باب راجا ڏاهر ( سنڌ سونهاري )

غورطلب امر هي آھي ته هڪ ظالم جابر سفاڪ انسان ذات جو قاتل شرابي عياش رنڊي باز رنگيلو ڊڪٽيٽر يعني راجا ڏاهر اڄوڪن الحاد پرستن نه نه ترقي پسندن کي ڇو اچي ايڏو وڻيو آھي جو هن جون صفتون بيان ڪريو مريو ٿا پون هن ۾ اوها ڪهڙي خوبي هئي جنهن ڪري هو اڄوڪن ملحدن محبوب بنجي ويو آھي اسان تاريخي ڪتابن جي روشني ۾ ڏاهر کي خوب ڦلهوري ڏٺو ته بُڇڙائن اونداهين کان سواء هن ۾ ڪنهن چڱائي جو ڪو معمولي چمڪاٽ به نظر نه آئي اسان تي اهو واضع ٿيو ته ملحدن وٽ راجا ڏاهر جو محبوب هجڻ سبب سندس هڪ ئي خوبي آھي اُھا هي آھي ته راجا ڏاهر پنهنجي سڳي ڀيڻ سان شادي ڪئي انهيء مان الحاد پرستن انومان ڪڍيو انومان ته ڇا پر اذعان ۽ القان جي حد کي پهتا ته هو لا مذھب هو هندو مذھب کي مڃيندڙ ھجي ها ته ظاهر ظھور ڀيڻ سان شادي نه ڪري ها. هنن پنهنجي لامذهبيت واري مذھب لاء معيار صداقت اهوئي ٺهرايو آھي ماءُ ڀيڻ ڌيء انهن مان جيڪا به سندس قبضي ۾ ھجي انھيء سان پارٽي وارن جي روبرو ۽ اکين اڳيان اچي منهن ڪارو ڪري ته اهو واقعي مذھب کان آزاد سچو ڪميونسٽ ۽ سچو ترقي پسند آھي راجا ڏاهر انهيء امتحان ۾ انهن جي اڳيان سچو سون دهريو ۽ سچو لا مذھب ثابت ٿي چڪو آھي پوء ڇونه انهيء جي صفت ۾ سوڌا زور لائين ۽ انهي ڦولڙي کي هيرو ڄاڻي هسي وانگر پنهنجي پيشاني تي آويزان ڪن. اي ترقي پسندو ڏاهر واقعي اوهان جو آھي ڏاهر جي متعلق اوهان جي قائم ڪيل رائي سوفيص صحيح آھي تيرهن سئوسال اڳ جو اوهان جهڙو ترقي پسند آھي هڪ زبان ڇا آھي؟ اوهان تي واجب آھي ته بلا وانگر پنهنجون گهڻيون زبانون ٺاهي هلائي رات ڏينهن هڪ ڪري سندس تعريفون ڪريو اسين ارها ڪون ٿينداسين صرف پنهنجي مسلمان ڀائرن کي عرض ڪندا سين اڄوڪن ماءُ ڀيڻ ڌيء ۽ زال کي هڪ نظرسان ڏسندڙ الحاد پرستن کان مهرباني ڪري توڻي جو اوهان جا عزيز به ڇونه هجن سنڱ نه ڏيو نه وٺو حتيٰ ڪه ڪنهن هندو کان سنڱ وٺو پر هنن کان نه وٺو ڀلا جيڪڏھن اوهان جون سڀ واهون بند به هجن ۽ انهن کان سواء ڪٿان به ڪو آسرو نه هجي سخت لاچاري هجي ته به ايتري مهرباني ڪري جو ايوب خان جي بحال ڪرايل شارڌ ايڪٽ کي نظر انداز ڪري ڪا اڻ ساماڻل نينگري وٺو.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )