جاهل پير شيطاني صفت صوفي
جاهل پير شيطاني صفت صوفي
,
اسان جي هن معاشري ۾ خاص ڪري شاه سڏائيندڙ جاھل پیرن ۽ شیطاني صفت صوفین ماڻھن ۾ علماء ڪرام جي باري ۾ بغض ڀري رکيو آھي جڏھن جڏھن علماء ڪرام عوام جي اصلاح جي لاء جعلي پیرن جو رد ڪندا آھن ته جاهل عوام خاص ڪري سني عوام عالمن جي مخالف اچي کين گاريون ڏيڻ شروع ٿي ويندا آھن ۽ پنهنجي آخرت برباد پيا ڪندا آھن ڊاڪٽر جلالي خلاف جاهل پيرن ۽ شيطان صفت صوفين پاران جنهن طرح جاهل مريدن کي استعمال ڪيو ويو يا ڪيو وڃي پيو تنهن کان هر زي شعور واقف هوندو صرف جلالي نه بلڪ هر حق گو عالم دين خلاف اهڙي طرح جاهل مريدن کي استعمال ڪيو ويو ۽ ڪيو وڃي پيو تنهن جا بي شمار مثال سامهون آھن ڳالھ صرف رباني عالمن تائين محدود ناهي انهن شيطان صفت پيرن ۽ انهن جي جاهل مريدن هٿان نه ناموس اولياه الله محفوظ آھي نه ناموس اصحاب رسول
مان هتي اهو ضرور چوندس پیر جي ڪامل هجڻ جي لاء مرید جو جاهل هجڻ انتهائي ضروري آھي جيترو وڏو جاهل مرید هوندو پير ايترو وڏو ڪامل ۽ پهتل هوندو
دنیا ۾ توهان کي کوڙ سارا روحانیت جا دعويدار نظر ايندا جيڪي ڪوڙا هوندا جنهن جو باطن برائین کان پاڪ ناهي هوندو حیرت اُنهي وقت ٿيندي آھي جڏھن اهڙن کي هزارن جي تعداد ۾ پیروڪار به ملي ويندا آھن انهي جي به اهائي وجه هوندي آھي ته جهڙو مرشد اهڙي خیال وارا مرید به ملي وڃن ٿا ڇوته هر شئي پنهنجي قسم جي طرف ڪشش ڪندي آھي اهو امر واضح آھي ته ولایت هڪ قربِ خاص آھي الله عزوجل پنهنجي برگزیدہ ٻانهن کي محض پنهنجي فضل و ڪرم سان عطا فرمائيندو آھي مگر ولایت بي علم کي ناهي ملندي اعلی حضرت امام احمد رضاخان فاضل بريلوي لکن ٿا ته جنهن حقیقت کي شریعت رد ڪري اوها حقیقت ناهي بي دیني آھي گمراہ ۽ گمراھي ڏي سڏيندڙ وارث نبي ناهي نائب ابلیس آھي حضرت جنید بغدادي جو ارشاد نقل ڪندي لکن ٿا ته شریعت جي پرواہ نه ڪرڻ وارن جعلي پيرن صوفین کان چور ۽ زاني بهتر آھن
ذرا غور ڪريو ته چور جي سزا شریعت ۾ ھٿ ڪپڻ آھي ۽ زناہ جي قتل ڇوته الله عزوجل شرڪ کان بعد زنا کي گناہ ڪبیرو بیان فرمایو آھي ۽ حضرت جنید بغدادي جعلي پيرن صوفین کي انهي ٻنهين کان بدتر ٻڌايو آھي ڇوته زاني جسم و عزت جو دشمن آھي ۽ چور مال و دولت جو مگر جاهل صوفي سڀ کان وڏو دشمن یعني دین و ایمان ۽ شریعت محمدي جو دشمن آھي ته انهي جي سزا ڇا هجڻ کپي؟
اولیائي ڪرام فرمائن ٿاته جاهل پير صوفي شیطان جو چيلو آھي
مفتي فیض احمد اویسي لکن ٿا ته جيڪو خلاف شرع ڪم ڪري اُھو پير ناهي ڪاروباري آھي
مفتي صاحب وڌيڪ فرمائن ٿا ته جيڪو داڙھي ڪوڙي يا خشي ڏاڙھي وارو نماز نه پڙھندو هجي حلال و حرام جو امتیاز نه رکندل هجي وغیرہ وغیرہ اُھو شرعي روحاني ۽ حقیقي پیر و مرشد ناهي بلڪ رسمي ڪاروباري ماڻھو آھي جنهن کي اسان اولياه الله چوندا آھيون قیامت ۾ هي انهن مان نه هوندا بلڪ هي ٻي عوام ۾ هوندا جنهن کي پنهنجي لڳل هوندي جڏھن هي خود گم هوندا قیامت ۾ مریدن جي خاڪ ڪم ايندا جيڪي ماڻھون خلاف شرع پیرن جا مرید ٿين ٿا سي پاڻ سوچن ته انهن خلاف شرع پیرن کان دنیاوي ڪم وٺندا رهو مثلاً تعویذات ڌاڳو ڦيڻون دم درود ڪرائڻ اهو انهن جو خانداني پيشو آھي ياد رکجو اهڙي ماڻھن سان اسلامي روحاني شرعي حقیقي بیعت ناجائز آھي باقي اهڙي پیرن سان رسم ادا ڪرڻي آھي ته مريد ڄاڻن ۽ سندن ڪم ڄاڻي ورنه تمام سلاسل طیبه جي تمام اولیاء ڪرام و مشائخ عظام جو متفقہ فیصلو آھي ته خلاف شرع ڪم ڪرڻ وارو پیرو مرشد ٿيڻ جي لائق ناهي نه وري انهي جي بیعت جائز آھي نه سلسله بیعت جو دعویٰ صحیح بظاهر سبزي فروشي جي طرح هڪ دھندو آھي بلڪ انهي کان به بدتر آھي ڇوته سبزي فروشي ۽ ٻي پیشي جو نالو ڪسب حلال آھي ۽ خلاف شرع ٿي ڪري رسول الله صلي الله عليه وسلم جو نائب ٿيڻ ۽ عوام کي ڌوکو ڏيڻ ابلیسي عمل آھي
جنهن شخص جا اخلاق و اطوار، افعال و اقوال، سنتِ رسول خدا جي مطابق نه هجن اُھو ڪنهن صورت ۾ به پیر ٿيڻ جي لائق ناهي,
,,
✍خادم سلام شاهاڻي
,
تبصرے