وحدت الوجود جو مسئلو واڳن جي وات ۾ ( سنڌ سونهاري )
وحدت الوجود جو مسئلو واڳن جي وات ۾ : رد السفاد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي مايه ناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( وحدت الوجود جو مسئلو واڳن جي وات ۾ )
الله جله شانه جي انوار ۽ تجليات جو پرتو جڏھن سالڪ جي خون جي قطري قطري کي رشڪ آفتاب بنائي ٿو تڏھن سالڪ پاڻ کي بلڪ ڪل ڪائنات کي ۽ ڪائنات جي هر ذري کي بقعئه نور پسي ۽ پر جهي ٿو ۽ انوار ايزديء ڌاران توڻي جو غائر نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري هنکي ڪابه شيء نظر نٿي اچي جيئن سڄ جي اڀرڻ بعد اگرچه تارا في الحقيقت موجود آھن پر ڪو ماڻھون بصيرت کان قطع نظر ڪري پنهنجي بصارت جي فيصله مطابق جيڪڏھن چوي ته تارو ڪوبه ڪونهي رڳو سڄ ئي سڄ آھي ته انهيء جو اهو قول من وجه سڇو آھي بلڪل اهڙي طرح انهي خاص وقت ۾ جڏھن سالڪ سواء تجليات ايزدي ۽ انوار سرمدي جي ڪانه شيء نٿو ڏسي تڏھن پنهنجي وجود ۽ وڻن ٽڻن جانورن پکين جاين جبلن وغيره وغيره جي وجود ۽ ھئڻ کان نابري بيهي ٿو ۽ انهيء مدهوشي ۽ حالت سڪر ۾ چئي ٿو ڏي ته ´ همه اوست هي به خدا هو به خدا آئون به خدا تون به خدا سڀ پاڻ ئي پاڻ ۽ خدا ئي خدا آھي سندس ڌاران ٻيو ڪجھ به ڪونهي لهار لوھ کي ڌڳندڙ دوڌن ۾ ھڻي ڌمڻ ڌمي ٿو ته لوھ ۾ باھ جون سڀ صفتون ساڙڻ ۽ ڳاڙھو رنڱ پيدا ٿيو پون انھيء وقت ۾ لوھ پاڻ کي باھ چوائي ته چوائي سگهي ٿو اگر چه في الحقيقت آھي لوھ جو لوھ آھي ته لوھ پر انهيء وقت ۾ ڪو هٿ لاهي به ڏسيس وڻ تي انوار ايزدي جا اوهيرا آيا ته وڻ حضرت موسيٰ علیه الصلواۃ والسلام کي آئون تنهنجو رب ايهي اکر چيا اهو وڻ جي خالق ۽ مالڪ چيو بلڪل اهڙي طرح انهيء وقت ۾ سالڪ نه پر سالڪ جو مالڪ چوي ٿو انا الحق شاه عنايت الله شهيد جهوڪ شريف واري به اينهين ئي فرمايو آھي
من نمی گویم انا الحق یار می گوید بگو
چون نہ گویم چون مرا دلدار می گوید بگو
حضرت بايزيد بسطامي رضي الله تعالي عنه کان صحو (سلامتي هوش) جي حالت ۾ ماڻھون پڇندا هئا ته جيڪڏھن ڪو ماڻھون ´سبحاني ما اعظم شاني آئون سبحان منهنجو ڪيڏو وڏو شان ليس في جبتي سويٰ الله معنيٰ منهنجي جبي ۾ الله ڌاران ٻيو ڪجھ ڪونهي اينهين چوي ته انهيء جو ڇا حڪم آھي ؟ فرمائيندا هئا ته انهيء کي قتل ڪرڻ گهرجي
ماڻھون چوندا هئا ته حضور اوهان پاڻ ايهي اکر چئو ٿا چوندا هئا ته جيڪڏھن سچ پچ آئون اينهين چوان ٿو ته مونکي به قتل ڪريو بهرحال هنن جو ايهو قول مجبوري مدهوشي ۽ غير شعوري حالت تائين محدود هو مولانا جامي چون ٿا ته سڪر جي حالت ۾ جهونگاري رهيو هو ته
بسڪ درجان فگارو چشم بيمارم توئي
هرچه پيدامي شود ازدور پندارم توئي
يعني اي محبوب منهنجي ڦٽيل جان ۽ بيمار اک ۾ تون ئي تون آھين ,, جيڪا به شئي ڏسان ٿو ڀانيان ته تون آھين , ڀر ۾ ڪو ترقي پسند قسم جو گستاخ به بيٺو هو انهيء ڏٺو ته مولانا بُل سٺو ڏنون آھي سو ڦھڪائي ڏنائين نه:
اگر خري پيدا شود يعني ڳڏھ اڳيان ايندو ته انهيء کي ڇا چوندي؟ مولانا جو انهيء اوچتي اعتراض تي هوش ٺڪاڻي اچي ويو ۽ محسوس ڪري ورتائين ته هڪ نالائق مون کان ڇا ٿو چوائڻ گهري ؟ سو انهيء گستاخ ڏانهن آڱر جو اشارو ڪري چيائين ته پندارم که توئي يعني ڀائيندس ته اي گستاخ تون آھين,,
اکر اوهو ساڳيو پر ڳڏھ بنائي ويو خود انهيء گستاخ ترقي پسند کي, الحاصل ته حالت مدهوشي ۾ غير شعوري طور انا الحق چوڻ وارو دئور گهڻون وقت هليو تان جو شيخ اڪبر محي الدين ابن العربي جو سالڪ ۽ ڪامل ولي هئڻ سان ڳڏ ھڪ عظيم فيلسوف به هو پيدا ٿيو انهيء فصوص الحڪم فتوحات مڪيه شجرۃ الڪون وغيره وغيره ڪتاب لکي گوناگون فلسفيانه دليلن سان سالڪن جي انهيء سڪر ۽ مدهوشي واري حالت جي ديد يعني ´ همه اوست ` کي هڪ مستقل مسئلو ۽ ھڪ عين حقيقت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي, هن چيو ته مختلف شڪليون جيڪي اسان کي نظر اچن ٿيون يعني ماڻھون جانور پکي وڻ جبل زمين آسمان وغيره وغيره ايهو اسان جي نظر جو فريب آھي في الحقيقت ايهي ڪل شيون آھن ئي ڪون جيئن فلم جي پردي تي ڇا مان ڇا نظر اچي ٿو پر حقيقت ۾ ڪجھ ڪونهي حقيقت اوها آھي جيڪا سالڪ کي خاص وقت ۾ نظر اچي ٿي يعني هر جاء ھرهند هڪ وجود رب جو ٻيو ڪجھ به نه جيئن درياه هڪ ئي آھي اگرچه انهيء تي هزارن قسمن ۽ شڪلين جون لهرون نظر اچن ٿيون پر آھي اوهو جو اوهو هڪ درياه اھڙي طرح سان نظر ڇا به اچي پر حقيقت ۾ رب جي وجود ڌاران ٻيو ڪو وجود آھي ئي ڪون,
حضرت امام رباني مجدد الف ثاني حضرت احمد فاروقي سرهندي رضي الله تعالي عنه شيخ اڪبر جي انهيء عقيدي جي ترديد ۾ تمام گهڻون ڪجھ لکيو آھي ۽ انهيء سان ڳڏ شيخ اڪبر ۽ ٻين وحدت وجودي اوليائن جي ولايت جو به اعتراف ڪيو آھي ,فرمائين ٿا ته هنن معرفت الاهي ۾ ڪابه غلطي نه ڪئي آھي الله تعالي کي قانون شريعت جي عين مطابق به همه صفات موصوف ثابت ڪيو اٿن البته مخلوقات جي معرفت ( سڃاڻپ ) ۾ ڀُليا آھن ۽ مخلوقات جي معرفت ۾ ڀُلجڻ ۽ مخلوق جي وجود کان انڪار ڪرڻ اگرچه حقيقت جي خلاف آھي پر ڪفر ناهي ايها آھي مسئله وحدت وجود جي مختصر حقیقت
"""""""""""""""""""""""""""
تبصرے