سنڌ سونهاري باب ( آھي ڪو انصاف ڪرڻ وارو )

هڪڙي وهنوار جي ڳالھ ٿا ڪريون چڱو الحاد پرست خدا جا منڪر ٿيا انهيء ڪري اسلام ڇڏيائون دنيا جي ڪل مذھبن کان بيزار ٿيا انهيء حد تائين ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي پر جيڪا ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي سا هي آھي ته هندو ڌرم جا پوڄاري ڇو ٿيا ؟ آخر هندو به ته خدا کي مڃن ٿا الحاد پرست چون ٿا خدا آھي ئي ڪون پوء هندو ڌرم به ته ڪوڙو ٿيو هتي سوال اهو ٿو اڀري ته خدا جو منڪر هندو ڌرم جو عاشق زار ۽ شيدائي بي قرار ڪيئن ٿي سگهي ٿو ؟ جڏھن ملحد الحاد پرست اها دعويٰ ڪندي ناهن ٿڪندا ته خدا جو وجود ئي ڪونهي مذھب سڀ ڪوڙا آھن پر وري ساڳي جاء تي چوندي ناهن ٿڪندا ته هندو ڌرم تان صدقو ٿيان ڳئون ماتا جي گوبر تان گهوري وڃان انهيء تضاد جي ڪا ته معنيٰ ضرور هوندي اسلام تي هر روز ته طرح طرح سان آڱريون کڻندي ناهن ٿڪندا ڪڏھن ڪنهن انهن قوم پرستن کي هندو ڌرم خلاف وات مان گهيگھ ڪڊندي ڏٺو ؟ ڇا انهي ڳالھ جي بنياد کان ڪو واقف آھي؟ اچو توهان کي انهي ڪارڻ جي اصل وجه تان پردو کڻي چٽو ڪري ٿا ڏيون جناب پير مولانا غلام مرتضي سرهندي صاحب پير سرهندي ڳوٺ ملير ڪراچي پاڻ لوڪل بورڊ ضلع ڪراچي جا پريزيڊنٽ ۽ مسلم ليگ ضلع ڪراچي جا حال حيات صدر هئا ڪوبه چاهي تصديق ڪري پاڻ روايت ڪن ٿا ته جي ايم صاحب سان جيء جون جڙيون هيون اسان جي محبت انهي حد کي پهتل هئي جو ڪراچي اچون ۽ سندس در نه ڀيٽيون اها ڳالھ تقريبا نا شدني هئي ڏانهس نهارڻ سان اسانجا نيڻ ٺريا ٿي . اسان جو مرجع آمال و اماني سندس ذات والا صفات هئي انهيء وچ ۾ هندو ليڊرن جي وٽس آمد رفت شروع ٿي وئي راز نيٺ طشت ازم بام ٿيو ڦاٽ ڦاٽو ته شاه اجهوڪ اجهو ڪانگريس جي ڪن ڪرڻ وارو آھي اسان جون ٻه ويون ڇھ به ويون منتن سان ڪونه گهٽايوسين حيلا هلائي دنگ ڪياسين پر مڃي ڪير وارياسو پٿر پاڻي ۾ ڪريل جنهن جي سلامت نڪرڻ جي اميد عبث هئي پر اسان جي ڏانهس خوش فهمي ۽ انڌو اعتقاد ۽ عشق عقل جي املھ ماڻڪ کي پيرن هيٺيان ڪريو بيٺو هو بالا آخر مون ۽ جناب سيدعلي اڪبر شاه صاحب مرحوم باني جامع عربيه حيدرآباد هڪ ڏينهن ڳڏجي سندس بنگلي ۾ پهتاسين جٿي بک هڙتال شروع ڪئي ماني کائڻ لاء گهڻيون ئي منتون ڪري پر ڳالھ مڃڻ واري ٻيو ٿيو مڙئي خير سندس خاص ماڻھن ٻڌايو ته ڪانگريس مسلم ليگ جي مقابله لاء سائين بادشاه کي ٻه لک روپيا ڏنا آھن سوهاڻي اوهان ٻه سندس خاص دوست بک وگهي ڇوٿا مرو؟ سندس ڪل دلگهريا دوست مرن ته مرن همراه هٽندو هرگز ڪونه آخر آھو پلي بک هڙتال ٽوڙي جيئن سندس بنگلي کان نڪتاسين تيئن اڄ ڏينهن تائين وري اسان اوڏانهن پير نه پاتو قائداعظم جهڙي ماڻھون سان اختلاف ۽ مسلم قوم سان عداوت جو راز آيو خيال شريف ۾ ؟ ايڪتهر واري جنگ ۾ ڪو آڙيڪاپ مسلمان هندون کي هٿ اچي ويو هو. هو ڪو ماڳهين قابل سوسر بچائڻ خاطر پاڻ کي هندو ظاهر ڪري هندن تي ايڏو ته ڇائجي ويو جو بمبئي ۾ ھندن جي ڪنهن تمام اهم اينٽي مسلم ڪاميٽي جو ميمبر ۽ رازدان بنجي ويو انهي جا پاڪستان پهچڻ بعد جيڪي بيان شايع ٿيا سي هي ته هندو پاڪستان جي تخريب ڪار مسلم نما ملحدن کي سال بسال اندازه چاليھ لک روپيا ڏين ٿا جنهن مان پاڪستان ۾ اسلام ۽ پاڪستان جي خلاف متفرق زير زمين تحريڪون هلن ٿيون انهيء مان پنج لک خاص جي ايم صاحب کي ملن ٿا انهيء پارٽي جو ڪم آھي زبان سان ۽ گوناگون ڇپجندڙ مواد ذريعي پاڪستان ۽ اسلام کي ڊاهڻ لاء ننهن چوٽي جا زور لڳائن مڙس کٽل کاتو زمينون اڪثر باراني ۽ لاحاصل ڏيک ويک وڏو دستر خوان ڪشادو هاڻ ته ڪي روپيا کپن جو وقت پاس ٿئي . خدا جو منڪر خداجي خوف جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي هاڻي اهو ماڻھون پيسن تي ڀارت جو ڌوتو ۽ ڀارت جي ڪل ڌوتن جي ناني نه بنجي ۽ پنهنجي پونگھ سميت اسلام ۽ پاڪستان جي خلاف ڇا مان ڇا نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري ؟ انصاف ڪندڙن کي ڳالھ سمجهڻ کپي ته قوم پرستي جي نالي تي اڄ جيڪو ٿي رهيو آھي اها ڳڏھ واري مُھار ڪنهن جي هٿ ۾ آھي؟ پاڪستان جي مخالفت ته سمجي سگهجي ٿي مگر پاڻ کي مسلمان سڏائي اسلام سان دشمني ڪرڻ ڪنهن جي پئي غلامي ڪئي وڃي؟ هاڻ سڀين تي واضع ٿي چڪو آھي ....

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )