بُت پرستي ڪڏھن کان شروع ٿي ؟

بُت پرستي ڪڏھن کان شروع ٿي ؟ 
 اڪثر و بيشر اهو تاثر پيش ڪيو ويندو آھي ته بت پرستي ابتدائي انساني تاريخ کان شروع ٿي ويل ڌرم آھي ۽ اسلام صرف حضور صلي الله عليه وسلم پاران نبوت جي اعلان ڪرڻ سان شروع ٿيو انهي کان اڳ اسلام نه هو هڪ لک 24 هزار پيغمبرن جيڪو دين آندو سو اسلام نه هو وغيره وغيره هي هڪ نهايت مڪارانا سوچ آھي جيڪا عام ماڻھن جي زهن ۾ پيوست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ۽ نظر ۾ اهو آيو آھي ته اڪثريت انهي کي بناسوچ ويچار جي تسليم به ڪندي آھي ليڪن حقيقت انهي جي بلڪل مختلف آھي اسلام حضرت آدم عليه السلام کان شروع ٿيو الله تعالي طرفان موڪليل هڪ لک 24 هزار پيغمبرن اسلام جي تبليغ ئي ڪئي آھي هر نبي سڳوري جي عبادت جا طور طريقه ڀلي کڻي زير زبر جو فرق رکندڙ ھُجن مگر الله کي هڪ ڪري مڃڻ وارو نظريو هڪ ئي رهيو آھي جڏھن ته بُت پرستي جو نظريو حضرت ادريس عليه السلام جي قوم ۾ آيو مگر انهي جي باري ۾ ايتري معلومات ميسر ناهي جنهن بعد اهو نظريو حضرت نوح عليه السلام جي اُمت ۾ شروع ٿيو انهي وقت پنج اهڙا  بزرگ ڪاملين هئا جيڪي وصال فرمائي ويا ته انهن جا مجسمه ٺاهڻ شروع ڪيا جيئن اڄ ڪل شاه عبدالطيف ڀٽائي قائداعظم ستار ايڌي ۽ ٻي مشهور ماڻھن جا مجسمه ملڪ جي مختلف ماڳن تي لڳل آھن دراصل بت پرستي جي شروعات انهي ئي طرح ٿي آھي حضرت نوح عليه السلام جي قوم صرف مجسمه ٺاهيا مگر انهن کي خدا ڪري ڪون مڃيندا هئا قرآن پاڪ جي سُوۡرَۃُ نُوۡحٍ آيت 23 ۾ اهو ذڪر ملي ٿو   وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا ۽ سردارن چيو توهان هرگز پنهنجي بتن کي نه ڇڏجو ۽ توهان هرگز (پنهنجي بتن) وَدُّ ۽ سُواع ۽ يَغُوثَ ۽ يَعُوقَ ۽ نَسر کي نه ڇڏجو هن آیت جي وضاحت ۾ امام احمد رضا خان فاضل بريلوي لکن ٿا ته  هڪ مسلمان شخص هو جيڪو پنهنجي قوم ۾ پسندیدہ ۽ محبوب به هو جڏھن هو مري ويو ته سر زمین بابل ۾ ماڻھو سندس قبر جي آس پاس جمع ٿيا ۽ ھُن جي جدائي تي بي قرار ٿيا تڏھن شیطان هُنجي جدائي ۾ ماڻھن کي بي تاب ڏٺو هو انساني صورت اختيار ڪري انهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته هن شخص جي مرڻ تي توهان جي بي قراری ڏسي رهيو آھيان ڇا مناسب سمجھو ٿا ته مان بلڪل اهڙي هڪ هڪ فوٽو تیار ڪريان ماڻھو انهي طرف متوجه ٿيا ۽ شيطان جا تیار ڪيل فوٽو ڏسي کين ياد ڪندا رهيا  راوي چيو ته انهن جي اولاد تي جڏھن اهو دور آيو ته هو اهو ڏسندا رهيا جيڪو وڏا ڪندا هئا پوء نسل اڳتي وڌي ۽ ايندڙ نسلن انهن کي خدا ٺاهيو  انهي طرح هو الله جي عبادت ڇڏي انهن جي پوڄا ۾ مصروف ٿي ويا (فتاویٰ رضویه جلد۴۲ ص۴۷۵) معلوم ٿئي ٿو ته انهن کي باقائده خدا ڪري مڃڻ جو رواج حضرت ابراهيم عليه السلام کان اڳ شروع ٿيو  ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام بت پرستي خلاف تبليغ ڪئي جنهن جو قرآن پاڪ ذڪر اچي ٿو سُوۡرَۃُ الۡاَنۡعَامِ جي آيت 80 ۾ آھي وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ ۽ (حضرت) ابراهيم سان سندس قوم جھڳڙو ڪيو، ابراهيم چيو ڇا توهان مون سان الله جي وحدانيت تي جھڳڙو ڪريو ٿا حالانڪ تحقيق الله مون کي هدايت ڏني، ۽ آئون خوف نٿو ڪريان توهان جن معبودن کان مگر جيڪو منهنجي رب منهنجي لاءِ تڪليف مقرر ڪئي، منهنجي رب جو علم هر شيءِ کان زياده آهي، ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو . يهوديت جي ڳالھ ڪجي ته هن جي شروعات ڪيئن ٿي ته انهي بابت اهو معلوم ٿئي ٿو ته حضرت يوسف عليه السلام جو سڀ کان وڏي ڀاء جو نالو يهودا هو بني اسرائيل جي روايتن مان اها روايت ملي ٿي ته يهودا حضرت يوسف عليه السلام کي تمام ڀائن سان ڳڏ جي سجدو ڪرڻ کان پوء اهو چيو هو ته الله جو نبي ڀلي يوسف آھي مگر قوم منهنجي نالي سان هلندي سو انهي طرح يهودا جي اولاد مان يهودي ٿيا  سُوۡرَۃُ التَّوۡبَۃِ جي آيت 30 مان اها به خبر پئي ٿي ته يهودي حضرت عُزير عليه السلام کي الله جو پٽ ۽ شريڪ سمجهن ٿا ۽ عيسائي حضرت عيسي عليه السلام کي الله جو پُٽ ۽ شريڪ سمجهن ٿا  جڏھن حضرت موسي عليه السلام جو دور آيو ته انهي کي وڌيڪ سهائتا ملي ۽ سامري جادوگر گابي جو مجسمون ٺاهي انهي جي پوڄا شروع ڪرائي جيئن ته سُوۡرَۃُ طٰہٰ ۾ موجود آھي ڊڳي جي پوجا جو تصور اتان کان ئي نڪتل آھي هي ذڪر قرآن و حدیث ۽ اسلامي تاریخ مان هو مگر برصغير خاص نيپال هند ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ بُت پرستي هندو راجه دسرٿ جي پُٽ رام چندر کي پنهنجي سڀ کان وڏي خيالي ڀڳوان وشنو جو ستون اوتار ۽ انهي جو جسم مڃيندا آھن انهي طرح ڀڌشٽ گوتم بڌ کي هدایت جو سرچشمون مڃيندا آھن سک بابا گرونانڪ جي نقش قدم کي سڌو رستو سمجهندا آھن یهود و نصاري پنهنجي پنهنجي نبين کي خدا جو شريڪ سمجهندا آھن - غورطلب ڳالھ صرف اها آھي ته هي بُت پرستی ڪهڙي طرح شروع ٿي ؟؟ غورڪجي ته اڄ بيشمار ایمان وارا بزرگن جي محبت ۾ قسم قسم جون  خرافاتون سر  انجام ڏيندا آھن مقررن جي اڪثريت اولياه ڪاملين جون ڪرامتون بيان ڪندي ناهي ٿڪندي ڪنهن کي دين جا احڪام ڀلي کڻي خبر نه هجن مگر اولياه ڪاملين جون ڪرامتون ياد هونديون آھن اصل اسلامي نقتن تي بيان ڪرڻ بجائي مسلمانن کي ٽرڪ جي بتي پويان لڳائڻ جو نتيجو سامهون آھي دين جي طلب رکندڙ گمراه فرقن جي ور چڙھي ويا ۽ دين بيزار لادينيت ڏي هليا ويا ڪرامتي پيرن ۽ انهن جي جاهل مريدن کي ڪير سمجهائي ته  روئي زمین تي بت پرستي جي جيڪا ابتدا ٿي هئي سا بزرگن جي بيجا ۽ گمراہ ڪندڙ محبت سان ئي ٿي الله رب العزت اسان مسلمانن کي وحدانیت پرست بنائي ۽ انهي تي موت ڏي آمین
راجا ڏاهر

تبصرے

گمنام نے کہا…
بهترين سائين توهان جي پيج تان ڪافي معلومات ملي ٿي

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )