باب هيء وري ٽي ( سنڌ سونهاري )

هيء وري ٽي : رد الحاد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( هيء وري ٽي ) وحدت وجود جي لفظ سان اڄڪل جا ڪل منحوس دهريا مذاق ڪري رهيا آھن پر اسان جي شنمبڪٽو يعني جي ايم شيد يا شياد جيڪا بنڊ تي پانجاري ٻڌي آھي ۽ ڪتي کي ٻڪرو ثابت ڪرڻ ۽ ٻه ٻه کي بجائي چئن جي پنج بنائڻ جي جيڪا ناڪام ڪوشش ڪئي آھي سا بي ايماني ۽ سفيد چشمي جو هڪ نادر الوجود مثال آھي چي وحدت وجود مان مراد آھي وحدت اديان يا وحدت مذاهب هاڻي ڀلا ڇا ٿا چئو وحدت وجود جي معنيٰ, وحدت اديان نه لغوي آھي نه اصطلاحي آھي انهيء اکر جي اها معنيٰ ڪنهن صورت سان ٺهڪي ئي ڪانه ٿي ڪيئن ٿا ڀانيو,بنڊ تي پانجاري ٻڌڻ انهيء کي چئبو آھي يا اوهان اڃان ڪا ٻي ڳالھ آھي, گوياڪ شياد صاحب فرمائي ٿو ته دنيا جي ڪل مزهبن کي ڪٽي ڇاڻي سندن اصليت ختم ڪري مذهبن جي روح ۽ حقيقت کي من ڪاٺين ۾ باه ڏئي ساڙي ڪفر جي چاش ۾ ھلائي ملائي معجون مرڪب بنايو صبح شام انهيء مان گئو ماتا جي ڇيڻي جيترو وزن ڳيت ڏئي ڳڙڪايو, دنيا ۽ آخرت جي تباهي مردار ٿي جيئڻ ۽ مردار ٿي مرڻ لاء ايهو طبعزاد ۽ صدري نسخو مجرب اڻگس تير بهدف ۽ منڊي تي ٽڪ آھي پيٽ ۾ پهچڻ شرط بدن ۾ بجلي وارو تاثير پيدا ٿي ويندو ۽ نهايت برق رفتار سان دنيا ۾ ذلت خواري ۽ مڪمل تباهي جي اوڙاھ ۽ آخرت ۾ جهنم جي آڙاھ ۾ پهچائي ڇڏيندو , اي جناب جي ايم تنهنجو نسخو واقعي حيرت انگيز اثرات جو مالڪ ۽ نهايت قابل قدر آھي ترقي پسندن کي ڀلي نوش جان ڪراء ايهو طاغوتي ترياق انهن سڀاڳن کي بيشڪ سينبائيندو ڀانء پوندو ,,,,

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )