هولي ديوالي ۽ قوم پرست
غيرمسلمن کان عزت ڪرائڻ جي خواهش ۾ هولي ديوالي جي رنڱ سان ڪارو مونھ ڪرائيندڙ نام نهاد مسلمان
.
مسلمانن کي هندو بنائڻ جي نيت سان هند کان سنڌ ايندڙ سوامي جهڙي پليت کي حضرت عبدالرحيم گرهوڙي جهڙي جوان زياده وقت نه ڏنون جو هو پنهنجي ناپاڪ مقصد ۾ ڪامياب وڃي جلد ئي جهنم واصل ڪري ڇڏيائين مگر سادات جي روپ ۾ پنهنجي ناني جي دين تي ڌاڙو هڻڻ خاطر جي ايم شاه ڪافرن هٿان ضرور وڪاڻون جنهن نهايت چالاڪي سان اهڙا بيهودا نظريه متعارف ڪرايا جنهن سان ايمان دشمنن جي مقصد کي ڪافي حد تائين فائدو حاصل ٿيو اڄ اهوئي سبب آھي جو ادب دانشوري صحافت انسانيت جي خدمت جي مختلف نالن سان مسلمانن کي هندو بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي پڙھيل لکيل ڳڏھ ايترو به نٿا سمجهن باھمي هم آهنگي جو هرگز اهو مطلب ناهي ته پنهنجي اصول سان هٽي ڪري ٻين جي مذهبي رسم و رواج کي پنهنجي زندگي جو حصو ٺاهجي
مخلوق کي خوش ڪرڻ جي لاء خالق جي نافرماني هرگز قابل قبول ناهي هن وقت اها صورت حال عام آھي چند نام نهاد مسلمان پنهنجي آس پاس جي غير مسلمن کي خوش ڪرڻ جي لاء شرڪيه اعمال و افعال ۾ ڪا شرمندگي محسوس ناهن ڪندا اگر انهن کي سندن عمل کان ٽوڪيو وڃي ته ڪئين فلسفه گهڙي سامهون رکندا آھن سڀ کان اهم ته مذھب کان انسان وڏو آھي واقعي اگر مذھب کان انسان وڏو آھي ته انسانيت جي انهن ٺيڪيدارن کي گهرجي ته ڪولهي ڀيل ميگهواڙ جوڳي باگڙي نوجوانن کي پنهنجي گهرجون نياڻون پرڻائي ڏين ته جيئن انسان وڏو آ واري نعري جي حقيقي ترجماني ٿي سگهي ورنه هندوئن جي مذھبي تهوارن ۾ ٿُڪون چٽڻ لاء وڃڻ ۽ انهن جي نگن دنگن تي بدنگاهي رکڻ عاشقي وارا اشاره ڪرڻ موقعو ملڻ تي سيٽنگ ڪري هندو نياڻيون ڀڄائي کڻي وڃڻ وري مردن اڳيان انسانيت جو ڍونگ ڪرڻ سوشل اڪائونٽ پروفائل تي پاڻ کي هولي ديوالي ملهائيندڙن ۾ شمار ڪرائڻ ڪو سٺو عمل ته ناهي ايترو ته هندو به سمجهندا هوندا جيڪي منافق پنهنجي اسلامي تهوارن جا مخالف هجن جيڪي پنهنجي مسلمان ڀائرن سان منافقت ڪندا ھُجن سي وري اسان لاء مخلص ڪهڙي طرح ٿي سگهندا؟
ڇا اهو ڪافي ناهي جيڪو شخص پنهنجي دين سان سچو ناهي اهو ٻي جي ڌرم سان سچو ٿي سگهي ٿو؟
پنهنجي دين تي رهندي مسجد ۾ جهاتي نٿا پائن سي وري غيرمسلمن سان اظھار همدردي تحت مندرن ۾ پوجا پاٽ ڪرڻ ڪهڙي مقصد سان وڃن ٿا؟ يقنين پنهنجي نفسي خواهش کي پورو ڪرڻ خاطر
اهو ممڪن ئي ناهي جيڪو پاڻ کي مسلمان سڏائي پنهنجي ديني احڪامن کي پُٺ ڏئي غير مسلمن جي ڌرم ۾ دلچسبي وٺي ۽ انهن جي شرڪيه ڪفريه عمل کي پسند ڪري خوش ٿي مبارڪون ڏي اها پهرين درجي جي منافقت چئبي اهڙي بدبختن لاء الله تعالي قرآن پاڪ ۾ واضح ارشاد فرمائي ڇڏيو آھي.
بيشڪ اهي ماڻهو جن جا روح ملائڪ ڪڍن ٿا انهي حال ۾ جو پنهنجي نفسن تي ظلم ڪندا هئا، فرشتا انهن کي چون ٿا توهان ڪهڙي مشغولي ۾ هئا، (جواب ۾) اهي چون ٿا ته اسين زمين ۾ ڪمزور هئاسين، ملائڪن چيو ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان ان ۾ هجرت ڪريو ها، پوءِ اهڙن ماڻهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ تمام خراب ٿي جاءِ موٽڻ جي
سُوۡرَۃُ النِّسَآءِ آیت 97
.
هي آیت اهڙي ئي ماڻھن جي متعلق نازل ٿي آھي جيڪي ایمان آڻڻ جي بعد به بغیر ڪنهن واقعي مجبوري جي ڪافرن جي درمیان هئا ۽ اڌ تیتر اڌ ڪبوتر ٿي ڪفريه عمل به ڪندا رهيا ۽ مسلماني نالي ۾ نهال به رهيا يعني نیم ایمان ۽ نیم ڪُفر جي زندگي بسر ڪندي هن زندگي سان ناتو ٽُٽو
اگر دين اسلام جي الف بي جي خبر هجي ته توهان کي هولي ديوالي جهڙي غلاظت ۾ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي نام نهاد مسلمانن کي ته اها به خبر ناهي جڏھن مڪي شريف جا سردار نبي ڪريم صلي الله علیه وسلم وٽ آيا ۽ اهو مطالبو رکيائون ته هڪ مهينو توهان اسان جي بُتن جي پوجا ڪريو ۽ ھڪ مهينون اسان توهان جي خدا جي عبادت ڪنداسين اتي دلیل ڪجھ ھن طرح جي هئي ته اگر اسان حق تي هونداسين ته توهان کي انهي حق جو ڪجھ حصو ملي ويندو ۽ اگر توهان حق تي هوندا ته اسان کي انهي مان ڪجھ حصو ملي ويندو جنهن تي قرآن پاڪ جي هي آيت نازل ٿي لکم دینکم ولی دین” توهان لاء توهان جو دين ۽ اسان لاء اسان جو دین جنهن بعد پاڻ سڳورن صلي الله علیه وسلم جي چاچي ابو طالب انهي سلسلي ۾ سندن راء معلوم ڪئي ته پاڻ سڳورن صلي الله علیه وسلم جو صاف صاف جواب هو ته اگر هي ماڻھو منهنجي ساڄي ۽ کاٻي هٿ تي سڄ ۽ چنڊ رکن تڏھن به مان دين جي دعوت ڏيڻ کان رُڪجڻ وارو ناهيان
پاڻ سڳورن صلي الله علیه وسلم ته واضح ۽ چٽو فیصلو ڪري ڇڏيو
ڳالھ ڪريان پنهنجي ملڪ جي ته سنڌ کان ويندي هند تائين تبليغ دين لاء بي شمار الله جا ولي آيا آھن سوال اهو آھي ته ڇا اهي هتي ڪافرن سان ياريون نڀائڻ آيا اگر انهي طرح غير مسلمن سان سندن تهوارن ۾ مبارڪون ڏيڻ ۽ شامل ٿي ٻوٿ ڪارو ڪرڻ صحيح ۽ جائز هو ته پوء انهن بزرگن جو وڏيون تڪليفون سهندي وڏا سفر ڪندي حجرت ڪندي هتي اچڻ جو آخر ڇا مطلب هو ؟ فيصلو توهان جي هٿ ۾ آھي
الله شل سمجھ عطاڪري
✍خادم سلام شاهاڻي
.

تبصرے