باب باندر زادا لنگور پوٽا ( سنڌ سونهاري )

باندر زادا ۽ لنگور پوٽا : 
 جي ايم شاه جي ڪفرياتي گند رکندڙ ڪتاب جيئن ڏٺّو آ مون جو رد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( باب باندر زادا ۽ لنگور پوٽا ) پير زادا امير زادا مخدوم زادا نواب زادا صاحبزادا شهزادا حلال زاده ۽ حرام زادا , اهڙي طرح سان بادشاه پير پوٽا جهانيان پوٽا هاليپوٽا پليء پوٽا وغيره وغيره ذاتيون اڳيئي هيون پر وينهين صدي ۾ زادن ۽ پوٽن جون ڪيتريون ئي نيون ذاتيون باندر زادا لنگور پوٽا وغيره نالن سان وڏي آب تاب ۽ طمطراق سان نروار ٿيون آھن, هو ڊارون ٿيوري جا قائل آھن هو چون ٿا ته ڪو پاڻي جو پونئرو لکين سال نسلا بعد نسل ترقي جون منزلون طئي ڪندي ڏيڏر ٿيو پوء ڪڇون ٿيو پوء بلا ٿيو پوء نانگ ٿيو پوء ڳڏھ ٿيو پوء انسان ٿيو , هو چون ٿا ته اوهي انسان اسين آھيون ايهي پوئنرن ڏيڏرن ڪڇن نانگن ٻلن ڪتن ڀولڙن باندرن جا فرزندان گرامي اڄڪل ترقي پسند الحاد پرست سرخا دهريا ڪميونسٽ وغيره نالن سان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان گزاري رهيا آھن , هنن کي هلڪي ذات وارا هرگز نه سمجهو هو ڪمذات ناهن هو ڪنهن گهراڻي گهرجا آھن هو خاندانان آھن هنن جا وڏا بزرگ پوئنرن کان وٺي ويندي باندرن تائين سڀ ڪي هستيون ٿي گزريون آھن انهن کي خسيس ۽ رذيل قوم نه چوڻ گهرجي ڪو چئي به ڏسي هو ڪن وڻن جا ڇوڏا آھن عام انسان هنن جي جتي ۾ پير پائي نٿا سگهن چون ٿا ڪنهن وڪڻندڙ چٻ جي قيمت هڪ رپيو ۽ چٻ جي ٻچي جي قيمت ٻه رپيا ٻڌي ماڻھن چيو اينهن ڇو ؟ چيائين وه صرف اُلو ھے اور یہ اُلو بھی ھے اُلو کا پٹھا بھی ھے عام انسان ته صرف انسان آھن هي انسان به آھن ۽ ان سان ڳڏ ٻيون به ڪيتريون ئي اتم جنسون هنن جي وجود ۾ سمايل آھن تنهنڪري ايهي قسمان قسم ۽ رنگارنگ جنسن مان جڙيل انسان نما جانور علم ماڻھن کان درجي ۾ تمام متاهان آھن عقل ۽ دانش ۾ عام ماڻھن کان گهڻون بلند ۽ بالا هونء به ٻسر ٻسٽ ٿيندو آھي هي ته ٻسر کان به مٿي صدسر آھن هنن جي ته ڳالھ ئي ڪا اور آھي اوهان ڀانيو ٿا ته ترقي انسانيت جي ڏاڪي تي پهڇي ختم ٿي وئي نه نه ختم وري ڪٿي ٿي ڪير ٿو چئي ته ختم ٿي ايهي جيڪي لکن سالن کان ترقي ڪري رهيا آھن سي اڃان ترقي ڪري مرد پاڏا ۽ زالون مينهون ٿينديون کڙ ڪتر ڏارو لوسڻ وغيره جا ٻه ٻه مڻ هنن جو روز مره جو قوت هوندو زالون مينهون بنجڻ کان پوء پاسي مان چروڙي کير جي ڏهائينديون پوء سڇو گيھ ملڪ ۾ ايڏو عام جام ٿيندو جو ڪوڙي بناسپتي کي ڪير ٿڪ به ڪون هڻندو اڃان به ترقي ڪري مرد ۽ زالون اُٺ ۽ ڏاچيون ٿيندا اڃا به پوء هاٿي ۽ ھاٿڻيون ٿيندا اڃا به پوء الائي ڇا ٿيندا ايهي ڳالهيون ڀانيون ٿا ته چرڇو پيا ڪريون نه نه چرچو نڪو ڀوڳ هو سچ پچ پاڻ کي جيتن ڪتن ڀولڙن جو اولاد چوائين ٿا, جي ايم صاحب بار بار لکي ٿو ته ايها اهڙي حقيقت ثابته آھي جنهن ۾ شڪ شبهي جي ڪابه گنجائش ڪانهي ايها سڄي قوم پنهنجي انھيء دعوي جي ثبوته ۾ باقائده ڪتاب لکي ڇاپائي رهيا آھن ڪو ماڻھون اڻ واقفن جي اڳيان پاڻ کي صديقي فاروقي عباسي قريشي يا سيد سڏائي ته انهيء تي ڏڏو ڏيڪر ڪيو ويندو آھي ته ثابتي ڏي شجرو ڏيکار تنهنجو سڃاڻندل ڪير آھي ؟ وغيره پر جيڪڏھن ڪنهن ماڻھون پاڻ کي ڌران ئي گهٽ ذات سڏايو , ماڇي مهاڻون خاصخيلي شيدي وغيره ته انهيء کان آڏي پڇا ڪرڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿيئي هنکي اينهين نٿو چئي سگهجي ته هوندو ته ڪا اُچي ذات پر گهٽ ذات سڏائي معتبر ٿو بڻجي گهٽ ذات سڏائيندڙ کي بي دريغ ۽ بلا تامل تسليم ڪيو ويندو آھي ڀلا جيڪڏھن ڪو ماڻھون حضرت آدم عليه السلام جهڙي اولوالعزم پيغمبر جي اولاد هئڻ جي شرف ۽ عزت ۽ وقار ۽ مرتبه ۽ مان تان دستبردار ٿي به سلامتي هوش و حواس پاڻھي پاڻ کي باندر يا لنگور جهڙي زليل ۽ مردار جانور جو سپوٽ پٽ سڏائي ته انهيء جي منهن تي ڪهڙا لينگها ڪڍي سگهبا؟ ڪهڙي طرح سان هنکي ڪوڙو چئبو؟ سڀڪو چوندو ته ادا پاڻ کي وڌائي ته ڪونه ٿو ويچارڙي جي جيڪا ذات آھي سا ٻڌائي ٿو ايها ذات ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ٿي ؟ چونٿاڪن ولايتن جي جهنگلن ۾ باندر بيحد گهڻان ٿين ٿا جناب ڊارون صاحب جا ماء پيء سير تفريح جي خيال سان پر ڀرا نڪري ويا تان جو باندرن کين گهيريو مڙس ته لڙندي وڙھندي نيٺ جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ڀڄي نڪتو پر زال کي ڪنهن باندر گهلي وڃي پنهجن ڪکن ڀيڙو ڪيو چون ٿا ته باندر وڏو حرامي آھي اشراف ڪونهي هنکي ڪا زال هٿ اچي ٿي ته هو انهيء کي پنهنجي ھوس رانين جو آماجگاه بنائڻ ۽ واپرائڻ کان به نٿو گسي چنانچه ويچارڙي مئڊم کي هڪ ناجنس ۽ نامانوس جوڙيوال جا مجرمانه حملا ٻاٽي ڏينهن برداشت ڪرڻان ئي پيا نه کلڻ ڳالهائڻ جو سک نه رهاڻ مجلس جي وندر جهڙوڪو جيل ۾ ڏندن تي ڏئي وقت گذارڻ لڳي هو ڏانهن باندر خبيث جنهن پنهنجي بجري نڪ مني گول اکين واري يا ڄمار گڪي چوپيري باندريء کي صفا وساري سڄو آر ڪيو هن سر و قد ڊگهي نڪ ۽ ڊگهين اکين واري لسي پسي جبر سان بنايل جوء تي باندري پنهنجي انهيء پريزاد پهاج کي ڏسي سڙي پچي رهي هئي هن مظلوم ۽ مسڪين مئڊم سان ٻاٽي ڏينهن ڪي هلتون ٿي گزريون باندر ڍاپڻ جو هوئي ڪونه تان جو سندس مڙس چند ساٿين سان مسلح ٿي باندر کي ماري يا ڀڄائي زال ڇڏائي وٺي آيو مائي باندر مان سڀر ( ڍُڪي يا حمل واري ) ٿي چڪي هئي ڏينهن گزرندي ويرم ئي ڪانه ٿي اميد واري جا آثار نمودار ٿيا ڍڪي ڳهر سمهي ته وري اٿڻ جي نه ڪري رڳي ٿڪ ٿڪ هنيون ڪچو اوڪارا ميٽ گهر ۾ ڏسي ته ڇڏيئي ڪون کايو وڃي ايهي ڦيرا ڪو وقت هليا پيٽ وڏو ٿيو نيٺ ايهو نطفئه نا تحقيق ڊارون جي نالي سان عالم وجود ۾ آيو نڪ منون اکيون اندر گهڙيل منهن ڊگهو اٿڻ ويھڻ ۾ ڇڙڪ ۽ چالاڪ ٽپ ته جهڙس ڪوبه ڇوڪرو نه پيو ڏئي سگهي انهن پارن وارو ڇوڪرو وڌيو ويجهيو وڏو پريو ٿيو , چون ٿا ته مائٽ مرن پر مجيجي نه مرن تراڙين ۽ تيرن جا گهاء ڇٽي به وڃن پر زبان جا ڪيل زخم مور نه ميٽجن نيٺ ناسور بنجن منهن تي ڏيڻ کي ڏيڻ نه چئجي پر هن مسڪين کي ته ڪي هلڪي طبيت وارا منهن مڪابر باندر جو پٽ چئي ايهو ايهو ڪندا هئا چالاڪڙي نيٺ عقل کان ڪم ورتو ماڻھن جي مهڻن کان تنگ اچي ايهو نظريو ايجاد ڪيائين ته جيڪڏھن ڊارون بابا باندر جو پٽ ٿيو ته ڇا ٿيو اصل ۾ ته سڀڪو ماڻھون باندر جو ترقي يافته اولاد آھي جيڪڏھن ڊارون جو پيء باندر آھي ته ڏاڏو ته سڀني جو باندر آھي پيء ۽ ڏاڏي ڇا ورهايو پٽ ۽ پوٽي ۾ ڪھڙو فرق ڊارون جا پونينر به انهيء نظريي تي قائم رهيا ۽ انهي ريت اها ڊارون ٿيوري ملڪان ملڪ پکڙڻ لڳي , ڪل مخلوقات مان انسان ئي هڪ اهڙي مخلوق آھي جنهن کي عقل معاش سان ڳڏ فڪر معاد به قدرت جي طرفان موهبت ٿيل آھي انسان ذات صحيح طرح يا غلط طريقن سان پر پنهنجي معاد لاء ڪونه ڪو لائحه عمل ضرور قائم ڪيو آھي آخرت يا معاد جي ڳڻتي انسان جي فطرت آھي جانور جو عقل حال حاضر جو ڏک سک ته محسوس ڪري ٿو پر مستقبل جا هانڃا ۽ مصيبتون هن جي داعره عقل کان ٻاهر هوندا آھن نيٺ ڇاٿيندو ؟ ايهو ڪوبه جانور سوچي نٿو سگهي ۽ نه انهيء تصور جي هن ۾ ڪا صلاحيت به آھي, موت کان پوء حياتي جو ته جانور تصور به نٿو ڪري سا ڳالھ اڻ ٿيڻي آھي بلڪل اهڙي طرح سان ايهي باندر جا پويان ۽ ڊارون جو نسلي روحاني اولاد فڪر معاش ۾ وهواه لڳا پيا آھن باقي حيات بعدالممات هنن جي ذهن ۾ سمائجي نٿو سگهي ايهوئي آخرت جو انڪار اڄڪل جي ترقي پسند قوم پرست لنگور پوٽن جي خاص نشاني آھي ڊارون ۽ سندس اولاد ڏرڙ ۾ وڃي پئي اوهي ٿيا يورپ ۾ هتي ته نڪو باندر نڪو باندر پوٽن جي ڪهاوت جو ڪوبه مصداق نه ملڪ ۾ باندر آھن نه وري ڪنهن مزڪوره بالا حادثه جو هن ملڪ ۾ امڪان ئي متصور ٿي سگهي ٿو هتي وارا نڀاڳا جيڪي پاڻ کي خواه مخواه باندر جو اولاد سڏائين ٿا اهي ڪيتري قدر به اسان جا ۽ اسان جي پاڪ دين جا دشمن پر اسين انساني شرافت جي مدنظر هنن کي اهو ڪارنهن جو داغ هرگز نه لڳائينداسين , چريي کي ڪو پنهنجي وس ڇڏبو ڇا, هو ڇا به چون پر اسين چونداسين ته هو ڪوڙا آھن اول نمبر جا هنن جا ڏاڏاڻ ۽ ناناڻ ٻئي انسان ذات آھن, اسان هنن کي ڪنهن مهل ڪاوڙ ۾ کڻي چيو ته ماڻھوء جا ڦر ئي ناهيو ته انهيء مان اسان جي ايها مراد هرگز نه هوندي ته هو ڪو واقعي انسانن جا اولاد ناهن اسان جي انهيء اکر مان مراد هوندي ته اوهين اي ڊارون جا پوڄاريو اي الحاد پرستو پاڻ کي ڪهڙي به قعر مذلت ۾ اڇلايو پر اسين اوهان کي ماڻھون ۽ انسان ئي سمجهنداسين نه ٻيو ڪجھ , اڙي نڀاڳاڪوه اچي خوار ٿيا آھيو ڊارون هڪڙو ٽٽ کڻي ڏنون ته اوهين بس انهيء تي سندرا ٻڌي بيهي رهيا ڀلا جيت ۽ جانور ترقي ڪندي انسان بنجي ويا ته پوء ته انهن جيتن ۽ جانورن جو اڄ وجود ئي نه هجي ها,پوء ساڳين شڪلين صورتن سان ساڳيون جنسون اڄ تائين ڇو پيون هلن اڙي پٽيا هوش ڪريو پاڻھي پاڻ کي گاريون نه ڏيو وڦلو نه پاڻ تي ماڻھون نه کلايو ٻيو ڀلا هاڻي ڇا چئون؟ *****راجا ڏاهر

تبصرے

لکندڙ کي اهيا به خبر ناهي ته جي ايم سيد ڊارون ٿيوري جو ذڪر ڪيو آ نه ڪي پنهنجو ٿيوري پيش ڪئي اٿس... انگريزي ۾ چوڻي آ لٽل نالج از ا ڊينجرس ٿنگ تنهنڪري توهان جي ايم سيد جي ڪتاب جو تڏهن ئي رد ڪڍي سگهو ٿا جڏهن توهان سائنس، مذهب، سماجيات، نفسيات ۽ تاريخ ۾ مهارت رهندڙ هجو پر ڳالھ توهان کان ڳري آ، جي ايم سيد ڪير سڏائي جنهن سچ لکي عقل جي انڌن کي قيامت تائين لاجواب ڪري ڇڏيو...

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )