سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ ترقي

دنيا جي تعليمي ادارن مان پڙھندڙ ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن مان پڙھندڙن جو فرق دنياجي هائر تعليمي ادارن مان علم حاصل ڪندڙ سائنٽس ٿيا انجنيئر ٿيا ۽ هو ھڪ طرف وڃي چنڊ تي پهتا دنيا ۾ ٿيندڙ هي ايجادون انهي جو واضح ثبوت آھن مگر جڏهن اسان پنهنجي سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن مان پڙھي فارغ ٿيندڙن جي حالت زار ڏسون ٿا ته دل روئي ٿي پنهنجي ايندڙ نسلن کي يقين سان تباه ٿيندي ڏسون پيا ڇو ته اسان جي سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن ۾ صرف طالب علمن جو برين واش ڪري کين قوم پرست بنايو ويندو آھي جنهن جي اڪثريت پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوء ڪامريڊ ٿي صرف روڊ رستا ناپڻ ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندي ڳاڙھا جهنڊا هٿن ۾ کڻي جي ايم شاه ۽ عبدالواحد آريسر جهڙي نان ميٽرڪ جاهلن جي فلسفي تي هلندي ملندي بس 24 ڪلاڪ خواري الغرض سنڌ جي تعليمي ادارن مان پڙھي ڪو سائٽس انجنئير ته ڪون ٿيو ها مگر ڪجھ شاعر اديب دانشور ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ضرور ملي ويندا جنهن ۾ رسول بخش پليجو اياز پليجو هجي شيخ اياز هجي ابراهيم جويو عطاڀنڀرو هجي يا وري جامي چانڊيو هجي يا اهڙا بيشمار ٻيا هجن جنهن تاريخ سان هٿ چراند ڪئي ۽ اسلام کي غلط ٺاهي ٺُڪي پيش ڪيو مجاهدن کي انتها پسند ۽ ظالم لکيو سڏيو چاهي انهن ۾ محمد بن قاسم محمود غزنوي هجي يا اورنگزيب عالمگير هنن بخشيو ڪنهن کي ناهي مگر ٻي طرف ڪنهن به انتهاپسند غير مسلم خلاف ناهي ڳالهايو نه لکيو بلڪ انهن کي هيرو ٺاهي پيش ڪيو ويو آھي سو غورطلب آھي ڪئين سوال اُڀرن ٿا جنهن تعليمي ادارن مان پڙھي فارغ ٿيندڙ ترقي جون منزلون تي ڪندي سنڌ لاء اهم فريضو انجام ڏين ها سي ڪوڙ ٺڳي دوڪيبازي جي دنيا ۾ ايترا ته غرق ٿي ويا جو انهن اڳتي وک وڌائڻ کان بدران قوم کي بک بدحالي واري رستي تي لڳايو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ مان هُنر جهڙي ڪا شئي ناهي بچي سنڌ جو پاڙيسري صوبو علم ۽ عمل ۾ گھڻون اڳتي نڪري ويو پنجاب جي اعلي تعليمي ادارن مان پڙھڻ وارن اڄ ڪيتري ترقي ڪئي آھي سو زرعي الات جي صورت ۾ هرهڪ جي سامهون آھي سڄي سنڌ ۾ پنجاب جا ٺهيل زرعي آلات استعمال ٿي رهيا آھن بلڪ صرف سنڌ ۾ نه پوري پاڪستان ۾ ۽ ڳڏوڳڏ ڀارت جهڙي ملڪ ۾ به پنجاب پاڪستان جا زرعي آلات استعمال ڪيا ويندا آھن نه صرف زرعي آلات چنگچي رڪشه باڊيون پنجاب نٿو ٺاهي بلڪه اليڪٽرڪ پنکا واشنگ مشينون استري ۽ ٻيو گهڻون ڪجھ جيڪو پنجاب ۾ ٺھي پوري ملڪ ۾ استعمال ٿي رهيو آھي پوء به توهان ڪنهن پنجابي کان اهو نه ٻڌندا ته منهبجو ڪلمون منهنجو سجدو پنجاب کي يا پنجاب منهنجي امڙ آ نه ڪنهن پنجابي کي ٺڪرين تي يا ڪافرن تي فخر محسوس ڪندي ڏسندا نه وري مولوين کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي ٻڌندا نه ئي ڪنهن پنجابي مسلمان کي بُت پرستن وارا نالا استعمال ڪندي ڏسندا اهي سڀ ڪجھ اسان سنڌين جي نصيب ۾ آيا جو هتي جي ايم شاه ۽ عبدالواحد آريسر جهڙا آنڱوٺي.ڇاپ پيدا ٿي پيا انهن غير ملڪي ايجنسين وٽ ڀاڙي جي دلالي ڪئي سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن ۾ پنهنجا سياسي دفتر کوليا طالبعلم جو برين واش ڪري کين ناڪاره نااهل بنايو جنهن وجه سان سنڌ اڄ تباهي جو منظر پيش پئي ڪري مائٽ ويڇارا لکين روپيا خرچ ڪري پنهنجي اولاد کي انهن تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏياري وڏيون اميدون رکندا آھن مگر اڪثريت انهن تعليمي ادارن مان پڙھي جڏھن نڪري ٿي ته انهن جي هٿن ۾ ڳاڙھا جهنڊا هوندا آھن آئي ڏينهن روڊ رستن تي تنابون هڻڻ پريس ڪلبن تي احتجاجي مظاهره ڪري وقت زيان سان ڳڏ مائٽن جي اميدن جو قتل عام ڪرڻ موئن جي دڙي جي ٺڪرين تي فخر ڪرڻ پاڻ کي بت پرست مشرڪ ڪافرن جي نالي سان سڏائڻ سڄو وقت آوارگي ۾ گزارڻ سوشل ميڊيا تي اچي مولوين کي گاريون ڏيڻ اسلامي عقيدن تي تنقيد ڪرڻ منهنجو سجدو سنڌ تي منهنجو ڪلمون سنڌ تي منهنجي جيجل امان سنڌ ۽ ٻيا اهڙي قسم جا بيهودا نعره لڳائڻ ڇا اها ترقي آهي ؟ ڇا توهان انهي کي ترقي چوندا ؟ ڇا انهي کي توهان شعور چوندا ؟؟ اڳتي هلون ٿا سنڌ جي ميگهواڙن جانورن جون کلون وٺڻ ڇڏي ڏنيون ڇوته هنن جوتا ٺاهڻ ۽ ڳنڊھڻ وارو ڪاروبار ختم ڪري ڇڏيو جيڪا جڳه پٺاڻن ورتي ڪُنڀارن مٽي جا برتن ٺاهڻ ڇڏي ڏنا باقي ڳاڙھي سر ٺاهڻ وارا کورا رهيا سي به اڪثر پٺاڻ پيا هلائن سنڌي عورتن اڳٺ سڳيون ڀرت ڀرڻ ڇڏي ڏنون سنڌي ٽوپي ٺاهيندڙ ڪاريگر مري ويا انهي جڳه تي ايمبراڊري واري سنڌي ٽوپي اچي وئي جيڪا ڪنهن به سنڌي جي ڪارخاني ۾ نه پئي ٺهي ڪاٽن ڪپڙي يعني هٿ واري ڇاپي سان ٺھندڙ سنڌي اجرڪ به نالي ماتر بچي آ باقي پرنٽ واري سنڌي اجرڪ فيصل آباد پنجاب جي ملن مان ٺهي ٿي هن وقت سنڌي قوم وٽ ڪوبه هُنر باقي ناهي رهيو هي ترقي آھي يا زوال فيصلو پاڻ ڪريو ۽ اهو به سوچيو ته اگر توهان جو اولاد انهي ئي طرح سان ڳاڙھا جهنڊا هٿن ۾ کڻي روڊ رستا ناپيندو رهيو آئي ڏينهن پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندو رهيو ته مستقبل ۾ ڇا رهندو ؟؟؟؟ ……………

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )