نياڻي جهڙي نعمت
اولاد ۾ نياڻي جهڙي نعمت
.
اولاد الله تعالیٰ پاران عطا ڪيل نعمتن هان هڪ عظیم نعمت آھي جنهن وٽ اها نعمت ناهي بظاهر سندس زندگي ۾ ڪا رونق مُسڪراهٽ ناهي جنهن وٽ اها نعمت آھي انهي لاء سڪون جو باعث هوندي آھي اولاد چاهي پُٽ هجي یا نياڻي اهو رب العزت جو عظیم تحفو آھي جنهن کي نه رد ڪري سگهجي ٿو نه بدلائي سگهجي ٿو مگر اسان جي معاشري ۾ هڪ بار ٻيهر ڏيج جهڙي لعنت وائرس جي شڪل اختيار ڪري وئي آھي جنهن سبب هن ترقي يافته دور ۾ وري دنياوي رسمون دور جاهليت واريون مسلمانن ۾ رائج ٿيڻ شروع ٿي چڪيون آھن ديکا ديکي ته ايتري وڌي وئي آھي جو الله ڏي پناه تازو ڪراچي ۾ هڪ دوست جي دعوت تي شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جو اتفاق ٿيو جٿي وڃڻ کان پوء خبر پئي ته ڪنوار کي سندس والد آسائش جي هر شئي ڏيج ۾ ڏني آھي هون ته هر محبت ڪندڙ والد جي خواهش هوندي آھي ته پنهنجي نياڻي کي وڌ کان وڌ ڏئي خوش ڪري رخصت ڪري مگر هر شخص جي مالي حالت مختلف هوندي آھي ۽ گوٽيتن جي اڻ کٽندڙ فرمائشن مفلس ماڻھن لاء آزمائش پيدا ڪري ڇڏي آھي جنهن سبب نياڻي جي پيدائش تي اهڙي طرح جا واقيعه رونما ٿيڻ شروع ٿي چڪا آھن جنهن جو سبب جيڪو مونکي سمجھ ۾ اچي ٿو سو هي آھي ته اڪثر اسانجي گهرن ۾ عورتون اهڙي طرح گفتگو ڪنديون آھن خاص ڪري جڏھن گهر جي نونھ حمل سان هوندي آھي انهي اڳيان باربار اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ته اسان جي خاندان ۾ پهرين اولاد پُٽ جي هجڻ جو طريقو هلندو پيو اچي اهڙي طرح گهرجو ماحول جوڙيو ويندو آھي اهي ڳالهيون انهي مُڙس جي ڪنن تائين پهچنديون آھن ۽ هو زهني طرح سان پُٽ جهڙي اولاد پيدا ٿيڻ جي پڪي اميد رکي وهندو آھي ۽ پوء نياڻي جهڙي نعمت جي پيدا ٿيڻ تي غير معمولي حالات پيدا ٿي ويندا آھن جنهن جو نتيجو طلاق کان ويندي نياڻي کي قتل ڪرڻ تائين نڪرندو آھي مگر مجال آھي حڪم خداوندي ڏي ڪو رجوع ڪري قرآن پاڪ ۾ ته واضح ارشاد موجود آھي
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ
(الشوریٰ 50:49)
’’الله تعالى لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي جيڪو چاهي سو پيدا ڪري ٿو، جنهنکي چاهي نياڻيون عطا ڪري ۽ جنهنکي چاهي (ان کي) پٽ عطا ڪري يا (ڪن کي) پٽ ۽ نياڻيون عطا ڪري. ۽ جنهنکي چاهي ان کي بي اولاد بنائي. بيشڪ اهو گھڻو ڄاڻندڙ صاحبِ قدرت آهي
دور جاهلیت ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو سو ٿيو مگر اسان اڄ هن ترقي يافته دور مان گزرون پيا پوء ڇا سبب آھي جو پُٽ جي پیدائش کي خوش بختي ۽ نياڻي جي پیدائش کي بدبختي سان تعبیر ڪيو پيو وڃي
ڇا قرآن پاڪ ۾ اسان ناهي پڙھيو ته نياڻي جي پیدائش تي افسوس ڪرڻ ڪافرن جي صفت آھي؟
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (سُوۡرَۃُ النَّحۡلِ آيت 58/59)
.
۽ جڏهن انهي کي نياڻي جي مبارڪ ڏني وڃي ٿي ته سندس چهرو ڏک مان ڪارو ٿي پوي ٿو انهي خراب ڳالهه ٻڌڻ جي ڪري اهو پنهنجي قوم کان لڪي ٿو (پيءُ انهي پريشاني ۾ آهي ته) ڇا ان نياڻي کي خواري سان پاڻ وٽ رهائي يا ان کي مٽيءَ ۾ (زنده ) دفن ڪري، خبردار! اهو توهان جو تمام خراب فيصلو آهي
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم نياڻين سان ڪهڙو نه بهترين حُسن سلوڪ پیش ڪري ڏيکاريو۔ جنهن تي بيشمار حديث شريف جي ڪتابن ۾ روايتون موجود آھن ۽ قيامت تائين ايندڙ مسلمانن لاء مشعل راه به آھن
حديث شريف ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو جنهن شخص جون 3 نياڻيون هجن هو انهي تي صبر ڪري کين پنهنجي حيثيت مطابق کارائي پياري ۽ پهرائي ته هو انهي جي لاء بروز قیامت پردہ هونديون یعني دوزخ واري باه جي وچان پردو ٿي رڪاوٽ بڻجنديون (ابن ماجه)
الحمدالله رب العزت مونکي پنج نياڻين ۽ ھڪ پُٽ جهڙي نعمت سان مالا مال ڪيو آھي حقيقت هي آھي مان غريب هجڻ باوجود پاڻ کي دنيا جو خوش نصيب ترين انسان سمجهان ٿو ڇوته مالدار رئيس مون اهڙا به ڏٺا آھن جنهن وٽ دنيا جي هر نعمت موجود آھي مگر هڪ اڌ اولاد آھي سابه عيبدار مان جنهن فرم ۾ ڪم ڪريان ٿو تنهن جو ڊاريڪٽر ميمڻ آھي جنهن جو پاڪستان جي امير ترين ماڻھن ۾ 22 نمبر اٿس الله هڪ پُٽ جهڙي نعمت عطا ڪئي آھي مگر نابين جنهن جو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ علاج ممڪن ناهي هرڪوشش آزمائي چڪو اسان جي ملڪ ۾ جيڪي ملحد خداجي قدرت جو انڪار ڪندي سائنس کي سڀ ڪجھ سمجهندا آھن اهڙن لاء الله رب العزت ڪئين مثال پيدا ڪيا آھن اگر انسان ۾ ڪو عيب رب طرفان هجي انهي جو دنيا جي سائنس وٽ ڪو حل ناهي .
✍خادم سلام شاهاڻي
.
تبصرے