باب فراڊ ۽ ڌوڪي بازي ( سنڌ سونهاري )
فراڊ ۽ ڌوڪي بازي
,
عهد حاضر جا ملحد ۽ منڪر انتهائي بيحيائي سان مالڪ الملڪ جي محبت ۾ مست ۽ مدهوش عاشقن جي عجب جهڙي اکر ´ همه اوست کي مروڙي سروڙي عوام جي سطحي ۽ مٿاڇري کي ڏسندڙ ذھن ۽ نظر سان ڌوڪي بازي ڪري باري تعاليٰ و تقدس جي ذات ستوده صفات کان انڪار جي معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪري پنهنجي مسخ ٿيل فطرت جو مظاهرو ڪري رهيا آھن
چون ٿا ته بزرگن جيڪو چيو آھي ته تون به خدا آئون به خدا هر شيء خدا انهيء جي معنيٰ ايها آھي ته ايهي ئي دنيا جون ڪل شيون خدا آھن ۽ مٿيون خدا جيڪو سڀ جو خالق ۽ مالڪ آھي سو ( معاز الله ) آھي ئي ڪون الله جي محبوب بندن فرمايو هوته اسين ۽ دنيا جون ٻيون ڪل شيون آھن ئي ڪون ڪابه شيء ڪجھ به ناهي فقط خالق تعالٰي آھي فقط اوهو مٿيون خدا آھي ٻيو ڪجھ به ڪونهي هن وقت جا معلون ملحد چون ٿا ته خدا آھي ئي ڪون خالق پاڪ جو وجود ئي ڪونهي ٻيو سڀ ڪجھ آھي سڀڪا شيء ازخود پيدا ٿي آھي ۽ ايهي ئي دنيا جون شيون خدا آھن هو چون ٿا ته مٿيون خدا تحقيق آھي هيٺ دنيا ۾ ڪجھ ڪونهي هي چون ٿا ته مٿيون خدا آھي ئي ڪون هيٺ دنيا ۾ سڀ ڪجھ آھي ۽ دنيا جي سڀڪا شيء ثابت آھي ´ بين تفاوت ره ڪجاست تابڪجا وحدت وجود وارا اولياه چون ٿا ته الله آھي الحاد پرست چون ٿا ته الله ڪونهي اولياه چون ٿا ته رب ڌاران ٻي ڪابه شيء ڪانهي الحاد پرست چون ٿا ته صرف خدا ڪونهي ٻي سڀڪا شيء آھي انهيء ڊبل مخالفت جي باوجود اوليائن جي اقوال مان الحاد پرستن جو پنهنجي الحاد لاء استدلال ڌوڪي بازي فراڊ بلڪ بيحيائي ۽ بيشرمائي جو هڪ نادر مثال آھي,
هڪ مثال
فرعون چيو ته مون ڌاران ٻيو خدا ڪونهي آئون خدا آھيان حضرت موسٰي جيڪو چوي ٿو ته سڀ کان مٿاهون سڀ جو خالق خداوند پاڪ آھي سو معاز الله ڪوڙو آھي فرعون انهيء چوڻ سان اڪفرالڪافرين ۽ دوزخ يونين جو چيئر مين بنجي ويو ,
منصور چيو ته مٿين خدا ڌاران جو خالق پاڪ آھي ٻيو ڪجھ به ڪونهي , آئون يا دنيا ۾ جو ڪجھ به نظر اچي ٿو ڪجھ ناهي نظر جو فريب آھي في الحقيقت سڀ ڪجھ خدا ئي خدا آھي انا الحق انهيء معنيٰ سان ته خدا ڪونهي آئون آھيان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق ,
هڪ عاشق آھي جنهن کي محبوب ڌاران ڪجھ به نظر نٿو اچي, هو سڀڪنهن شيء کي منعم حقيقي ۾ محبوب تحقيقي پيو تصور ڪري ٻيو دشمن آھي جو محبوب جي وجود جوئي منڪر آھي پنهنجي پاڻ ڌاران ٻيو ڪجھ به قبول ڪرڻ لاء تيار ناهي هن کي محبوب جو نظر اچڻ ته ڪجا پر محبوب جي تصور کان به محروم آھي,
افسوس هزار افسوس ته اڄڪل جو ازين قسم منڪر معلون يعني فرعون جو پڇ پنهنجا ناپاڪ مردار سوگ جهڙا ڪٽيل ۽ ڪارا ٿيل هٿ انهن الله جي محبوبن جي ڌاج (زور اڇا) ڪپڙن تي اُگهڻ گهري ٿو جن جي پاڪائي محبت عشق ايمان ۽ فداڪاري تي ملائڪن کي رشڪ ٿو اچي هنن الله جي عشق ۾ پنهنجون جانيون ڳاريون هنن محبت ۾ پاڻ کي ماري وڃائي نيست ۽ نابود ڪري محبوب ڌاران پاڻ کي ۽ ڪل ڪائنات کي نه هئڻ نيست ۽ عدم تصور ڪيو ۽ سندن حال هن بيت سان مشابھ ھوته
دمے دریار تو صدبار میرم
باین بیچار گی نام تو گیرم
اڄڪل جو لچ لنب لوفر ٺڳ ٽه پتائي نسل نالائق نااهل الله جو عدو عشق کان عاري محبت جي نالي کان نا آشنائي محض پنهنجي ڪفر جي اثبات لاء انهن عاشقن جا بيت ۽ مصرائون دليل بنائي پيش ڪندي ڦڪو به نٿو ٿئي
دراز دستي اين کوته آستيان بين
قادر قدير ڪنڌ ڀڃيس ڪا گبرس ٽرين کان به ڳري ڇپ مٿس ڪيرائي وحدت وجود جو مسئلو واقعي واڳن جي وات ۾ آھي, يا مون ايهو اکر خلاف واقعي لکيو آھي ,
,,,,,,,,,
تبصرے