راجا ڏاهير هيرو؟ raja dahir hero

 

راجا ڏاهر

پاڪستان ۾ لُنڊي جا
لبرل
 راجا ڏاهر کي هيرو مڃن ٿا انهي جو بنيادي سبب ڇا آھي ؟ 

مون سميت ڪئين مسلمانن وٽ اهو سواليه نشان آھي انهي سوال جي جواب خاطر ڪئين سيڪولر لبرل ملحدن کان سوال ڪيو سين مگر ڪوبه تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو تقريبن هرهڪ لبرل جو لولي پوپ اهوئي مليو ته ڏاهر ڌرتي لاء جان ڏني اگر تاريخ ڏسجي ته صرف سنڌ ۾ انگريزن جي قابض ٿيڻ کان تحريڪ آزادي ۽ پاڪستان آزاد ٿيڻ تائين لکن جي تعداد ۾ ڪئين مهان ماڻھن جان ڏني صرف ڌرتي خاطر مگر افسوس آ هن لبرل لڏي وٽ انهي مهان ماڻھن لاء ڪو ادب احترام ناهي جنهن جو سبب شايد اهو آھي ته انهي مهان انسانن انگريز خلاف جنگ ڪئي جنهن سبب لبرل لڏي جي معيار تي پورا نٿا لهن ؟

مشهور صحافي اينڪر پرسن حسن نثار جو هڪ ڪلپ ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو جيڪو ڏاهر کي هيرو ۽ محمدبن قاسم کي ولن ثابت ڪرڻ خاطر ڪجھ من گهڙت دليل پيش ڪندي چئي ٿو ته سڀ کان پهرين مسلمان بادشاه فلاڻون فلاڻي سان وڙھيو فلاڻي الاڻي سان جنگ ڪئي انهي سبب محمدبن قاسم ولن آھي هيرو ناهي 

موصوف کي خبر هوندي به هُن اهل ڪفر جي پرده پوشي ڪئي اقتدار خاطر صرف مسلمانن جون پاڻ ۾ جنگون ناهن ٿيون بلڪ اها اصل روايت اهل ڪفر جي آھي چاهي هو عيسائي هجن يا بت پرست اقتدار خاطر هڪ ٻي سان جنگون وڙھيون اٿن ۽ اهو لولي پوپ ڏئي محمدبن قاسم کي غلط نٿو ثابت ڪري سگهجي اڳتي فرمائي ٿو ته محمدبن قاسم انهي ڪري به ولن آ ته هو حجاج بن يوسف جو شايد ڀائٽو يا نياڻون هو ۽ ھُن کي حجاج بن يوسف ئي سنڌ تي حملو ڪرڻ لاء موڪليو .

حجاج بن يوسف ظالم حڪمران هو مگر انهي سان ڳڏ ھُن ڪجھ نيڪ ڪم پُڻ ڪيا خاص ڪر هُن انهي وقت جي خوارج فتني کي شڪست ڏئي ختم ڪيو جنهن سبب اسلام ۾ ھڪ وڏو فتنون پيدا ٿي چڪو هو ٻيو سندس نيڪ ڪم قرآن پاڪ ۾ اعراب لڳائڻ آھي جنهن جو فائدو يقينن غير عربي مسلمان اڄ تائين حاصل ڪري رهيا آھن    

حضور صلي الله عليه وسلم جي ظاهري زندگي ۾ هندوستان جو ماڳ جنهن کي مالبار يا ڪيريلا سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ برصغير جي سڀ کان پهرين جمعه مسجد موجود آھي اتي اسلام اچي چڪو هو ڪيريلا کان عرب شريف تائين تجارت شروع هئي ۽ مسلمانن جا ڪافلا اڇڻ وڃڻ لڳا هئا جنهن سان لُٽ مار ڪرڻ ڏاهر حڪومت جو ڌنڌو ٿي چڪو هو هون ته سنڌ تي حملا صحابه ڪرام اجمعين جي دور کان شروع ٿي چڪا هئا مگر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ حجاج بن يوسف جي بهترين جنگي حڪمت عملي سبب محمدبن قاسم ڪامياب ويو 

سنڌ تي حملو بلاجواز نه هو انهي جا ڪئين اهم سبب هئا اسلام اهل ڪفر تي بلاجواز حملي جي اجازت نٿو ڏي نه اهڙو ڪڏھن ٿيو آھي انهي سبب حسن نثار جو اهو موقف ته حجاج بن يوسف محمدبن قاسم جو ڇاڇو هو يا سُهرو هو ۽ حجاج بن يوسف محمدبن قاسم کي سنڌ تي حملي لاء موڪليو ته هو ولن ٿي ويو اها منتق بلڪل غلط آھي اڳتي چوي ٿو ته محمدبن قاسم جو انجام ڇا ٿيو؟ ڇا اهڙو انجام ٿيڻ ڪنهن ولن لاء ڪافي ناهي؟ اها دعوي پاڪستان ۾ تقريبن هر لُنڊي جو لبرل ڪندو آھي:

ته جناب محمدبن قاسم اُھو خودار شخص هو جنهن پنهنجي سلطان اڳيان سرينڊر ڪري پاڻ حوالي ڪيو اگر هو اهو نه ڪري ها ته سندس سلطان ڪجھ به نه ڪري سگهي ها اهو عمل سندس اعلي ظرف ۽ سندس عظمت کي ظاهر ڪري ٿو 

اڳتي حسن نثار فرمائي ٿو ته راجا ڏاهر ڌرتي لاء جان ڏني انهي ڪري هو هيرو آ

حالانڪ مٿي بيان ڪري آيو آھيان سنڌ برصغير جي هزارن لکن مهان انسانن ھن ڌرتي لاء جان ڏني مگر اهي ڪنهن به لُنڊي جي لبرل کي ياد ناهن ۽ نه وري انهن مان ڪو هيرو آ اگر هيرو آھي ته ڏاهر آھي آخر انهي جو سبب ڇا آھي ؟؟؟

ته مان انهي ڳالھ تان پردو کنياٿو راجا ڏاهر اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ لُنڊي جي لبرل طبقي جو هيرو صرف ۽ صرف انهي ڪري آھي جو هُن هنن جيان لادين هجڻ جو ثبوت پيش ڪيو يعني پنهنجي سڳي ڀيڻ سان شادي ڪري جنهن سبب هتي وارا چاهي لُنڊي جالبرل هجن سيڪولر ملحد انهن جي معيار تي ڏاهر اينهين لهي ٿو جيئن مُنڊي تي ٽڪ 

حالانڪ هندو ڏاهر کان انهي ئي سبب سخت نفرت ڪندا آھن پنهنجي اولاد تي ڏاهر نالو رکڻ پسند ناهن ڪندا هندوستان جڏھن پنهنجي هر راجا مهاراجن تي بيشمار فلمون ڊرامه ٺاهيا مگر ڏاهر جهڙي ڪاڍوڙ تي نه هڪ فلم ٺاهي نه ڪو ڊرامون قديم هندوستان ڪي تاريخ ڪتاب واري ڏاهر جو ذڪر ضرور لکيو آھي مگر نفرت ڀرئي لهجي ۾ جڏھن ته محمدبن قاسم جو ذڪر تعريفي لفظن سان لکيو ويو آھي يعني جنهن سان لادينيت سبب پنهنجي ڌرم وارا نفرت ڪن ۽ اُھو ڪاڍوڙ اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ لادينن جو ھيرو هجي ته ڳالھ واضح آھي هتي جا لادين ڏاهر کي صرف انهي. ئي سبب پسند ڪندا آھن جو هُن نجومين ۽ جادوگرن جي چئي تي پنهنجي سڳي ڀيڻ سان شادي ڪئي ۽ بعد ايندڙ لادين طبقي جو هيرو ٿي ويو ۽ اهو اصل ڪارڻ آھي اهائي ڌرتي آھي جنهن لاء چون ٿا وڙھيو ۽ لادينن لاء رشتن جي پامالي ڪري مثال بڻيو ورنه ڏاهر ۾ ٽڪي جو ڪو ڪمال نه هو هو پاڻ سنڌ تي بحصيت هڪ قابض بادشاه بڻيو هو سندس ظلم بربريت سبب هتي جا اڪثر هندو مسلمانن کان متاثر ٿي دائري اسلام ۾ داخل ٿيا هئا .

-------------

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )