مثال ٻيو ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري (سنڌ سونهاري )
مثال ٻيو ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري :
جي ايم شاه جي ڪفرياتي گند رکندڙ ڪتاب جيئن ڏٺّو آ مون جو رد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( باب مثال ٻيو ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري )
جي ايم جي وزارت جو دور ته تکي واء وانگر مسلمان قوم جي مونھن تي ٻڪن جا ٻڪ ڌوڙ وسائيندو شوشاٽ ۽ زونزاٽ ڪندو تڪڙو تڪڙو مٽي ويو پر سندس تڪ جا تڪ نر جا ووٽر اليڪشن ۾ وري کيس ڪامياب ڪندا آيا ميمبري جي دور ۾ موصوف ڪھڙا ڦاڙھا ماريا ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا ڪهڙا قابل ستايش ڪارناما سر انجام ڏنا سي سنڌ جا ماڻھو ڄاڻن ٿا ته ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري ڌاران ڀل چمڪ ۾ به ڪو چڱو ڪم وٽائنس سرزد نه ٿيو
کاھے بہ غلط ھم سوئی مقصود نرفتہ
گویا رہ آوارہ گیش راھبری داشت
جيڪا وزارت ٺھندي هئي انھيء جي ڊاھڻ لاء سندرا ٻڌي پٺيان پوندو هو لڌڙو به ڪنهن وڏي واه جي ويھ فوٽ ويڪري ۽ ڄميل بند کي سوراخ ڪري نيٺ گهاري وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آھي چوندا آھن ته شينهن جي پٺيان به ڦيڪاري چڱي ناهي ميسڙو ماڻھو هونئن به خطرناڪ ٿيندو آھي سو سن جو سانئين به پنهنجي مام ۾ جنهن وزارت جي ديوار جون پاڙون کوٽڻ لاء رات ڏينهن هڪ ڪري چنجورن جي وارو وار لائي ڏيندو هو سا ڪٿي ٿي بچيو سگهي وزارت اڃان ڪي مهينا مس هلندي هئي ته ڦھه پٽ تي ڌٻڪو ايڏو ٿيندو هو جو سنڌ کان ٻاهر وارا به ٻڌندا هئا سندس اهو عمل مسلسل جاري رهيو سندس وجود ديوار وزارت جي پاڙن کائڻ لاء اڇي نمڪين ڪلر جي حيصيت رکندو هو وزيرن جي ڪرسين جي پاڳن کي سن جو سانئين هميشه ڀونئر بنجي کائيندو ۽ اڏوهي بنجي ڀتو بنائيندو رهيو وزير هن ههڙي اندر جي رڌل عدوجي هٿان گويا طوفان ۾ گهيريل ٻيڙي ۾ سوار هوندا هئا جن کي ڪرڻ جي ڊپ ۽ پڳ بچائڻ جي ڳڻتي کان علاوه ملڪ جي ڪنهن به ڀلي جي مهم ۽ سڌاري جي ڪنهن به سٽا جي سراڻي ڪانه ٿي ٿي سگهي ملڪ نه سڌري ته نه سڌري ڪوبه ڀلي جو ڪم نه ٿئي ته نه ٿئي پر هي سازشن ۾ سدائين سرمست رهندڙ سانئين پنهنجي فساد واري فطرت اڳيان مجبور ۽ پنهنجي ڊاه ڊوه ۽ تخريب ڪاري واري خس ۽ ارذل عمل تي مسرور ۽ محبور رهندو آيو جنهن کي اھڙي هاڃيڪار هٿ چراند کان ڪوبه هٽائي نه سگهيو
نصیحت کن مرا چندا نکہ خواھی
کہ نتواں شستن از زنگی سباھی
...
تبصرے