ايمان

ايمان سڀ کان اهم سوال آھي ته اسانجي ايمان جي ڪيفيت ڇا آھي اسان جي گهر جڏھن ٻار پیدا ٿيندو آھي ته سندس ڪن ۾ اذان ڏني ويندي آھي ۽ انهي کي مسلمان جو لقب ڏنو ويندو آھي ۔ عقیدو حاصل ڪرڻ مشڪل ناهي، اڄ ڪل جي دور ۾ ھر انسان ڪو نه ڪو عقیدو کڻي ڦرندو آھي۔ اڄ جو مسلمان جڏھن اک کولي ڪري اردگرد ڏسندو آھي ته هو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن مذهبی گروہ سياسي گروه ميراثي گروه سان وابسته پائيندو آھي۔ اهڙو شخص پنهنجي ماحول واري اثر یا ڪنهن دعوت جي بنیاد تي دینداری يا وري بي ديني اختیار ڪندو آھي ته اصل ۾ اهو سندس صحبت جو اثر هوندو آھي جيڪو پنهنجي فڪر کان سوا هر ٻي شئ کي غلط تصور ڪندو آھي ۔ اهڙو شخص پنهجي سوچ ۽ نظريئي کان علاوه هرمخالف کي بي وقوف سمجهندو آھي انهي لاء پنهنجي سوچ و نظريئي کي قابل فخر سمجھي پنهنجو تعارف ڪرائيندو آھي۔ ڳالھ ڪئي وڃي اگر موجوده مسلمان جي ته اڪثريت وٽ مختلف قسم جا عقيده و نظريه ضرور آھن مگر ایمان ناهي بلڪه ايمان جي باري ۾ ڪا سُڌ ئي ناهي اهوئي سبب آھي جو جي ايم شاه جهڙن آنڱوٺي ڇاپ اڳواڻن پويان ماڻھو پنهنجو ايمان برباد ڪريو ويٺا آھن وري نظر ڪريون ٿا مانجهي جهڙي ماڇي فقير ڏانهن ته اهڙي ميراثين پويان جاهلن جي فوج پنهنجو ايمان برباد ڪريو ويٺي آھي وڏي عجیب ڳالھ آھي اوهي ماڻھو جيڪي مسلمانن جي گھر ۾ پیدا ٿيا آھن ایمان جي شرط کان همیشہ پاڻ کي بري الزمه سمجھندا آھن۔ انهن جي ويجهو انهن جي ایمان جو مرحلو هڪ مسلمان گھراڻي ۾ پیدا ڪري الله تعالیٰ پاڻ ئي طي ڪري ڇڏيو آھي۔ مطلب مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿيا ڪنهن ڪن ۾ اذان چئي بس هاڻ زندگي ڀر انهي ٻڌل ڪلمي تي مسلمان جي نالي تي ڪفر پيو بڪندو رهي ڪافرن جي ڌرم کي حق سمجهي سندس تهوارن ۾ شرڪت ڪندي انهن جي مبارڪ ڏيندي شرڪيه ڪفريه منتر پڙھيل پرساد کائيندو رهي اهو سمجهي ته ايمان ڪيڏانهن نٿو وڃي اها جهالت واري سوچ اڪثريت پڙھيل لکيل طبقي ۾ هوندي آھي جيڪي دنياوي رولز جا ته قائل هوندا آھن مگر ايمان واري رولز جا وري منڪر سوال وري به اُڀري ٿو ته آخر اهو ماحول ڇو آھي ته انهي جو سئون سڌو اهو جواب آهي ته اڄ جي انسان کي جيتري فڪر دنياجي آھي ايتري آخرت جي ناهي ماڻھو علم حاصل ڪرڻ بعد پٿر جي دور واري ڳالهين کي جديد دور جو سمجهن ٿا وري پنهنجي جهالت جو الزام مولوي تي مڙھي پاڻ کي عقل جو ٻاون وير سمجهن ٿا هون ته اها علامت چرئي ۾ هوندي آھي ڪنهن عالم واقعي صحيح چيو آھي (تنها علم ڪُفر سان ڳڏ جمع ٿي سگهي ٿو ۽ تنها عمل منافقت سان بغل گیر ٿي سگهي ٿو) هون ته اسان مسلمانن لاء سيد سادات آئيڊيل آھن حضور صلي الله عليه وسلم فرمايو هو منهنجي اهلبيت کي ڏسندا ته سندن هڪ هٿ ۾ قرآن هوندو ته ٻي هٿ ۾ منهنجي سُنت هوندي ,, موجوده آل رسول جي ٻنهي هٿن ۾ ڇا آھي مونکي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي هرهڪ پنهنجي اکين سان ڏسي مشاهدو ڪري اهو ياد رهي رشتيداري جو دارومدار ايمان تي آھي ايمان جهڙي نعمت کان محروم شخص جو نڪاح ناهي ٿيندو ڇوته نڪاح جو بنياد ايمان تي رکيل آھي مطلب واضح آھي ایمان کي پرکڻ جا ٽي درجا آھن حديث شريف ۾ آھي , حضرت ابو سعید خدري رضي الله عنه کان روایت آھي ته مون رسول الله صلي الله عليه وسلم کان ٻڌو پاڻ سڳورن ﷺ فرمایو توهان مان جيڪو ڪنهن برائي کي ڏسي انهي کي پنهنجي هٿ سان مٽائي يعني ختم ڪري اگر هٿ سان مٽائڻ جي طاقت نه هجي ته پنهنجي زبان سان مٽائي ۽ اگر زبان سان مٽائڻ جي طاقت نه هجي ته انهي برائي کي پنهنجي دل سان مٽائي یعني دل سان نفرت ڪري اهو ایمان جو سڀ کان ڪمزور ترین درجو آھي ” اسان جي معاشري ۾ وياج سري عام هلي پيو لکين هزارين مسلمان هجڻ باوجود وياج کي روڪڻ وارو ناهي ڪچي شراب ٺرو سري عام هلي پيو مزارن تي ڍمالون هلڻ فحاشي عرياني سري عام آھي قوم پرستي جي نالي تي دين بيزاري واري سري عام گناهن جي دعوت هلي پئي عورت جي آزادي جي نالي تي بي پردگي بي حيائي عام آھي خرافتون منڪرات سري عام آھن لاتعداد برايون معاشري ۾ موجود آھن لکن ڪروڙن جي تعداد مسلمانن جي آھي مگر مجال آھي برائي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي ارد گرد کي گندگي کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري بس اهو چئي فرض ادا ڪيو ويندو آھي ته غلط ڪرڻ وارو پاڻھي پنهنجي قبر ڇڏائيندو اسان جو ڇا وڃي ...... . ✍خادم سلام شاهاڻي

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )