باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )
جيجل ڪير : ڇا سنڌ ڌرتي واقعي اسان جي ماء آھي ؟ حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( جيجل ڪير )
حديث پاڪ ۾ اجي ٿو ڪو ماڻھو چاليھ ڏينهن مدينه طيبه ۾ رهيو ته اهو مدني آهي قرآن پاڪ ۽ حديث جو هر حڪم قانون فطرت آھي جنهن ۾ تبديلي نا ممڪن آھي ڪنهن ملڪ ۾ گهڻون وقت رهڻ سبب بتدريج اڳوڻون رت ۽ گوشت وقت جي گزرڻ سان تحليل ٿيندو رهي ٿو ۽ انهيء ملڪ جي ماني پاڻي ۽ ٻين غذائن مان تيار ٿيل رت ۽ گوشت بطور بدل مايتحلل جي انهيء جي جاء وٺي ٿو جڏھن اينهين آھي ته پوء لامحاله گهڻون وقت رهيل اهو ماڻھو گوياڪ انهيء ملڪ جي غذائن جو حاصل ۽ لب لباب ۽ اتي جو وطني باشندو ۽ انهيء جيجل زمين جو فرزند دلبند ٿي ٿو وڃي هاڻي نظر ڪريو انھيء قانون فطرت جي روشني ۾ مهاجرن تي مهاجرن مان هڪ ته پاڪستاني ۽ نوجوان طبقو آھي جيڪي ڄاوا نپنا جيجل سنڌ جي هنج ۾ آھن هنن کي ڄمڻ شرط جيڪا تارون تي لڳائي وئي سا سنڌ جي ماکي هنن کي جيڪو دڪو کارايو ويو سو سنڌ جو مکڻ هنن جيڪا ٿڃ پيتي سو سنڌ جي غذائن مان ٺھيل رت مان تيار ٿيل کير هنن جو سڄو وجود سنڌ جي پيدا ٿيل پاڪ غذائن ۽ سنڌو جي موتين جهڙي صاف ۽ شفاف پاڻي مان ٺهي تيار ٿيو آھي انهن جي سنڌي هئڻ ۾ ڪو ٽٻوهي جو ڌونڪائي ۽ پڌري جو ڪپري ۽ لوتڪي جو ڪوري به انڪار نٿو ڪري سگهي هنن جو سنڌي هئڻ بديهي ۽ واجب التسليم آھي,
مهاجرن مان اڪثر و بيشتر يعني اندازه نو حصا آھن ئي ايهي سنڌ جي پيداوار ۽ جيجل سنڌ جو سچو پچو اولاد ۽ ڏهون حصو مس ڪو هوندو ٻاهران آيل ۽ صحيح معنيٰ ۾ مهاجر ڇوته ۽ مولها هنن ڇويهن سالن ۾ گهڻان راه رباني وٺي ويا انهن مان ته ايڪڙ ٻيڪڙ رهيل نظر اچي ٿو ۽ اوهي ايڪڙ ٻيڪڙ اوهي آھن جيڪي ترقي پسندن جي معبود ۽ محبوب ملڪ يعني ڀارت جي محبوب مٽي مان تيار ٿي وڏا پريا ٿيا پوء سنڌ ۾ اچي سھڙيا آھن ۽ 27 سالن جي طويل مدت ۾ وقت جي گزرڻ سان تحليل ٿيڻ واري لازمي قانون مطابق پنهنجو اڳوڻون بت ۽ بدن ڪڏھو ڪو وڃائي سنڌ جي غذائن مان تيار ٿيل جسم سان عينڪن جي مدد سان راهون ۽ رنڊ ڏسندا لڏندا لمندا سنڌ ۾ ھلي ڦري رهيا آھن پان خوري چوڙيدار پاجامون اردو ٻولي ۽ ڪن مخصوص هندوستاني وضعن کان سواء هنن جي ظاهر ۽ باطن ۾ سنڌ ئي سنڌ آھي ڀارت جي ڪا بوء به ڪانهي ,,
الحاصل ته مهاجرن مان نو حصا ٿيا سنڌ جو اولاد ۽ ڏهون حصو ٿيا سنڌ جا نيپاج سنڌيء ۾ ڇوندا آھن ته نيپاج اولاد جھڙو ئي مٺو ٿئي ٿو هاڻي ديماڪ ( دماغ ) کان ڪم وٺو
هڪڙي محترمه مائي صاحبه کي چئو ته تون منهنجي امان آھين منهنجي جيجل ماءُ آھين توتان منهنجو سر قربان آھي تنهنجي بچاء لاء هرهڪ قرباني مون لاء قابل صد افتخار آھي, پر فقط ايتري اجازت ڏي ته تنهنجي اولاد ۽ نيپاج کي پاڻ ۾ ويڙھائي مارائي ڇڏيان, مائي صاحبه ڇاڇا چوندي چوندي ته ابا مر تون مارجن شل تنهنجا موت پئي تنهنجي اهل و عيال تي ڌوڙ جا ٻُڪ ڀريو ٿي وجهان تنهنجي انهي ڪوڙ جي پٽپائي تي مئا ماريا دشمن منهنجي ٻچن جي سرجا ويري باه لڳا ٽپٽا نانگا تنهنجي ڳور تي کلو وڃ ٽر دفع ٿي هي ڇٻري جھڙي شڪل واه جو منهنجو پٽ ٿو بنجي عين بين ايها حقيقت اڄ ھي ملحدن جو گروه بظاهر جيجل سنڌ امڙ سنڌ منافقت سان نڙيون ڦاڙي نعرا هڻي رات ڏينهن انهيء ڪوشش ۾ مصروف آھن ته ڪنهنپر جيجل سنڌ جا ڪونڌر ڪهايون سنڌ جي ٻچن ۽ جگر گوشن کي پاڻ ۾ ويڙھائي ناس ڪريون سنڌ جون آباديون پو کون بازاريون جايون بنگلا ۽ باغ جيڪي سنڌ جي وڏي اولاد ۽ ننڊي اولاد جي دم قدم سان آباد آھن انهن کي نيست و نابود ڪري جيجل سنڌ کي مڪمل طرح سان تباه ۽ برباد ڪري بر ۽ ڀانڀاڙ بنائي ڇڏيون جنهن مان هنڌان هنڌان رت جي بوء ايندل هجي ٻيو بس ته ڀارت سواء ڪنهن مزاحمت جي کلي ڪڏي اچي سنڌ جي کٽ تي پاٿولي ماري ويهي رهي اي سنڌ جا سپوٽ ۽ سورهيه سماٽ اي سنڌ جا بانڪا ۽ بهادر بلوچ اي سنڌ جا ڪراڙا ڪيهر قريشي اي سنڌ جا اڻ موٽ عباسي اي سنڌ جا شاهين صفت شاه اي سنڌ جا سرويچ ۽ سرفروش سيد اي پير جي ٺوڪر سان سخت پٿر کي پاش پاش ڪرڻ وارا سنڌ جا پهلوان اي زر سان عاجزن ۽ ضعيفن جي مدد ڪندڙ مهمان نواز ۽ اوطاقن جا ڌڻي اي قانون جا ڪوڏيالا جي کنڀ ۾ رڇي ريٽوٿيل ۽ لال بنيل لائقن ڀريا لاکيڻا ۽ سڇ جي سون کي اجاري اڇو ڪندڙ سنڌ جا ايڊو ڪيٽ اي انصاف جا موتي پوئيندڙ من موهيندڙ مئجسٽريٽ اي سنڌ جا مانجهي ۽ محفلن جا مور ماستر پوري طرح سوچ سمجھ سياڻپ سڌ ٻڌ ڳڻ ڳوپ چيت چيٺ غور خوض عقل دانش ڌيان ويچار فهم فراست دور انديشي ۽ دانائي کان ڪم وٺي حاضر دماغ ٿي ٻڌاء ته ايهي فسادي سنڌ جا دوست آھن يا جاني دشمن؟ انهن جي جيجل ماء سونهاري سنڌ آھي يا ڀارت جي خونخوار ڏائڻ اندرا ؟ جنهن جي اشاري تي پوري طرح سان نمڪ حرام بنجي سنڌ جو ان پاڻي ۽ ليمڪ کائي زهر ڪري سنڌ جي مقدس نالي کي لڄائي رهيا آھن هنن جي ڏور سندن ڀارتي ڀوتار جي هٿ ۾ آھي انهيء جي ڇڪڻ سان ۽ انهن جي ڊيٻڪي تي هي ڀولڙن وانگر نڇي رهيا آھن اي منهنجا سر ساه جهڙا پيارا سڳر ۽ سياء اي منهنجا سٻاجهاسلڇڻا ۽ سگهڙ سنڌي ڀاء سڻاء ته سنڌ زبان حال سان انهن تي لعنتون چوندي يا اڃان به انهن تي ڪي رحمتون موڪليندي هوندي ؟
تبصرے