ڇا انسانيت مذهب کان مٿاهين آھي ؟؟

اڄ سڄي دنیا جون قومون اسلام ۽ مسلمانن خلاف هڪ زبان ٿيل آھن ۽ انهن جي انسانیت نواز متوازن پیروڪارن کي نهایت چالاڪي ۽ مڪاري سان ذرائع ابلاغ جو استعمال پنهنجي پوري قوت وتوانائي اسلام ومسلمان دشمني ۾ صرف ڪرايو پيو وڃي نت نوان فلسفه ایجاد ڪري اهڙو ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن دنیا جا ماڻھو اسلام ۽ مسلمانن کان انهي قدر بيزار ٿي وڃن جو ڪو به هنن جي ويجهو نه اچي سگهي نه هنن جي ڪو ڳالھ ٻڌڻ پسند ڪري انهن پاران جيڪو سڀ کان اهم سبجيڪٽ آھي سو اهو آ ته انسان مذھب کان وڏو آھي يعني هر شئي کان وڏي انسانيت آھي ظاهري ته اهو مذهب بيزاري جو ڌوڪو آھي لادينيت وڌائڻ جي چال مڪر ۽ فريب آھي انهي پويان ٻيا به ڪارڻ آھن _ اهو هڪ دجل يعني اهم هٿيار آھي ۽ انهي هٿيار سان شڪار به اهل علم طبقي کي ڪيو ويندو آھي سوال اهو آھي ته ڇا انسان مذھب کان واقعي وڏو آھي ؟؟؟ انهي سوال جو جواب نهايت اهم آھي سڀ کان پهرين ڳالھ ته ڪائنات جي تخليق ايمان لاء ٿي آھي الله انسانیت جو خالق آھي ۽ الله جي ويجهو دین مقبول صرف اسلام آھي ۽ خالق ئي پنهنجي مخلوق جي تقاضن ۽ ھر هر حالت کان بخوبي واقف آھي سو انسانیت کي اسلام ۾ سمیٽي ڪري رکيو ويو آھي جنهن ۾ انسانيت ناهي سو مسلمان ناهي ليڪن انسانيت به خالق واري قابل قبول هوندي مخلوق واري نه ڇوته مخلوق واري انسانيت انساني نفس جي خواهش تي آھي يا هن طرح چئي سگهجي ٿو ته مخلوق واري انسانيت جو فلسفو دجل تي ٻڌل آھي ۽ اهو مسئلو صرف اسلام جي مقابلي ۾ ئي نظر ايندو آھي ڇوته هن ميڊيائي دور ۾ اهوئي ڌيکاريو پيو وڃي هتي سوال اهو آھي ته اگر واقعي انسانيت مقدم آھي ته قوم پرستي وطن پرستي جو ڍونگ ڇو؟ ؟ ۽ انهي انسانيت ۾ اهم غير مذاهب ڇو ؟؟ اها حقيقت اٽل هجڻ جي باوجود ته اسلام هڪ ڪامل ومڪمل دین آھي جيڪو زندگي جي هر شعبي ۾ انسانیت جي رهنمائي ڪندو آھي مگر هتي نظام ئي اُبتو هلائڻ جي ڪوشش جاري آھي اگر ڪنهن ڪافر کي مسلمان پاران ڪا تڪليف پهتي ته موسمي ڏيڏر انسانيت جو راڳ ڳائڻ لاء ٻاهر اچي ويندا مگر ڪافرن پاران مسلمانن تي ظلم ڪرڻ وقت انهن کي بي باڪي سان شهيد ڪرڻ وقت ڪنهن کي انسانيت جو درد ڪون جاڳندو پاڪستان خلاف ادارن خلاف دهشت گردي ڪندي وقت عوامي املاڪ کي نقصان رسائيندي وقت احتجاج ڌرڻا لڳائي ماڻھن جا حق ڦٻائڻ وقت مسلمانن جي مقدس حصتين خلاف گستاخيون ڪندي وقت انسانيت جي گرم جوشي تي برف جا جبل ڇو ڄميو وڃن ؟؟؟ ڳالھ صرف ايستائين ناهي جڳه جڳه این جی اوز ويٺا آھن انسانیت جا علمبردار سیاست دان صحافي سوشل ورڪر ڊاڪٽر جج وڪيل عیاشيون ڪرڻ ۾ پورا آھن جک هڻائڻي هجي ته اهي ماڻھو پاڻ کي انسانيت جو سڀ کان وڏو علمبردار ٻڌائيندا مگر عمل ڪرڻ جو وقت آيو ته انسانيت ڪٿي نظر ڪون ايندي اسپتالن ۾ مفت علاج نتو ملي عدالتن ۾ مفت انصاف نٿو ملي سوشل کان اليڪٽرونڪ ميڊيا تائين مفت ۾َ خبر نٿي هلي ته پوء هي انسانيت جو راڳ آخر ڇاجي سبب آھي ؟؟؟ انسانيت نواز متواز پيروڪارن جو انسانيت راڳ آخر ڪهڙي سبب آھي ؟؟؟ انهي جو جواب جنهن جي هٿ ۾ انسانيت نواز پيرو ڪارن جي لغام آھي تنهن کان ملي سگهي ٿو مغربي تهذیب جي علمبردارن هي جيڪو فساد  بگاڙ دانسته ۽ نادانسته طور تي پیدا ڪيو ۽ انهي کي وڌايو سو پنهنجي  ڪاري ڪرٿوتن مڪارين ۽  سازشن کي لڪائڻ لاء طرح طرح جا فرضي جعلي ۽ مصنوعي مسئله پیدا ڪري حقوقِ انساني جمهوریت حقوقِ نسوان دهشت گردي آزادي آزاد تجارت آزاد مارڪیٽ گلوبل ولیج ۽ خبر ناهي ڇا ڇا  غیر اهم مسئلن انهن جي وجوهات کي میڊيا جي آڌار تي خاص و عام جي دل و دماغ ۾ پیوست ڪري ڇڏيو جنهن جي نتیجي ۾ دنیا جي اهم مسئلن ۽ انهن جي پويان ٿيندڙ اصل کيل کان ناواقف رکيو ويندو آھي  خصوصن انساني حق آزادي ترقي تعلیم جي ٺيڪيداري جو دعویٰ ڪرڻ وارا امریڪه ۽ یورپ دنیا ڀر ۾ انسانن جي آبادی کان زیادہ بربادي تي رقم خرچ ڪرڻ جو شیطاني ڪم پنهنجي شیطاني حرڪتن ذریعه ڪري رهيا آھن امن انسانیت، انساني ترقي و فلاح جون ڳالهيون ڪرڻ وارا  اسلحي تي اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آھن هٿيار ٺاهڻ وارا اربين ڊالر ڪمائي رهيا آھن  دنیا ۾ ھر صنعت مندي جو شڪار آھي مگر هٿيار جي صنعت ۾  مندي ناهي اهو آھي ڍونگي منافق انسانیت دشمنن جو اصلي چهرو جنهن کي لڪائڻ لاء دنیا ڀر ۾ فساد جي باه ڀڙڪائي ويندي آھي ملڪن کي ملڪن خلاف وڙھايو ويندو آھي  ملڪن ۾ آزادي قوم پرستي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون تحريڪون هلائي رياست سان وڙھايو ويندو آھي الغرض هر طرح سان فتني فساد کي هوا ڏني ويندي آھي مگر انهي باوجود اهو باور ڪرايو ويندو آھي ته انسان مذھب کان وڏو آھي :

تبصرے

گمنام نے کہا…
تمام سٺو

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )