باب ڪافر ڇو ؟ ( سنڌ سونهاري )

ڪافر ڇو ؟ : جي ايم شاه جي ڪتاب جيئن ڏٺّو آ مون جو رد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( باب ڪافر ڇو ؟ ) (1) نماز روزه حج زڪوات جو ترڪ ڪرڻ گناه ۽ انهن جي فرضيت کان انڪار ڪفر آھي جي ايم شيد پنهنجي رسوائي عالم ڪتاب ( جيئن ڏٺو آ مون ) ۾ دين جي انهن چئني ٿنڀن جي فرضيت کان مسلسل انڪار ڪندو ۽ انهن کي مسلسل دور جاهليت جا يادگار ۽ فرسوده رسمون لکندو آيو آھي (2) قرآن پاڪ جي هڪ آيت جي به ڪلام الاهي هئڻ کان انڪار ڪفر آھي جي ايم سڄي قرآن جو منڪر آھي هو باربار قرآن پاڪ کي پراڻن مزهبن مان ڳڏ ڪيل ناڪاره مواد ۽ قديم قومن جي رسمن رواجن ۽ توهم پرستين جو واهيات مجموعو لکندو ويو آھي ۽ ھنڌ ھنڌ اهو تاثر ڏئي رهيو آھي ته قرآن خدا وند تعالي جو موڪليل نه پر پيغمبر پاڪ جو هٿرادو ۽ جڙتو ٺاهيل ڪتاب آھي (3) اسلام جو سارو دارو مدار آخرت تي آھي آخرت ۽ اخروي زندگي تي ايمان آڻڻ اسلام ۽ اُخروي زندگي ( قيامت دوزخ بهشت ) کان انڪار ڪفر آھي جي ايم شيد نه فقط انڪار پر قيامت دوزخ بهشت تي ٽوڪون چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪندي پنهنجي ڪتاب کي توڙ پڄايو آھي (4) حضور سرور ڪائنات سردار شافع دوجهان صلي الله عليه وسلم جي رسول ۽ معبوث من الله هئڻ کان انڪار ڪفر آھي جي ايم پنهنجي انهي ڪتاب ۾ سندن رسالت ۽ بعثت ۽ سندن الله جي طرفان موڪليل هئڻ کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو آھي (5) الله ۽ رسول ۽ پاڪ دين جي حڪمن تي آخري درجه جو ۽ ڪامل يقين رکڻ ايمان ۽ انهن ۾ ذرو به شڪ آڻڻ ڪفر آھي جي ايم شيد پنهنجي انهي ڪتاب جي شروعات ئي انهي اقرار سان ڪئي آھي ته اسلام جي عمارت جيڪا منهنجي ذهن ۾ اڏيل هئي تنهن ۾ اول شڪ جا ڏار پيا پوء ڊھي پٽ پئي گويا پاڻ باسي ٿو ته اول مسلمان هئس هاڻي مسلمان ناهيان بلڪه منڪر اسلام ۽ ڪافر , (6) ٻيون ڪل خبرون خير هو اگر چه سڌي طرح سان وجود باري تعالي يعني الله جي هئڻ کان انڪار جي جرئت نه ڪري سگهيو آھي پر هو چوي ٿو ته دنيا قانون ارتقا مطابق پاڻھي ٺھي خدا نه ٺاهي دنيا جو انتظام ازخود پيو هلي دنياکي هلائيندڙ ۽ سنڀاليندڙ رب جي ذات ناهي جيڪڏھن دنيا ( ڪائنات ) جو پيدا ڪندڙ ۽ ٺاهيندڙ ۽ سنڀاليندڙ ۽ ھلائيندڙ الله ناهي ته پوء آخر الله ڇا آھي ؟ انڪار کي سنڱ ٿيندا آھن ڇا ؟ الله جي مالڪ ۽ خالق هئڻ کان انڪار اهو سندس وجود ۽ سندس هئڻ کان انڪار ناهي ته ٻيو ڇا آھي ؟ ۽ الله کان انڪار ڪفر ناهي ته پوء ڪفر ڇاکي ٿو چئجي ؟ (7) جيڪو ڪتاب لکيو ويو ئي آھي اسلام جي رد ۽ ڪفر جي حمايت لاء انهي جي لکندڙ لاء ڪافر کان سواء ٻيو ڪو اکر هجي ته کڻي ڪو ٻڌائي , ,,,,,,,

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )