سنڌو ديش ۽ اسلام دشمني
جي ايم شاه ڪتاب سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ۾ مسلمانن کي مارڻ جو حڪم ڏيندي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته اها ڳالھ برابر آھي ته هنن انگريزن جي آڌار تي اچي هن ملڪ تي قبضو ڪيو آھي اسلام مسلم قوم پاڪستان جي نالي ۾ مڪاني ماڻھن کي بيوقوف بنائي انهن تي مسلط ٿيو ويٺا آھن . تنهن ڪري هو ڌوڪيباز ظالم ۽ غاصب آھن انهن سان وڙھڻ ۽ کين ناس ڪرڻ جائز آھي جهڙو ڪنهن زهر واري نانگ مارڻ آھي -----
موجوده دور جا حالات توهان جي سامهون آھن اڄ توهان جي ارد گرد ڇا پيو ٿئي انهي ڳالھ کي هڪ طرف رکي ته تحريڪ آزادي ۾ ھزارين لکين مسلمان شهيد ٿيا هي وطن حاصل ٿيو راجهستان گجرات ۽ ٻين صوبن مان هزارين لکين سنڌي مسلمان حجرت ڪري سنڌ آيا جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهائش پزير آھن ۽ جٿان حجرت ڪري آيا اتي پنهنجو مال ملڪيت جائدادون نوڪريون سڀ ڪجھ ڇڏي آيا جنهن تي اتي جا هندو قبضو ڪري ويٺل آھن سوال آھي ڇا هندوستان مان حجرت ڪري ويل مسلمانن جي جائدادن مال ملڪيت تي قبضو ڪندڙ ھندو غاصب ظالم ناهن؟
ڇا هندوئن انگريز جي آڌار تي اچي هندوستان تي قبضو نه ڪيو؟ جوناگڙھ رياست جيڪا پاڪستان سان شامل هئي انهي تي هندوستان جبري قبضو نه ڪيو ؟؟ حيدرآباد دڪن رياست به آزادي وقت پاڪستان جي حصي ۾ آئي ڇا انهي تي هندوستان جبري قبضو نه ڪيو ؟؟؟
ڇا جي شري رام جي نالي تي انهي ڏينهن کان اڄ تائين لکين بي گناه مسلمان ظلم ستم سان ماريا نه ويا؟
پوء ڇا سبب آ انهن انتها پسند ڪافرن سان وڙھڻ انهن کي ناس ڪرڻ جو ڪو حڪم جي ايم شاه ۽ سندس حمايتي لڏي نه ڏنون صرف مسلمانن سان دشمني جو بنياد آخر ڪهڙو آھي؟
هتي ڪئين سوال اُڀرن ٿا جيڪو شخص پاڻ کي سيد سادات سڏائي حضور صلي الله عليه وسلم جي اُمت سان غداري ڪري مسلمانن جي جان مال عزت آبرو سان وير رکي پاڻ کي غير مسلم ڪافرن جو ترجمان ثابت ڪري ڇا اهڙو شخص مسلمان ٿي سگهي ٿو ؟؟؟
مطلوبه ڪتاب جا مون صرف ٻه صفحه توهان آڏو رکيا آھن باقي پوري ڪتاب ۾ جي ايم شاه پنهنجي پاڻ کي مسلمانن جو دشمن هجڻ جو پورو پورو ثبوت پيش ڪيو آھي
هڪ صفحي نمبر تي لکي ٿو .
اسان جمهوريت، قوم پرستي، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ غير جانبدار پاليسيءَ جا طرفدار آهيون. اسان پنج هزار ساله شاندار ماَضيِءَ کي هنن سامراجي درندن کان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اسان آريا ورت جي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهيون.اسان سندن اڳوڻا ساٿي آهيون،
سوال اهو آھي هڪ سيد سادات سڏائيندڙ جو آريا ورت جي سنڌو ماٿريء تهذيب ۾ ڇا وڃي؟ جو هو هن کي بچائڻ نڪتو هو؟
ٻي صفحي ۾ سنڌ مان لڏي ويل هندوئن کي عرض پيو ڪري ته
سنڌ مان لڏي ويل هندن جي اڪثريت ڀارت ۾ خوش آهي. کين ڪهڙي پرواهه ته سندن سنڌي هم قوم ڀائرن سان هتي ڪهڙا ويل وهي رهيا آهن!
جيڪڏهن هنن اسان جي همدرديءَ ۽ آواز اٿاريو، اقوام متحده ۽ دنيا جي ملڪن تائين اسان جي ظلمن جي داستانن کي پهچايو ته اسان سمجهنداسون ته هنن پنهنجي پت پاري آهي. اولهه بينگالين به ڀارت سرڪار کي مجبور ڪري، اوڀر بينگالين جي مدد لاءِ آماده ڪيو هو. ممڪن آهي، جي هت همت ڪن ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو..
مطلب ڪيئن به ڪري هندوستان حڪومت کي راضي ڪريو جيڪا سنڌ تي حملو ڪري اسانکي آزاد ڪرائي جيئن بنگلاديش آزاد ڪرايو ويو مطلب ڀارتي حڪومت کي دعوت ڏئي سنڌ تي فوجي حملا ڪرائڻ سنڌين کي بمن سان تباه ڪرائڻ جي نيت رکندڙ سنڌين جو رهبر هو؟
جي ايم شاه مري چڪو مگر سندس چيلا هيلي بهاني سان مسلمانن جي عقيدن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندا ٿا اچن اهو سلسلو مسلسل هلي رهيو آھي ڪڏھن وزير علي شاه جهڙي ميراثي مڱڻھار جي پيٽ ۾ سور جاڳي ٿو ته ڪڏھن مانجهي ميراثي جي اولاد کي ته ڪڏھن امر زليل کي ته ڪڏھن شمن ميرالي جهڙي بدبخت کي شيطان ٻٽي هڻي ٿو
اهو سڀ ڪجھ مسلمانن جو ٽيمپريچر چيڪ ڪرڻ خاطر باقائده هڪ سازش تحت ٿي رهيو آھي تاڪ خبر وٺي سگهجي ڪيترا ايمان جي غيرت کان محروم ٿي چڪا آھن ڪيترن ۾ ايماني غيرت اڃان باقي آھي
..



تبصرے