مرتدن ۽ اسلام کان ڦرندڙ جو انجام حديث شريف
︽︽︽︽︽ حديث شريف︽︽︽︽︽
مرتد ۽ دین اسلام کان ڦرندڙن جو انجام
حَدَّثَنَا أَبُو النُّعْمَانِ مُحَمَّدُ بْنُ الْفَضْلِ حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ زَيْدٍ عَنْ أَيُّوبَ عَنْ عِکْرِمَةَ قَالَ أُتِيَ عَلِيٌّ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ بِزَنَادِقَةٍ فَأَحْرَقَهُمْ فَبَلَغَ ذَلِکَ ابْنَ عَبَّاسٍ فَقَالَ لَوْ کُنْتُ أَنَا لَمْ أُحْرِقْهُمْ لِنَهْيِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَا تُعَذِّبُوا بِعَذَابِ اللَّهِ وَلَقَتَلْتُهُمْ لِقَوْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ بَدَّلَ دِينَهُ فَاقْتُلُوهُ
ابوالنعمان محمد بن فضل، حماد بن زید، ایوب، عڪرمه کان روایت ڪن ٿا حضرت علي ڪرم الله وجيه الڪريم وٽ زنادقه آندا ويا ته انهن کي حضرت علي ڪرم الله وجيه الڪريم ساڙي ڇڏيو، حضرت ابن عباس رضي الله عنه کي جڏھن اها خبرملي ته چيون اگر مان هجان ته انهن کي نه ساڙان ها، انهي لاء ته رسول الله صلي الله علیه وسلم انهي کان منع فرمایو بلڪه مان انهن ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيان ها انهي لاء ته رسول الله صلي الله علیه وسلم فرمایو ته جنهن پنهنجو دین بدلائي ڇڏيو هجي انهي کي قتل ڪري ڇڏو۔
(صحیح بخاري ۔ جلد سوم ۔ مرتدن ۽ دشمنن کان توبه ڪرائڻ ۔ حدیث 1852)
🌱🌱🌱🌱🌱🌱🌱🌱🌱🌱🌱🌱
*︽︽︽︽︽︽︽︽︽︽︽︽︽*
تشريح
مرتد مرد ۽ مرتد عورت جو حڪم ۽ انهن کان توبه ڪرائڻ جو بیان۔ ابن عمر ۽ زھري ۽ ابراھیم چيو ته مرتد عورت قتل ڪئي ويندي ۽ الله تعالي فرمایو ته الله تعالي ڇاجي لاء ھدایت ڪندو انهي قوم کي جنهن ایمان آڻڻ کان بعد ڪفر ڪيو ۽ انھن گواهي ڏنهين ته رسول حق آھن، ۽ انهن وٽ دلیلون اچي چڪيون هيون ۽ الله ظالم قومن کي هدایت ناهي ڏيندو، اهي ئي ماڻھون آھن جن جو بدلو هي آھي ته انهن تي الله جي ۽ ملائڪن جي ۽ ماڻھن جي لعنت هوندي، انهي ۾ ھمیشه رهندا انهن جي عذاب مان تخفیف نه ڪئي ويندي ۽ نه هنن کي مهلت ملي سگهندي ، مگر اهي ماڻھون جنهن انهي کان بعد توبه ڪري ورتي ھوندي ۽ نيڪ ڪم ڪيا هوندا ته بيشڪ الله تعالي بخشڻ وارو مهربان آھي ، بيشڪ جنهن ایمان آڻڻ جي بعد ڪفر ڪيو وري ڪفر ۾ زیادہ ٿيندا ويا ته انهن جي توبه ڪڏھن به قبول نه ڪئي ويندي ۽ اهڙا ماڻھون گمراہ آھن ۽ الله تعالي فرمایو ته اگر توهان اهل ڪتاب مان ڪنهن گروہ جي اطاعت ڪندا ته اُھي توهان کي توهان جي مومن هجڻ کان بعد وري ڪافر ٺاهي ڇڏيندا ۽ فرمایو ته بيشڪ جيڪي ماڻهون ایمان آڻڻ کان پوء ڦري ڪافر ٿي ويا، وري ایمان آندائون وري ڦري ڪافر ٿي ويا، پوء ڪفر ۾ وڌندا ويا ته الله تعالي انهن کي بخشڻ وارو ناهي ۽ نه انهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو، ۽ فرمایو توهان مان جيڪوو شخص پنهنجي دین کا ڦري ويو عنقریب الله تعالي اهڙي قوم کي آڻندو ته الله انهن سان محبت ڪندو ۽ ھو الله سان محبت ڪندڙ ھوندا، ایماندارن تي مهربان کافروں تي سخت هوندا لیڪن جنهن ڪفر سان ڳڏ سیني کي کوليو ته انهن تي الله جي طرف کان غضب آھي ۽ انهن جي لاء وڏو عذاب آھي انگي لاء ته انهن دنیوي زندگي کي ٓخرت تي ترجیح ڏنهين، ۽ هون ته الله تعالي ڪافر قوم کي هدایت ناهي ڪندو، اهي ماڻھون آھن جنهن جي دلين، ڪنن ۽ اکين تي مهر لڳائي وئي آھي ۽ ايهي ئي ماڻھون غافل آھن، ڪو شڪ ناهي ته آخرت ۾ ايهي ئي ماڻھون خسارہ پائڻ وارا آھن، آخر آیت یعني بيشڪ تنهنجو رب انهي جي بعد به بخشڻ وارو ۽ مهربان آھي، ۽ فرمایو ته هو ماڻھون توهان سان همیشه جنگ ڪندا رهندا ايستائين جو هو توهان کي توهان جي دین کان ڦيري نه ڇڏن، اگر انهن جي وس ۾ ھجي ۽ توهان مان جيڪو شخص پنهنجي دین کان ڦري وڃي ۽ ھو مري وڃي انهي حال ۾ ته ڪافر هو ايهي ئي اُھي ماڻھون آھن جنهن جا اعمال دنیا ۽ آخرت ۾ ضائع ٿي ويا ۽ ايهي ماڻھون جهنم ۾ ھمیشه رهڻ وارا آھن
تبصرے