آسائش جي هر شئي ڏيج ۾ ڏني آھي هون ته هر محبت ڪندڙ والد جي خواهش هوندي آھي ته پنهنجي نياڻي کي وڌ کان وڌ ڏئي خوش ڪري رخصت ڪري مگر هر شخص جي مالي حالت مختلف هوندي آھي ۽ گوٽيتن جي اڻ کٽندڙ فرمائشن مفلس ماڻھن لاء آزمائش پيدا ڪري ڇڏي آھي جنهن سبب نياڻي جي پيدائش تي اهڙي طرح جا واقيعه رونما ٿيڻ شروع ٿي چڪا آھن جنهن جو سبب جيڪو مونکي سمجھ ۾ اچي ٿو سو ه...

وٺي هر هر جنم وربو

تصویر
قوم پرستي جي غلاظت ۾ مسلمان هجڻ باوجود جنت دوزخ جو انڪار مگر بُت پرستن جي هٿرادو ڪهاڻي مرڻ بعد بار بار جنم وٺڻ تي اعتبار! . اسان جا مسلمان ايترا ته اٻوجھ آھن جو انهن کان ڪوبه ايمان جهڙي دولت کسي ويندو آھي ۽ ھُنن کي خبر به ناهي پوندي هو جهالت جي ڪڍ لڳي گمراهي جهڙي لعنت ۾ اونڌي مونھ ڪري پوندا آھن اهڙي سڀ کان وڌيڪ خراب حالت اُنهن ماڻھن جي آھي جيڪي قوم پرستي جهڙي غلاظت ۾ ٻُڏل آھن ۽ اڃان به اسان جا سنڌي اهو سمجهي ويٺا آھن ته قوم پرستي ۾ ڪا بُرائي ناهي مگر حقيقت انتهائي ڀيانڪ ۽ خطرناڪ آھي ٿورو غور فڪر ڪري ڏسو ته توهانجي اولاد اڄ ڪٿي بيٺي آھي؟ هو قوم پرستي جي غلاظت ۾ ايترو ته ٻُڏي وئي آھي جو عنقريب هولي ديوالي ۾ پنهنجو مونھ ڪارو ڪرڻ کان ٻه قدم اڳتي وڌي هٿ جي ٺاهيل پٿر جي مورتين اڳيان سجده ڪرڻ شروع ٿيڻ واري آھي علم پڙھڻ باوجود دنيا جي سڀ کان ٿرڊ ڪلاس مذھب کان متاثر ٿي قرآن و حديث جو انڪار ڪندي قيامت جي برپا ٿيڻ جنت ۽ دوزخ جو مزاڪ اُڏائي پاڻ کي عقل جو داناه سمجهي هندوئن جي انهي رام ڪهاڻي تي انڌو عقيدو رکندي آھي ته انسان مرڻ بعد دوباره بلڪ باربار جنم وٺي ورندو چاهي هو ڪتي جي شڪل ۾ اچي ڀولڙي جي...

هولي ديوالي ۽ قوم پرست

تصویر
غيرمسلمن کان عزت ڪرائڻ جي خواهش ۾ هولي ديوالي جي رنڱ سان ڪارو مونھ ڪرائيندڙ نام نهاد مسلمان . مسلمانن کي هندو بنائڻ جي نيت سان هند کان سنڌ ايندڙ سوامي جهڙي پليت کي حضرت عبدالرحيم گرهوڙي جهڙي جوان زياده وقت نه ڏنون جو هو پنهنجي ناپاڪ مقصد ۾ ڪامياب وڃي جلد ئي جهنم واصل ڪري ڇڏيائين مگر سادات جي روپ ۾ پنهنجي ناني جي دين تي ڌاڙو هڻڻ خاطر جي ايم شاه ڪافرن هٿان ضرور وڪاڻون جنهن نهايت چالاڪي سان اهڙا بيهودا نظريه متعارف ڪرايا جنهن سان ايمان دشمنن جي مقصد کي ڪافي حد تائين فائدو حاصل ٿيو اڄ اهوئي سبب آھي جو ادب دانشوري صحافت انسانيت جي خدمت جي مختلف نالن سان مسلمانن کي هندو بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي پڙھيل لکيل ڳڏھ ايترو به نٿا سمجهن باھمي هم آهنگي جو هرگز اهو مطلب ناهي ته پنهنجي اصول سان هٽي ڪري ٻين جي مذهبي رسم و رواج کي پنهنجي زندگي جو حصو ٺاهجي مخلوق کي خوش ڪرڻ جي لاء خالق جي نافرماني هرگز قابل قبول ناهي هن وقت اها صورت حال عام آھي چند نام نهاد مسلمان پنهنجي آس پاس جي غير مسلمن کي خوش ڪرڻ جي لاء شرڪيه اعمال و افعال ۾ ڪا شرمندگي محسوس ناهن ڪندا اگر انهن کي سندن عمل کان ٽوڪيو وڃي ته ڪئين فلسفه ...