باب هي ڏسو چڱمڙسي ( سنڌ سونهاري )

ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون صفحو نمبر 110 ۾ سن جي سانڊي جيڪا دڦ دڦي آھي انهيء جو حاصل مقصد هي آھي ته ڪعبو مندر آھي ۽ حجر اسود ڪنهن مورتي جو ناپاڪ عضوو نعوذباالله من شرذالڪ اللئيم الرجيم. تفو برتو اي مرد نادان تفو ڪائنات جي ذري ذري جون ڦٽڪارون تنهنجي مردار منهن تي نازل ٿين. ٻڌڪعبو شريف پهرين حضرت آدم عليه السلام بنايو اٽڪل ٻه هزار سال پوء حضرت ابراهيم عليه الصلواۃ و السلام ساڳين بنيادن تي ڪعبي شريف جي ڊٺل عمارت ازسر نو تعمير فرمائي حضرت آدم عليه السلام دنيا جو پهريون انسان ۽ پهريون پيغمبر هو انهي وقت ۾ مندر ۽ بتن جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. حضرت ابراهيم عليه الصلواۃ و السلام اهو موحد هو جنهن جي بتن سان دشمني ۽ بت شڪني سبب وقت جو بادشاه ۽ سڄي قوم ۽ خود سندس مربي ۽ محسن چاچو آذر انهيء حد تائين دشمن ۽ سرجا ويري ٿي بيٺا جو پهرين ته جبل هيٺيان آڙاه ٻاري جبل جي چوٽي تان کيس منجنيق جي ذريعي آڙاه ۾ اڇلايون جڏھن رب رحمان کيس بچايو ۽ هنن جي اها تدبير ناڪام رهي تڏھن کيس ملڪ بدر ڪيو ويو. حضرت ابراهيم عليه الصلواۃ و السلام تي بت پرستي جي تهمت لڳائڻ محض حماقت جهالت خباثت شرارت ۽ عداوت ۾ انڌائي جي حد کي پهچڻ جو واضع دليل آھي ڪعبو شريف نبين جو عبادت گاه هو نه معبود ڪعبو شريف سندن مسجد هئي نه مسجود ڪعبي کي مسلمان بيت الله چون ٿا الله نٿا چون ڪعبي شريف ۽ سڀ ڪنهن مسجد کي خدا جو گهر به انهيء معنيٰ سان نٿو چيو وڃي ته معاذالله خداوند قدوسي اتي ئي گهر ٺاهيو ويٺو آھي بلڪ انهيء معنيٰ سان چيو وڃي ٿو ته اوهو گهر جيڪو خداوند تعاليٰ لاء وقف ۽ سندس عبادت لاء مخصوص ڪيو ويو ايترو ضرور آھي ته به نسبت ٻين جاين جي مسجد تي رب جي رحمت وڌيڪ ۽ ڪعبي شريف تي بيحد وڌيڪ آھي. نماز جي نيت وقت مسلمان چوي ٿو ته نماز خدا لاء مهاڙ ھڪ معين طرف يعني قبلي ڏانهن ڪعبو شريف هتي کڄي اچي ته مسلمان کيس سجدو ڪندا ؟ هرگز نه الحاصل ته ڪعبته الله شريف کي بت ۽ حجر اسود جهڙي پاڪ پٿر کي ناپاڪ عضوو ڪوٺي هن مردود ۽ منحوس جي ايمڙي دنيا جي ستر ڪروڙ مسلمانن جي هيئئين ۾ ڪاتي هنئي آھي هنن جي اک ۾ ڪنڊو چڀايو آھي رڙ ڪيئن نه نڪرندي ماٺ ڪيئن ڪري سگهجي ٿي گٿا ڳالهاء واتان ڪيئن نه نڪرندا شخن ڪيئن نه ڪڍبا جيڪي گاريون سيون ٻڌيون سي ته هن ڪتن جي چٺ ڪسيرڪ ڪني کي ور ور ڏئي ڏبيون پر اڃان به دل ۾ ارمان رهجي ويندو ته ڪاش ٻيو ڪجھ به نه پڙھون ها صرف گاريون ياد ڪريون ها ته اڄ هن چلولي چوڪ چنڊي ڦٽل مقام جي چٻ ۽ سڪل ٻيلي جي ٻانڀ ۽ وهريل ڀونڊڻ کي ڏئي ڪجھ ھنيون ٺاريون ها. افسوس ته مائي ولايت مري وئي اسان وٽائس اهي ستن دريائن ۾ نه ڌوپجي سگھڻ واريون گاريون نه پڇيون نه سکيون اڄ اوهي ياد هجن ها ته هن سن جي وچريل سيري جي داڻي تي سربستيون استعمال ڪري هيئين جي باھ ڪجھ هٽايون ها ۽ انهن گارين رستي پنهنجي هيئين جون ڪجھ چڀيون هن ڏڦير جي ڏيل ۾ منتقل ڪري ڀارت جي ڀاڙ تي پلجندڙ ھن گُهگھ پکي جي ڀانڀار اندر ۾ به ڪي ڀڀڙ ٻاريون ها انسان ذات جي بدو آفرينش کان وٺي اڄ تائين يعني پورن ستن هزارن سالن جون ڪعبته الله شريف جون مستند محقق ۽ معتمد عليه تواريخون عربي ۽ فارسي ۾ موجود آھن اهڙي سان اردو ۾ به تازو اڃان ٽيو سال دارالعلوم ٽنڊو الهيار وارن مستند تواريخي حوالن سان ڪعبته الله جي تواريخ شايع ڪئي آھي.ڪعبي شريف تي ھدم ۽ تعمير جا جيڪي دور گذريا آهن هر دور بابت انهن تواريخن ۾ واضع تفصيلات مندرج آھن ڪا گم شم واري ڳالھ ڪانهي شياد ۽ شيد اهو به ڄاڻي ٻجهي بي انتهائي بي ايماني سان لکيو آھي ته ڪعبي جي ڪابه تاريخ ڪانهي هي ته واڻين جي رذيل ٽڪريل مسلمان قوم کي مري ويا يا اڃان ڪجھ پساھ اٿن انهيء امتحان وٺڻ لاء نيزي جي نوڪ سان چوڪون ڏيڻ شروع ڪيون آھن. چون ٿا ته گپ ۾ مينهن جي پير سان پيدا ٿيل گهٻيت ۾ پاڻي ڀرجڻ بعد ڏيڏر انهيء گهٻيت ۾ گهڙي پنهنجي هيٺ مٿي پاڻي ڏسي اُڀ سمنڊ اُڀ سمنڊ جون ٻوليون ڪندو آھي هتي به ساڳي طرح سان ملعونن جو سنڌ ۾ پکڙيل سئو سوا جو گروھ پاڻ ۾ ڳڏجي بي ڌڙڪ اها رائي قائم ڪندا آھن ته بس اسلام ختم ٿيو مسلمان رهيو ئي ڪونه ڪل مري ويا اي بوزان ڀوڪ ڀليو آھين بتال ٿيو آھين ٽي ڏينهن اڳ ڇتي جو ڏاڙھيل ٿو ڏسجين جو هاڻي بيبجي پيو آھين اڙي مسلمان حياتي آھن ضرورت پئي ته توتي ڪارو ڪپڙو وجهي مٿان پاڻي جا گهڙا به نائيندا ايمان جي حرارت مسلمانن جي دلين ۾ ۽ اسلامي خون مسلمانن جي رڳن ۾ اڃان پوري آب تاب سان موجون ماري رهيو آھي گمان مبرکہ بہ پایان رسید کار مغان ھنوز بادہء ناخوردہ در رگ تاک ست اي احمق اللذي مسلمان شير اٿئي شير ستل شير کي جاڳائڻ جي حماقت نه ڪر نه ته ڪنڊا اڻ سويل ٻٻر به چڙھڻ لاء ھٿ ڪون ايندئي سو سوا گدڙن جي هر طرف کان ٿيندڙ اوناڙن تي نه ڀلج مسلمان اٿي پيو ته اهڙا سوين پاپڙ ھن جي هڪڙي مڪ سان ڀري ڀڪا ٿي ويندا. سوين مڙي سنيارڙا جاڳر جنبونڪن. ڪيهر ڪن نه آڊڪي ڊڄي ڊاءُ نه تن گدڙ مر گرن شينهن نه ڌيڄو دل کي (شاه) اي ويهين صدي جي پوئين حصي جا نالائق نٿو رام اي عهد حاضر جا شقي شرار شرڌانند تنهنجو ايڏو من وڌي ويو آھي جو تون ستر ڪروڙ مسلمانن جي اک جي ماڻڪي يعني ڪعبي پاڪ ڏانهن ناپاڪ نسبتون ٿو ڪرين ؟ ٻيو ڪجھ نه تون ڀائين ٿو ته ڳاڙھن ڳانن ٻڌڻ وارا ڳاڙھا گھوٽ عبدالقيوم ۽ علم الدين جن نٿو ۽ شرڌانند کي دوزخ ڏانهن پارسل ڪيو هو اهي هئا ئي ايترا جي مري ويا هاڻي بس ٻيا وڃي ٿياست خير مسلمان رڳو ڪياڙيون کنهڻ ۽ چپن ڏڪائڻ وارا وڃي رهيا آھن . جناب عالي کنڊ ٿو ٿو کائين کنڊ ايهين ڪونهي اڄ به مسلمانن ۾ عبدالقيوم ۽ علم الدين جهڙا لکين لاکيڻان لعل بکي رهيا آھن مهرباني ڪري مسلمانن جي ايمان جو امتحان نه وٺ هو انهيء امتحان ۾ اچي ويٺا ته پاس ٿيندي دير ئي ڪون ڪندا ڀٽائي گهوٽ انهن مانجهين مٿيرن جي فداڪاري صداقت ۽ جذبئه ايماني جي اندر مان اسرندڙ آواز کي اجهو هن ريت ٽيپ ريڪارڊ ڪيو آھي ته. مٿي مٿان جي هجن سرن سئو هزار ته تنهنجي تند تنوار هرهر وڍيان هيڪڙو ( شاھ )

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )