باب هڪ مثال ( سنڌ سونهاري )
فرعون چيو ته مون ڌاران ٻيو خدا ڪونهي آئون خدا آھيان حضرت موسيٰ چوي ٿو ته سڀ کان مٿاهون سڀ جو خالق خداوند پاڪ آھي سو معاذالله ڪوڙو آھي فرعون انهيء چوڻ سان اڪفرالڪافرين ۽ دوزخ يونين جو چيئر مين بنجي ويو منصور چيو ته مٿين خدا ڌاران جو خالق پاڪ آھي ٻيو ڪجھ ڪونهي آئون يا دنيا ۾ جو ڪجھ به نظر اچي ٿو ڪجھ ناهي نظر جو فريب آھي في الحقيقت سڀ ڪجھ خدا ئي خدا آھي اناالحق انهيء معنيٰ سان ته آئون ڪون آھيان خدا آھي فرعون جو اناالحق انهيء معنيٰ سان ته خدا ڪونهي آئون آھيان ٻنهي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق هڪ عاشق آھي جنهن کي محبوب ڌاران ڪجھ به نظر نٿو اچي هو سڀڪنهن شيء کي منعم حقيقي ۾ محبوب تحقيقي پيو تصور ڪري ٻيو دشمن آھي جو محبوب جي وجود جوئي منڪر آھي پاڻ ڌاران ٻيو ڪجھ به قبول ڪرڻ لاء تيار ناهي هن کي محبوب جو نظر اچڻ ته ڪجا پر محبوب جي تصور کان به محروم آھي افسوس هزار افسوس ته اڄ ڪل جو ازين قسم منڪر ملعون يعني فرعون جو پڇ پنهنجا ناپاڪ مردار سوگ جهڙا ڪٽيل ۽ ڪارا ٿيل هٿ انهن الله جي محبوبن جي ڌاج ڪپڙن تي اگهڻ گهري ٿو جن جي پاڪائي محبت عشق ايمان ۽ فداڪاري تي ملائڪن کي رشڪ ٿو اچي هنن الله جي عشق ۾ پنهنجون جانيون ڳاريون هنن محبت ۾ پاڻ کي ماري وڃائي نيست ۽ نابود ڪري محبوب ڌاران پاڻ کي ۽ ڪل ڪائنات کي نه هئڻ نيست ۽ عدم تصور ڪيو ۽ سندن حال هن بيت سان مشابھ ھوته
دمے در یار تو صد بار میرم.
باین بیچار گی نام.تو گیرم.
اڄ ڪل جو لچ لنب لوفر ٺڳ ٽه پتائي نسل نالائق نااهل الله جو عدو عشق کان عاري محبت جي نالي کان نا آشنائي محض پنهنجي ڪفر جي اثبات لاء انهن عاشقن جا بيت ۽ مصرائون دليل بنائي پيش ڪندي ڦڪو به نٿو ٿئي
دراز دستی این کوتہ آستینان بین
قادر قدير ڪنڌ ڀڃيس ڪا گبرس ٽرين کان به ڳري ڇپ مٿس ڪيرائي وحدت وجود جو مسئلو واقعي واڳن جي وات ۾ آھي يا مون اهو اکر خلاف واقعي جي لکيو آھي .
تبصرے