اشاعتیں

جون, 2018 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

ارتقاجي فرضي ڪهاڻي

ارتقا جي فرضي ڪهاڻي ڇا ٿي ٻڌائي؟ لڳ ڀڳ هڪ سؤ سال اڳ ڪيمبرج جي ڪرائسٽ ڪاليج مان هڪڙي پادري چارلس ڊارون گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ ان جو علم حياتيات يا ميڊيسن (طب) ۾ پهريان ڪوبه تجربو ڪونه هو. هُن دعوى ڪئي ته انسان هڪ جانور هو، جنهن جي ارتقا هڪ ماليڪيولي جاندار کان ٿي ۽ ان جا ابا ڏاڏا ڀولڙا هئا. ڪيترائي سائنسدان بنا سوچي سمجھي گمراهه ٿي انهيءَ ڪوڙ تي ٻڌل ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي پيا. ٿورڙي ئي عرصي ۾ ارتقا وارو مفروضو تمام زور ۽ شور سان هر هنڌ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو. اهو نظريو ڪيترن ئي سالن تائين علمي ادارن ۾ اهڙيءَ طرح پڙهايو ويو ڄڻ ته اهو واقعي ڪا سائنسي حقيقت هجي. هڪ جديد سائنسدان دوان گش (Duane Gish) چواڻي: ارتقا (يعني انسان جو جانور مان ارتقا ڪري وڌڻ) ته هڪڙو فلسفياڻو خيال آهي ۽ اصل ۾ انهيءَ جو ڪوبه سائنسي بنياد نه آهي. آر – بي – گولڊشمڊت (R.B. Gold Schmidt) جيڪو علم حياتيات جو پروفيسر آهي ۽ ارتقا واري نظريي جو پرجوش حامي آهي، سو ايتري حد تائين ديانتدار آهي ته بقول ان جي، ارتقا جي حق ۾ هن وقت تائين ڪابه شڪ ۽ شبهي کان مٿاهين سائنسي شهادت نه ملي سگھي ۽ اهو ته اهو رڳو سوچ جو هڪڙو انداز آهي. آڪسفورڊ ڊڪشنري چ...

حضرت سچل سرمست جو فڪر

تصویر
حضرت سچل سرمست جو فڪر ڪهڙو هو ؟ سندس بيتن جي حوالي کان سندس فڪر اوهان آڏو رکندس. 1. پاڻ سڃاڻڻ:- سچل سرمست ماڻهن جي پست خيالي، وهم پرستيءَ کي ختم ڪرڻ چاهيو ڇو ته پست خيالي ۽ وهم پرستي ماڻهوء کي ڊڄڻو، غلام ۽ نڪمو بڻائيندي آهي. اسلام جي ان نقطي ته انسان سڄي مخلوق کان افضل ۽ ڪلائڪن جو مسجود آهي اهو پٿرن، ٺڪرن ۽ ڪاٺين يا پاڻ جهڙن انسان آڏو جهڪي اها ان جي تذليل جي نشاني آهي. سچل سرمست ماڻهن کي پنهنجي اصل مقام ته هو اشرف ۽ افضل آهن ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. ملڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو ملهه پيهي پس تون پاڻ، پنهنجو سر سڃاڻ پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون تان ناهين آدمي هر ڪنهن صورت آپ الله 2. اناالحق جو نعرو :- سچل سرمست جا هي جملا آهن ته، الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار اهڙا ٻه معناوان لفظ اصطلاحي، محاوراتيءَ تشبيهي آهن جيئن قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جا هٿ (آل عمران 73) مهن (بقره 272) پتي (قلم 42) عرض (توبه 129) ۽ ڪرسي (بقره 255) به اصطلاحي، محاوراتي معنيٰ رضا شامل هجڻ، هٿ سان ٺاهڻ معنيٰ پيار مان ٺاهڻ، منهن کي ڏسڻ معني...