باب جي ايمڙي جو اڳيون ( جوڻ سنڌ سونهاري )

 جي ايم شاه جي ڪفرياتي گند رکندڙ ڪتاب جيئن ڏٺّو آ مون جو رد حضرت پير ابراهيم جان سرهندي فاروقي عليه الرحمه جي ماياناز ڪتاب سنڌ سونهاري مان سلسله وار جواب . ( باب جي ايمڙي جو اڳيون جوڻ ) جي ايم پنهنجي ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون جي پهرين صفحي ۾ پيش لفظ جي عنوان سان وڏي ڪرفر سان رقمطراز آھي ته : عهد شباب ۾ مون روزا رکيا نمازون پڙھيون وعظ ڪيا ماڻھن کي زوري نمازون پڙھايون يارهيون ۽ عرس ڪيا بزرگن کان طريقت جا سبق پڇيا ۽ وڏي جهد سان پڪا ڪيا تهجد پڙھيم وغيره وغيره, يعني هرحال حاضر جو ملحد ۽ زنديق جواني ۾ ڪو پهتل بزرگ هو, جيڪو اڄ ٽڪو به نٿو لهي سو ڪنهن وقت ۾ سوا لک کان به ٻاٽي رپيا مٿي هو گهٽ ڪونه هو هي جيڪو سنڌي ۾ چوندا آھن ته (1) کرڻ جي مند ڪانهي (2) بڇڙائي پٽ ۾ پئي آھي جڏھن ڪو کڻي (3) اڇي ڏاڙھي اٽو خراب (4) جيڪو اڇن ۾ کري سو ڪنهن تان به نه ٽري اهي ۽ انهي قسم جا ڪل پهاڪا گوياڪه جي ايم صاحب جي ذات والا صفحات تي حرف بحرف سچا ثابت ٿي چڪا آھن ورنه هو ته اڳ ۾ ڪو سلکڻون سپوٽ سياڻو سڀاڳو سدورو سون ورنون لائقن ڀريو لاکيڻون سدا سگهڙ ۽ سنگهار هو يار قضا سان ڪتي اٽو کائي وئي ليکي جو ليک غالب ٿي ويو جيڪو اهڙو عجيب هو سو اڄ ھھڙو هاڃيڪار بنجي پيو تو بانهن توبانهن ڇا نه ٿي ويو ڀلارو بزرگ ڦري ڀليل بز بنجي پيو هاڻي ضروري ٿيو ته موصوف جي ڪيل دعوا يعني سندس عهد شباب جي اتقا ۽ عرفان جي اُبثار ڪئي وڃي ۽ سندس اڳين جوڻ ۽ نشاء اولي جي عجيب احوال مان قارئين ڪرام کي ڪجھ ڇنڊو پاڻي ڪرايو وڃي , سندس عهد شباب ۽ اڳئين جوڻ بابت اجهو هيئن ٿا گهر ريزي ڪن انهي بيان واجب التيبان سراپا ادعان کان اڳ هڪ ٻڌل نقلڙو لکڻ مناسب پيو نظر اچي هڪ هندو حسب دستور ساڙڻ بعد سندس ماء جي سماڌي تي پوريون شيرو گهيھ ۽ پڪان ڇاڇا رکي ٻئي ڏينهن جانچڻ آيو ته اُتي ڇاجو پير آھي يعني ڪهڙي شيء اهو سامان کائي وئي آھي جنهن شيء جو پير هوندو لازمي طرح سان اهي مال مليدا ڳيتون ڏئي ڳڙ ڪايا هوندا ۽ ٻي چوڻ ۾ سندس ماء جو روح به انهي ئي شيء ۾ استراحت پذير ٿيو هوندو اچي ڏسي ته هڪ ٻھڙي ڪتي رکيل ڪل کاڄ کائي اتي ٿڌا مانجهاندا ڪري رهي آھي پيرن جي نشان بجائي کائيندڙ شيء خود موجود هئي هاڻي ته شڪ جو سوال ئي ڪو نه هو هندو ڌرم جي قانون مطابق شريمتي جو روح يقينا انهي ڪتي ۾ واسو ڪري چڪو هو چناچه هندو صاحب پنهنجي مينه محترمه ماء کي گهر وٺي آيو ۽ ڪملا ديوي (ذال) کي حڪم ڪيائين ته هيء امڙ لڪشمي آھي هن جي خوب خدمت ۽ ادب ڪجان تيوڻ روٽي پهرين هن کي نوش جان ڪرائي پوء ٻين ڀاتين کي اڇا (1) ڪجان, فرمانڀردار ذال چيلھ ٻڌي سس جون چاڪريون شروع ڪري ڏنيون ڪتي مهوڙ ٿي وئي هڪڙي ڏينهن واڻيون گهر اچي ڏسي ته گهر جي آڱڻ ۾ سندس چو پيري ماء جو ڳوٺ جي هڪڙي ڪتي سان معاملو اخذ و عطا جو شروع آھي ۽ ٻئي افزائش نسل لاء قانون فطرت جي عين مطابق عملي ڪوشش ۾ همه تن مصروف آھن ۽ ھڪ ٻي مان جلب لذات جي لذيذ عمل ۾ پوري اطمينان ۽ آرام سان محو ۽ منهمڪ سيٺ صاحب کي سندس مزعومه ماء جي اهڙي حرامڙائي واري حرڪت بيحد ڏکي لڳي ڪيڏانهن سيٺ صاحب جو شان ڪيڏانهن ڳوٺ جو هڪ خسيس ڪتو جو سندس ماء جو مڙس ۽ چاچي چوائڻ جو مستحق بنجي چڪو هو ڪتي ترقي پسند اديب ۽ ڪميونسٽ خيالات جي هئي جن جي لغت ۾ شرم حياء ۽ غيرت جو اکر عنقا آھي هن کي اهوڪوبه احساس ڪو ن هو ته انهيء حرڪت سان پٽ جي منهن تي لينگهاڪڍي رهي آهيان ۽ پٽ جي نڪ چپ جو بغير ڪلورو فارم سونگهائڻ جي پوسث مارٽم ڪري رهي آھيان ڪي به اخلاقي پابنديون جناب جي ايم وانگر هن جي نظر ۾ دقيانوسي خيالات ۽ وحشيانه دور جون نامعقول نشانيون ۽ محض توهم پرستيون هيون سا پٽ جا نڪ چپ مان شان ننگ ۽ غيرتون پنهنجي نفس پروري وارن لذيذ لمحن تان بي تحاشا نثار ڪري رهي هئي الحاصل ته سيٺ صاحب تمام گهڻون ڦنڊيو ڦوڪيو وڦليو دڙيو داڦيو حتٰي ڪه ماء کي ڪي شخن به ڪڍيائين سندس ذال چيو ته منهنجي سس جون اهي عادتون اڳئين جوڻ ۾ به هيون فرق صرف ايترو آھي ته اڳئين جوڻ ۾ سندس پيرن تي روحاني راز هوندا هئا ۽ ھاڻ ھم جنس هئڻ سبب سندس آرچو پيرن چاهيندڙن تي آھي, سو ڳالھ ٿي ڪئي سين مجيجين جي , جيڪي چون ٿا ته جناب جي ايم صاحب جا لڇڻ مهتي جي ماء وانگر اڳئين جوڻ ( عهد شباب ) ۾ به اهڙائي اڻ سهائيندڙ ۽ سندس بزرگ مائٽن جي منهن تي ته پوندڙ ھئا انسانيت جون ڪل حدون اڳي به اڄ وانگر نڪا هم نڪا تم اورانگي ويندو هو مثال اڄ کان اٽڪل 33/34 سال اڳ ممڪن آھي ته اهو اندازو ڪجھ ڪم و بيش به هجي اهڙي به ڪا ڍنگري ڍري اهڙو به ڪو واءُ وريو جو جي ايم صاحب وزير تعليم بنجي ويو مسجد منزل گاه تحريڪ جا شرڪاء ڪار جيڪي کيس سر ويچ ۽ سچو مسلمان سمجهندا هئا انهن جون اميدون آسمان سان ٽڪرڻ لڳيون هيون ته اجهو ٿي ملڪ ۾ اسلامي تعليم شروع ٿئي اجهو ٿيون رب جون بي پناه رحمتون ملڪ منعطف ٿين اجهو ٿيون کير ۽ ماکيء جون نديون وهن مسٽر جي ايم خوب طرح سان پاڻ موکيو ۽ دل گهرين دوستن جي اميد ۽ آرزوئن جون جهوليون مراد جي رنگلرنگ گلن سان لبريز فرمايون ۽ ھن جي هشام جان کي واه جو معطر ڪيو, حڪم ڪيائين ته گرلز اسڪول جي ڇوڪرين لاء گانو ۽ ناچ ۽ رقص ۽ انهي جا لوازمات ۽ انهي جي لوازمات کي ڪاميابي سان نباهڻ جا طور طريقا سکڻ لازمي رهندا مسجد منزل گاه جھڙي خالص مزهبي تحريڪ جي اڳواڻن مان هڪ برک اڳواڻ اهڙو حڪم نافظ ڪري سا ڪا گهٽ محير العقول ڳالھ ڪانه هئي مونکي ياد آھي ته سندس مسلمان دوستن مان ڪي اوهي جيڪي فقط محبت مان کيس جي ايم سيد جي بجاء لاڏڪوڏ مان جيم سيد چوندا هئا اهي ڍڪرجي ويا ڪو پڇي ته ڇاخبر آھي ته ورندي نه پيا ڏيو سگهن اهو ته اڃان بقول سندس مسلماني ۽ بزرگي وارو دور هو جڏھن هن مسلمانن جي معصوم نياڻين کي گانا ڳارائي نچائي پنهنجي خبيث نفس کي مچائي مهوڙ ٿي ڪيو ۽ اها مسلمان قوم جيڪي چوندا آھن ته مال صدقو سر تان ۽ سر صدقو لڄ ۽ غيرت تان انهن جي پاڪ نياڻين کي هي ناپاڪ ۽ نا اهل ڳائڻ ۽ نچڻ واريون ڪنڃريون بنائي رهيو هو انهي ماڻھو کي نمازن روزن تهجدن ۽ ذڪر اذڪار جي هام هڻندي شرم اچڻ گهرجي ها, پر شرم آڻي ڪٿان جو انهي پارٽي جي ڀري تري بازار مان لک رپئي به شرم ۽ حيا جي رتي ته ڇا پر رتي جي چاليهين پتي به ملڻ فقط مشڪل بلڪه ناممڪن آھي اتي شرم جو سوال ئي نٿو پيدا ٿيئي ڇوته ايها شئي اتي پيدائي ڪانه ٿي ٿيئي ۽ نه انهي جي درآمد ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪئي وڃي ٿي انهي موقعي تي شرم ڪرڻ گهرجي ها جو اکر چوڻ ئي نامعقول ۽ ناموزون آھي اهو اکر واتان نڪري ويو آھي ته بصد معزرت انھيء کي واپس وٺان ٿو , ****- ***

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )