باب غدار سنڌ ( سنڌ سونهاري )
اسان جي سنڌ جا نوجوان اصل حقيتن کان ناوافق ڪجھ ديس دشمنن جي مُرلين ۽ انهن جي هٿرادو ڪوڙ تي آساني سان يقين ڪري وٺندا آھن ته سن شهر وارو جي ايم اوڏ وڏو ڪو بزرگ وڏي ڪا هستي هو ليڪن حقيقت انهي جي برخلاف آھي ڀارت جي ڪرائي دار دانشورن اديبن هٿرادو قصه ڪهاڻيون گهڻي جي ايم اوڏ جي ٽڪي واري حيصيت کي آسمان تائين پهچائي ڇڏيو جي ايم ڪجھ بيهودا ۽ گهٽيا ڪتاب لکيا هئا جنهن مان خاص ڪر بدنام زمانه جيئن ڏٺو آ مون انهي اسلام دشمني واري ڪتاب جو رد حضرت پير آغا محمد ابراهيم جان سرهندي عليه الرحمه لکيو سنڌ سونهاري ڪتاب جي نالي سان جنهن جا ڪافي باب مان نقل ڪري سوشل ميڊيا تي پيش ڪري چڪو آھيان ۽ ھاڻ انهي سنڌ سونهاري ڪتاب جو باب غدار سنڌ توهان جي آڏو پيش خدمت آھي .....
سونهاري سنڌ سان جي ايم اوڏ جون غداريون ڪيتريون ڳڻي ڪيتريون ڳڻجن هو سنڌ جو اهڙو خير خواه هو جهڙو ڀگهڙ ٻڪري جو جهڙو گدڙ ڪڪڙ جو جهڙو ترقي پسند هر قسم جي حرام مال جو جهڙو ٽانڊو ڪپاھ جو سنڌ تي سندس گهڻائي ٿورا آھن پر انهن گهڻن ٿورن مان ٿورڙا ٿورا هي آھن
سنڌي زبان ۽ سنڌي ٻولي جي هيرن جواهرن کي هندي ۽ سنسڪرت جي گند ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سنڌ جي پنجاھ لک قديم سنڌين ۽ سٺ لک جديد سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙھائي مارائي کپائي سنڌ جي اڪثر زنده انسانن کي ڍونڍن جا ڍير ۽ ڳجهن جو ڳاھ بنائڻ لاء ھٿ پير هڻڻ قديم ۽ جديد مانجهي ۽ مٿير مردن جي مارجي وڃڻ بعد ڀارت جي ڀونڊڻ کي بازاري سدا سهاڳڻين وانگر فحش اشارن سان سنڌ ڏانهن سڏي باقي بچيل نست ۽ نٻل سنڌ واسين تي دشمن ڪافرن جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ظالم حڪومت کي مسلط ڪري سنڌ کي دنيا جي بدترين محڪومي جي وڏي کان وڏي عذاب ۾ ڦاسائي سنڌين جي ٻچاپيھ ڪرائڻ سنڌين کان سندن دين ايمان ۽ محبوب مذھب ڦري هنن کي لادين ۽ خدا جي غضب جو مستحق ۽ ھميشه لاء دوزخ جو ٻل بنائڻ لاء حيلا هلائڻ سنڌين جي حيادار ۽ باوقار لڄن ۽ نياڻين کي فٽ بال وانگر غُنڊن جي پيرن ۾ پامال ڪرائڻ لاء ويهن ئي نهن جا زور لائڻ ايهي ڳالهيون ايتري قدر ثابت مڃيل ۽ مسلم آھن جنهن کان ڪوبه بصيرت ۽ بصارت وارو ماڻهون انڪار جو دم هڻي اڄ بيغالئه ريب چئي سگهجي ٿو ته جي ايم اوڏ سنڌ جو وڏي مان وڏو غدار ۽ ڪٽيل دشمن هو حسن اتفاق ڏسو ته سندس سن ولادت غدار سنڌ جي لفظ مان نڪري ٿو (غدار سنڌ 13 19)
ساڻس اهڙو ٺھي ۽ ٺھڪي اچي ٿو جو گويا قدرت ايهو لفظ پيدا ڪيوئي آھي جناب جي ايم اوڏ صاحب لاء منهنجو موصوف جي جمله موافقن ۽ مخالفن کي پرزور عرض آھي ته آئنده لاء کيس انهيء نئين نالي سان ياد ڪيو وڃي يعني جي ايم جي بجائي جي ايس هو اڳو ڻون نالو هونء به ساڻس نامناسب ۽ اوپرو پي لڳو علي المرتضي رضي الله تعالي عنه جو ابن ملجم کان به وڌيڪ زهريلو دشمن انهيء کي چئجي (مرتضي جو )غلام ايها ڳالھ ڪنهن ڪتاب ۾ ئي لکيل ڪانهي اڃاکيس عدوالمرتضي يا اينمي مرتضي يعني اي ايم چئجي ته وري به ڪان ڪين الحاصل ته جي ايم وارو نالو اڄ کان پوء ختم شد هاڻي کيس جي ايس چئو يا اي ايم چئو انهن ٻن مان جيڪو به نالو وٺو سا اوهان جي موج ....
نوٽ انهي سنڌ سونهاري ڪتاب جا بقايا باب ايندڙ ڏينهن سلسله وار پيش ڪرڻ جي ڪوشش جاري رهندي الحاد مذهب جي رد تي ڪم ڪندڙن لاء ڪنهن خزاني کان گهٽ ناهن هر هڪ دوست کي ڪوپي پيسٽ ڪرڻ جي مڪمل اجازت آھي .....
تبصرے