هر دلعزيز هيمون (سنڌ سونهاري )
هر دل عزيز هيمون : مسلمان توجه سان پڙھن
حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار . ( هر دلعزيز هيمون )
ترقي پسند اديبن جو گروه گهڻي پيار ۽ محبت مان اڄڪل پنهنجن پٽن تي نالو هيمون رکي رهيو آھي هيمون جهڙو سنڌ جو سپوٽ ٻيو ڪير هيمون جهڙي لاکيڻي لعل کي لانجهو ڪير چوي ڪو چئي به ڏسي هيمون ڪلياڻي ڪون سڏائي سنڌ جيجل ماء ڏيا واري ڏھيسر يعني راجا ڏاهر کان پوء انهيء ھر دلعزيز هيمون کي جنم ڏنون جنهن سنڌ جو ڳاٽ اونچو ڪيو جنهن پاڻ کي سنڌ جو ڪوه نور هيرو ثابت ڪيو جو هڪڙي ئي ڪارنامي سان سنڌ جي ڪروڙن ڪٽ مست جوانن کان ڪسر کڻي ويو ريل ڪرائي وجهي ها ته,
ته ڪا ڳالھ ئي اور هئي انگلينڊ جي برن بازارن ۾ تهلڪو مڃي وڃي ها, ڇيمبر لين منجھ اونڌو ڪري پنهنجي گهر وڃي سمهي ها, ۽ جوء سالن تائين سور پيو روئي ها پارليامنٽ جا منمبر پار ڪڍن ها ۽ مٿو پٽين ها, ملڪه ايلزيبٿ جون بلو آئيز وسندي وسندي سانوڻ جي بادلن جون سڪون لاهين ها ايلزيبٿ ڏسڪي ڏسڪي چپ ڏڪائي ڏڪائي نڪ مان وهندڙ سنگهون ايپران جي داون سان اگهندي اگهندي هنطرح اوساري هاته الاس الاس اور واڻياز ائنڊ اور واڃانڻيز انڊ ديئر چلڊرين آل ڊائيڊه هائو اور لائيورز ول بي ڊيو ٽو ديئر سيپريشن هتي به هندن مسلمان زالن مڙسن ٻارن ۽ وڏن جي چپجي چلهجي ڦٿڪڻ ۽ مرڻ جو روح پرور نظارو ڏسي ڏسندڙين جون اکيون ٺرن ها, هنن جون هينين ڦاٽيون رڙيون ريهون رنڀون ٻڌي ٻڌڻ وارن جا دماغ به ڍڪ وقت سرندن شرناين مرلين نڙن ۽ گلوڪاره ۽ گل بدنن جي سينبائيندڙ سرن ۽ نغمن جا سرور ۽ لذتون محسوس ڪن ها انهي کان علاوه سڄي سنڌ ۾ انهن جي عزيزن هندن ۽ مسلمانن جي گهرن ۾ ماتام ۽ مامرا مچي وڃن ها اصلي واه واه ٿي وڃي ها , بهادري کان علاوه مڙس ڏاهو ۽ ھوشيار وري ڪهڙو عقل ۾ ته اصلي پيراڻي ڀنڀري کان اڪابر هن مرحوم چيو هو ته ڪنڊو لڳو ڪنڌ ۾ کوٽجي ٿو گوڏو هيمون گويا ٻي مصرع هنطرح سان ٺاهي راس ڪئي ته ڌڪ هڻڻون انگلينڊ کي ڪهاڙي هڻي لاٿو سين سنڌ جو ڇوڏو , الحاصل ته گاڏي ڪري هاته هيمون جو قدر ۽ قيمت هڪ مان وڌي هزار کي پهچي ها بدقسمتي سان هو پنهنجي اراده ۾ ڪامياب ڪون ٿيو ; پر انهيء ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن جو ارادو نهايت نيڪ هو سنڌ جو سڇو سڄڻ ۽ مهراڻ واديء جو بيحد گهڻگهرو ۽ نهايت بهي خواه ضرور هو ڀلا جيڪو ماڻهو سنڌ واسين ڏانهن اهڙا عجائب ارادا رکي انهيء کي سنڌ جو سڄڻ ڪيئن نه چئبو ؟
جيڪو باره ماسين وانگر ريل جا بلٽ ڪڍي ويو انهيء کي بانڪو ۽ بهادر ڪير نه چوندو الحاد پرستن کي حق آھي ته هيمون جي انهيء ڪارنامي تي فخر ڪن ناز ڪن پڏن خوش ٿين ٽڙن ڪپڙن ۾ نه ماپن , آئون سندن خذمت ۾ انتهائي عاجزي سان هڪڙو عرض ڪندس اوهو هي ته اوهان واقعي هيمون جو وڏو قدر ڪيو آھي پر ايهو قدر اهڙي عظيم انسان جي اڃان لائق وٽان نه آھي پٽ دائره محبت جو آخري نڪتو ضرور آھي ,اظهار محبت لاء ھيمون جو نالو پٽن تي رکڻ ۽ ھنکي پٽ جهڙو ڪري سمجهڻ واقعي پيار جي ڪمال جي نشاني آھي پر هتي نه فقط محبت جو اظهار مقصود آھي پر اهڙي عظيم انسان جي عزت قدر منزلت ۽ رفعت شان کي به ملحوط رکڻون آھي ۽ ظاهر آھي ته معزز ۽ محترم شيء کي پيء کان به وڌيڪ ٻي ڪابه ڪانه آھي محبت سان ڳڏ بلند مرتبه جي اثبات لاء ڪنهن کي ابو بابو پيء يا پتائي چوڻ دنيا جي رسم ۽ راڄا ريت آھي انهيء ڪري اي الحاد پرستو هيمون کي پنهنجو ابو چئو اوهان کان ڪو پڇي ته اوهان جي پيء جو نالو ته اوهان وراڻيو ته بابي سائين جو نالو آھي هيمون , يا چئو ته هيمون اسان جو والد شريف آھي يا چئو ته پيء ھيمون جي هي ڳالھ يا چئو ته بابو هيمون ههڙو سورهيه هو ههڙو هو رات جي ٻاٽ اونداهي ۾ دلي مان ڳڏون ڀريندو هو ته دلو ڪندو هو بربر ته کيس ڀئوئي ڪون ٿيندو هو, اسان کان وڙ ويساه وٺو , اوهان هيمون کي ابو ۽ بابو چوندا ته اسين ارها ڪونه ٿينداسين , هونء به ته اوهان جا سچا پچا پيء ماء اوهان جا ڪي دوست ڪين هئا, هنن پهرين ته دشمني اوهان سان ايها ڪئي ته ڄمڻ شرط اوهان جي ڪن ۾ ٻانگ ڏياريائون , هن دنيا ۾ قدم رکڻ شرط پهريون پهريون آواز خدا۽ رسول جو نالو اوهان کي گوش گزار ڪرايائون , انهيء کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي دشمني ٿيندي ؟ جو ٻن سالن تائين پينگهن ۾ لوڏيندي اوهان کي ڪلمي شريف جون لوليون ڏياريائون لااله الا الله منهنجو جيئي پچي منهنجو وڏو پريو ٿئي الا الله ايها ڪا گهٽ عداوت آھي, جو اوهان جا نالا مسلمانڪا رکيائون , ٽوپڻداس ٽلو مل ٽيڪمچند ٽڊڻ ڀڳت ٽمون رائي اهڙن پيارن نالن کان اوهان هميشه لاء وانجهجي ويا بدخواهي جي به ڪا حد هئڻ گهرجي,پڇاڙي ۾ اوهان کي تهر وهاري چتوئنڙي جي چهنب وڍي انگھ کي مڇو ڏئي چنهبياري کي چپترو بنائي اوهان کي مهتين جي اڳيان هميشه لاء مھڻين هاب ڪري ڇڏيائون , اوهان جا مائٽ اهڙو ظلم نه ڪن ها ته اڄ اوهان کولو جو اعليٰ کان اعليٰ اعزازي خطاب هنڌان ماڳان حاصل ڪري سگهو
ها اها اوهان جي نهايت نحوست ۽ وڏي کان وڏو نڀاڳ هو جو اوهان مسلمان مائٽن جي گهرن ۾ جنم ورتو ۽ انهن جي اولاد هئڻ جو اوهان کي ٽڪو لڳو ,
هاڻي به وقت هٿان ڪونه ويو آھي انهن مسلمان مائٽن کي وساري ڇڏيو انهن جو نالو به زبان تي نه آڻيو , پاڻ کي هيمون جهڙي سنڌ جي هيري هردلعزيز ۽ عظيم والد جا فرزند سعادتمند سڏايو , مسلمان اوهان کي خس ڪم جهان پاڪ جي اصول تي واڌايون چوندا ٻاٽن سالن کان هن ملڪ ۾ ڀٽن وڇن ڪنڊيارن تي ڪوه ڄاڻان ڪهڙي وڄ ڪري آھي ۽ ڪهڙي ڪاري واري مٿن وري آھي جو ملڪ مان ناپيد ٿي ويا آھن ڀٽون اڄڪل هن ملڪ ۾ ته دوا لاء به ڪونه ٿو لڀي ڀٽن جي گم گار ٿيڻ تي جيئن مسلمانن ماتام ڪونه ڪيو تيئن اوهان جي به دفع ٿيڻ تي درد مان دانهون ڪونه ڪندا پر پاڻ سک جو ساه پٽيندا اهڙن منحوسن مار آستين مرتدن جو مولا اينهين مٿو وڃائي جيئن وري نه ڏسجن ڏيھ ۾ پالهڻپور کان به پري ڪڍين پروردگار پاڪ
,,,,,,,,,
تبصرے