باب , ممون ( سنڌ سونهاري )
هو مچي مهوڙ ٿي ممڙا بنجي ويندا پر خدا جي واسطي عالم اسلام جي غوثن قطبن ۽ عام اوليائن تي اها ناپاڪ تهمت نه ڌر ڪهڙي اوليا چيو آھي ته اسلام جي اها دعويٰ ته اسلام حق ٻيا مذھب ڪل باطل اها دعويٰ معاذالله ڪوڙي آھي ۽ ڪفر جا ڪل مذھب حق تي هو ته پوء اسلام آيو ڇو ؟ حضور صلي الله عليه وسلم سان ڪافرن ڇو جنگون جوٽيون ؟ 13 سال مڪي ۾ کين ۽ سندن جانثارن کي ڇو عذاب ڏنا ۽ مديني پاڪ وارن ڏھن سالن ۾ باربار حملا ڇو ڪيا؟ ڇا ڪو ملڪيت تان تڪرار هو؟ ڇا اختلاف اوطان ۽ ديسي پرديسي يعني سنڌي ۽ پناهگير جو مسئلو نزاع شقاق ۽ افتراق جو باعث بنيو هو؟ ڇا ٻنهي ڌرين جو وطن ٻيو هو؟ جيڪڏھن نه ۽ ھرگز نه بلڪه اسلام جي احقاق ۽ سربلندي ۽ ڪفر جي بطلان ۽ نگو نساري لاء اٺاويھن مدافعله معرڪن ۾ محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڻ بذات خود شامل ٿيا جن مان نون معرڪن ۾ ته باقائده جنگيون به هليون جن ۾ جيڪڏھن هڪ طرف هزارين مرون مردار ٿيا ته ٻي طرف سندن محبوب اصحابين به وڏي تعداد ۾ پنهنجي پاڪ خون سان اسلام جي وڻ جي آبياري فرمائي
ڪفر حق هو ته اها ايڏي ڪشت و خون ڇو ۽ ڇالاء ؟ جڏھن محبوب رب العالمين صلي الله عليه وسلم پاڻ ڪفر جو ڪرنگهو ڀڃڻ لاء ميدان ڪارزار ۾ ضيابار آھي تڏھن اينهين ڪيئن ٿو ڇئي سگهجي ته امت جا غوث قطب ۽ اولياجن سندن ئي غلامي عشق محبت ۽ اتباع مان رفعتون ۽ عظمتون پرايون اوهي ڪفر کي ڳرهاٽيون پائڻ ۾ پورا هئا؟ باطل مذھبن ۽ باطل پرستن سان همدم ۽ همقدم ٿي رهيا؟ ڇا اوهي خود پنهنجي آقا ۽ موليٰ جا به مخالف هئا؟ ڇا اوهي قرآن پاڪ جا به مخالف هئا؟ جنهن جون ڇھ ھزار ڇھ سو ڇاهٺ آيتون اسلام جي حقانيت ۽ ڪفر جي ڪوار ۾ ناطق آھن؟ ڇا هندالولي خواجه غريب نواز اجميري ڪروڙن ڪافرن کي مسلمان نه ڪيو؟ اهڙي طرح ٻين غوثن قطبن ۽ ولين اسلام نه پکيڙيو؟ پنهنجي وس آھر ڪفر جي پاڙ نه پٽي؟ اڄوڪا هند جا 20 ڪروڙ مسلمان انهن اوليائن مسلمان ڪون ڪيا هئا؟ ڇا انهن کي ڪنهن بادشاه يا جابر لٺيون الاري ٺونشا ۽ گنسيون هڻي مسلمان ڪيو هو؟ عالم اسلام جي پوري تاريخ ۾ ڪو اهڙو هڪ به مثال ٻڌائيندا ته مسلمان ڪنهن ڪافر کي ٿڦاٿوڦي ڪري ٿڪون بجا هڻي پادرن سان ٽپڻ ڪٽي لااڪراه في الدين جو قانون ٽوڙي جبرآ مسلمان ڪيو هو؟
شاه عنايت الله شھيد جهوڪ شريف واري جو جو ڪو بيت ڪا لکت ڪوبه تاريخي حوالو اهڙو ٻڌائيندا جنهن ۾ ھن ڀزرگ چيو هجي ته ڪفر جا ڪل مذھب حق آھن با الفاظ ديگر ته اسلام ۽ قرآن پاڪ غلط آھي ؟ اسان پاران سنڌ جي هڪ هڪ الحاد پرست ملحد کي اهو کليو چئلنج آھي ته اگر اهڙو ڪو اکر آھي ته ڏيکاريو
سر در قدم یار فدا شد چہ بجا شد
این بار گران بود ادا شد چہ بجا شد
اهو بيت جيڪڏھن هن بزرگ پڙھيو ته ڇا انهيء جي اها معنيٰ آھي ته ڪفر حق آھي؟ معاذالله ثم معاذالله جيڪڏھن موصوف جي ايم شياد وانگر ٿياسافسٽ ۽ منڪر اسلام هجي ها ته پوء ھي هزارن جا هزار مسلمان سندس اهڙا مريد ٿين ها؟ جهڙا اڄ جي ايم شياد جا ٿين ٿا عقل ۽ پڙھيل هوندي علم کان عاري جاهل. , شاه عنايت الله شهيد جهڙي آفتاب عالمتاب کي غلط رنگ ۾ پيش ڪري تو سڄ کي تس هيٺيان ڏڪڻ جي ڪوشش ڪئي آھي شاه عبدالطيف گونا گون اعمال صالح نمازون روزه حج زڪواتون جهاد خدمت خلق وعظ تبليغ تقويٰ خير خيرات وغيره وغيره قرب الاهي جي حصول جي بيشمار ٻڌايل ذريعن تي نظر ڪري هڪ بيقرار عاشق جي حال زار جي ترجماني ڪندي فرمايو ته واٽون ويھ ٿيون ڪوه ڄاڻان ڪهڙي وڃان هر هڪ عمل صالح لاء اسلام پاڪ محبوب حقيقي تائين پهڇڻ ۽ قرب الاهي حاصل ٿيڻ جي بشارت ڏني آھي بيقرار عاشق جنهن جو پيمانئه صبر لبريز ٿي چڪو آھي جنهن کي فراق جي ساعت سال جو ڏيکاءُ ڏي ٿي اوهو بي اختيار ٿي رڙ ٿو ڪري ته انهن راهن مان ويجهي کان ويجهي ۽ جلد کان جلد پڄائڻ واري راه ڪو ڄاڻان ڪهڙي آھي ڇا انهيء جو ايهو مقصد آهي ته عاشق محبت واري راه کي ڇڏي ڪفر ۽ عداوت وارين راهن بابت صلاح ٿو پڇي ته ڪهڙي واٽ وٺان , ڇا انهيء جو ايهو مقصد آھي ته شاه صاحب جو اسلام جي حقانيت تي ايمان ئي ڪون هو ؟ هو توکان رائي ٿو پڇي ته تو گهڻن باطل مذھبن جو گند ميو آھي ٻڌاء ته آئون ڪهڙو بد مذھب اختيار ڪريان ؟ اي جي ايم اک پٽ ضلالت ۽ غوايت جي به ڪا حد هئڻ گهرجي , مسلمان اوليائن تي اينهين اُلرين نه اچ ڀٽائي گهوٽ ايهو آھي جنهن ڪرڙيون اکيون ڪري وڏي دهشت ۽ دهمان سان توکي ۽ تو جھڙن شيطنيت پرست ليڙپين کي چيو آھي ته
وٺيو وڃج واٽ ڪنڌ م ڦيرج ڪيڏهين
لوڻي ڦير لپاٽ لڳندئي نا ته لطيف چئي
معني ڪنڌ نه ڦيرج ڪيڏھين يعني ڪفر ڏي نهار به نه لوڻي ڦير لپاٽ لڳندئي نا ته لطيف چئي ڀٽائي گهوٽ جو ايمان آھي ته پيغمبر پاڪ الله ۽ آخرت جو سڀ سماچار سچو سڻايو آھي چوي تو ته
اتان اوٺي آئيو تنهن خبر ڪئي کري
وسارج ۾ ور کي ويندينء منڌ مري
ويندينء ويڙھ وري ڪو ڏينهن آھين ڪوٽ ۾
(شاه)
اي لنگور ڪنٽور, اي رب جا مغضوب ۽ مقهور , اي وه ۾ وٽجندڙ وڇون ۽ زهر سان ڀرپور زنبور اي ديانتب ۽ دانش کان سوين ڪوه دور اي انسانيت جي مٿي جا سور اي آدميت جي اک ۾ انبور الحاصل ته ٻيو جيڪي ڪرين سو ڪر پر خبردار مسلمانن جي اوليائن تي ڀگهڙ بنجي اهڙا اڍنگا حملا نه ڪر متان ايهي حملا توکي مهانگا نه پون ,
اسلام کان ڦري ويو آھين ته پوء توکي هاڻي مسلمان اوليائن جي نالي وٺڻ جو حق به ڪهڙو آھي تون اوليائن جي شان کي هٽائڻ ٿو چاهين ايهو تون آسمان ڏانهن ڌوڙ ٿو اڇلائين جا موٽي تنهنجي منهن ۾ پوڻي آھي آسمان تمام مٿي آھي شاه فرمايو آھي ته :
کر جا کڏ کنئي پوڻ لاء پرينء جي
تنهن ۾ پاڻ پئي گدودي گار ٿيو (شاه)
تبصرے