وٺي هر هر جنم وربو
قوم پرستي جي غلاظت ۾ مسلمان هجڻ باوجود جنت دوزخ جو انڪار مگر بُت پرستن جي هٿرادو ڪهاڻي مرڻ بعد بار بار جنم وٺڻ تي اعتبار!
.
اسان جا مسلمان ايترا ته اٻوجھ آھن جو انهن کان ڪوبه ايمان جهڙي دولت کسي ويندو آھي ۽ ھُنن کي خبر به ناهي پوندي هو جهالت جي ڪڍ لڳي گمراهي جهڙي لعنت ۾ اونڌي مونھ ڪري پوندا آھن اهڙي سڀ کان وڌيڪ خراب حالت اُنهن ماڻھن جي آھي جيڪي قوم پرستي جهڙي غلاظت ۾ ٻُڏل آھن ۽ اڃان به اسان جا سنڌي اهو سمجهي ويٺا آھن ته قوم پرستي ۾ ڪا بُرائي ناهي مگر حقيقت انتهائي ڀيانڪ ۽ خطرناڪ آھي ٿورو غور فڪر ڪري ڏسو ته توهانجي اولاد اڄ ڪٿي بيٺي آھي؟
هو قوم پرستي جي غلاظت ۾ ايترو ته ٻُڏي وئي آھي جو عنقريب هولي ديوالي ۾ پنهنجو مونھ ڪارو ڪرڻ کان ٻه قدم اڳتي وڌي هٿ جي ٺاهيل پٿر جي مورتين اڳيان سجده ڪرڻ شروع ٿيڻ واري آھي علم پڙھڻ باوجود دنيا جي سڀ کان ٿرڊ ڪلاس مذھب کان متاثر ٿي قرآن و حديث جو انڪار ڪندي قيامت جي برپا ٿيڻ جنت ۽ دوزخ جو مزاڪ اُڏائي پاڻ کي عقل جو داناه سمجهي هندوئن جي انهي رام ڪهاڻي تي انڌو عقيدو رکندي آھي ته انسان مرڻ بعد دوباره بلڪ باربار جنم وٺي ورندو چاهي هو ڪتي جي شڪل ۾ اچي ڀولڙي جي شڪل ۾ اچي ڳڏھ جي شڪل ۾ اڇي مطلب انسان مرڻ بعد وري جنم وٺي ورندو انهي تي هر قوم پرست جو پڪو ايمان آھي نه صرف پڪو ايمان بلڪه انهي جهالت تي بيحد فخر به ڪيو ويندو آھي ۽ انهي جاهلانه نظريئي جو ترانون به ٺهي چڪو آھي وٺي هرهر جنم وربو مٺا مهراڻ تي ملبو , هاڻ مهراڻ تي ڪهڙي شڪلن ۾ ملندا اهو ڪو عقل کان پيادا نٿا ٻڌائي سگهن ٻڌائيندا به ڪهڙو مونھ کڻي خدا جي قدرت جو انڪار ڪندڙ الله جي قرآن جا منڪر جيڪا سوچ رکي پاڻ کي ترقي پسند سمجهندا آھن ۽ فخر ڪندا آھن تنهن جو نه ڪو سر آ نه وري پير سوال اهو آھي ته هيستائين ڪيترا مري ويل دوباره جنم وٺي موٽي آيا؟
ڇا راجه ڏاهر جنم وٺي دوباره موٽي آيو؟
ڇا سوامي جهڙو لعنتي جنم وٺي موٽي آيو؟
ڇا جي ايم شاه جنم وٺي موٽي آيو؟
بشير قريشي واحد آريسر ۽ ٻيا کوڙ سارا قوم پرست مري وڃي جهنم پهتا ڇا انهن مان ڪو هڪ موٽي آيو؟
پاڻ کي ترقي پسند سڏائي نان ميٽرڪ جي ايم شاه جهڙي آنڱوٺي ڇاپ ۽ غير مسلمن جي ڪوڙي ڪهاڻين تي انڌو عقيدو رکڻ ترقي پسندي آھي يا جهالت ؟ مري ويل ڪو اڄ تائين موٽيو آھي جو هي ڌريا ديشي ملحد قوم پرست وٺي هرهر جنم ورندا؟
خداجي قدرت جا منڪر ٿي قيامت جو انڪار ڪندڙن ۽ جنت و دوزخ جو مزاڪ اُڏائيندڙن کي بلاشبه رب تعالي ايترو ته خوار ڪيو آھي جو ڌريا ديشي ملحد قوم پرست اهڙا نظريه ٿا رکن جنهن جي حقيقت ته پري رهي ڪو بنياد ئي ناهي
دنيا جي تاريخ گواه آھي الله رب العزت جو انڪار ڪندڙ ڪافر هٿن سان بُت ٺاهي انهن کي پنهنجو خدا مڃيندا هئا ۽ مڃي رهيا آھن ڌرئيا ديشي ملحد قوم پرست به انهي ئي مرض جو شڪار آھن
دعاڳو آھيون الله اهڙي غليظ نظرين کان تمام مسلمانن کي پناه عطافرمائي
.
✍خادم سلام شاهاڻي
.

تبصرے