جنرل ضياء الحق جو جي ايم شاه تي ڪيل هڪ ٿورو

جنرل ضياء الحق جو جي ايم صاحب تي ڪيل ٿورو ,,,, , وڏي عجيب جهڙي ڳالھ آھي جڏھن توهان جي ايم شاه جي چيلن ترقي پسندن ۽ قوم پرستن کي پنجابي خلاف نفرت ڪندي ڏسو ٿا ليڪن هي تصوير جو صرف هڪ رخ آھي حقيقت بلڪل انهي جي خلاف آھي 1977/78 ۾ ڀٽي کي ڦاهي چاڙھڻ ۽ مارشلا لڳائڻ بعد جنرل ضياء الحق جي لاء سڀ کان پهرين پي پي کي صفحه تان مٽائڻو هو انهي لاء هن پهرين اهڙي ماڻھن کي خريد ڪري استعمال ڪيو جيڪي پي پي جا مخالف هئا ايم ڪيو ايم جو وجود ۾ آڻڻ به انهيء سلسلي جي هڪ ڪڙي هيو اهي تمام سياسي خريد فروخت ۽ جي ايم جهڙن جو ٽڪي ٽڪي ۾ وڪامڻ پنهنجي جائي تي اهو منهنجو موضوع ناهي ليڪن اڄڪل جا جيڪي ترقي پسند قوم پرست ضياء الحق ۽ پنجابين خلاف جيڪا بڪواس ڪندا رهن ٿا انهي حقيقت کي هڪ طرف رکندي ته جي ايم شاه تي جنرل ضياء الحق جو وڏو احسان آھي ورنه اڄ جي ايم شاه جي عزت مسلمانن ۾ ھڪ ٽڪي جيتري به ڪون هجي ها ۽ مسلمان پنهنجي اولاد کي اسڪول موڪلڻ,کان اڳي نصيحت ڪن ها ته ٻچا متان سن واري جي چيلن جي چڪر لڳي پنهنجو ايمان وڃائي ويهي نه رهين ڇوته جي ايم شاه پنهنجي بدنام زمانه ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون لکي جيڪا آھسته آھسته مسلمانن تڪ پهتي مسلمانن ۾ انتشار جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ لڳي جنهن کي انهي وقت جي منافق اديبن دانشورن ماڻھن کي لارا لپا ٻڌائي خاموش ڪري ڇڏيو, مٿان حضرت قيوم جهان پير آغا محمد ابراهيم جان سرهندي عليه الرحمه جي ايم شيد جي ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون جي رد ۾ ڪتاب سنڌ سونهاري لکي جنهن جو اڃان مس هڪ ڇاپو پبلش ٿيو جي ايم ۽ سندس چيلن کي انهي ڪتاب مطلق خبر پئي جنهن تي جي ايم کي سندس الحاد پسند اديبن مشورو ڏنهون ته انهي سنڌ سونهاري ڪتاب کي فورن ڪنهن به طرح روڪرايو اگر هي عام عوام تائين پهچي وئي ته پوء جيڪا ٽڪي جي عزت باقي آھي سا به نه رهي سگهندي ۽ زلت انهيء کان علاوه آهي جنهن تي جي ايم شيد جنرل ضياء الحق کي انهيء ڪتاب سنڌ سونهاري روڪرائڻ جي درخواست ڪئي جيڪا جنرل ضياء الحق فورن قبول ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سونهاري تي سخت پابندي مڙھي وئي جنهن بعد اڄ تائين ڪتاب سنڌ سونهاري ڪنهن به صورت پبلش نه ٿي سگهي اها ڪتاب اڄ تائين جنهن وٽ به آھي فوٽو اسٽيٽ ۾ ۽ هٿ جي لکيل آھي جي ايم شاه جي عزت بچائڻ خاطر جنرل ضياء الحق سنڌ سونهاري ڪتاب تي پابندي لڳائي جيڪا ڳالھ اهو واضع ثبوت ڏي ٿي ته جي ايم شاه هڪ ويڪو نظريات رکندڙ شخص هو جنهن کي ضياء الحق پيپلز پارٽي خلاف استعمال ڪيو انهي جا اڄ به ڪئين ثبوت موجود آھن , ضرورت انهي امر جي آھي ته حق تلاش ڪجي رڊن ٻڪرين جيان ترقي پسندن قوم پرستن جيان ڳالھين تي هلي پنهنجو ايمان برباد نه ڪجي سچي ۽ ڪوڙي ۾ واضع فرق رکڻ کپي حقيقت ۾ جنهن کي اڄڪل جا ترقي پسند پرح جو پيغمبر يا اهڙا ٻيا القاب ڏين پيا ته موصوف جي ايم صاحب ڪوٺي تي ويٺل ڪنهن طوائف جيان هيو جنهن کي پنهنجي مرضي مطابق ڪو به خريد ڪري استعمال ڪري پيو سگهي اگر اينهين نه هجي ها ته موصوف مرڻ گهڙي تائين مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي هجي ها ڪانگريسي ۽ انهي کان پوء هر ڪنهن هٿان خريد نه ٿيئي ها ,,,,,,,,

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )