ڏاھر ۽ چچ حقيقت جي آئيني ۾
دين بيزارن جو هٿرادو هيرو پيء سميت حقيقت جي آئيني ۾
.
اسلامي اصولن جي هر موڙ تي مخالفت ڪندڙ ڌريا ديشي ملحد قوم پرست جيئن 10 رمضان المبارڪ ويجهي ايندي آھي موسمي ڏيڏرن جيان نڪري پوندا آھن ۽ ڏاهر جهڙي بدڪدار شخص جي اجائي واه واه ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آھن کيس وڏي ماه شخصيت ثابت ڪرڻ لاء ڪنهن ڪوڙ کان به ناهن گهٽائيندا هون ته عرب تاريخدانن جي لکيل تاريخ قبول ناهن ڪندا مگر وري ساڳي عربن جي انهي ئي اسلامي تاريخ تي پنهنجي بدڪردار مرشد جي جهنم واصل ٿيڻ وارو ڏھاڙو ملهائي پنهنجي منافقت ثابت ڪندا آھن انهي ضمن ۾ اهم پوائنٽ رکجن ٿا ته جيئن اسان جا مسلمان سنڌي منافقت ۽ ڪوڙ جو مونھ ٽوڙ جواب ڏئي سگهن چون ٿا ته محمد بن قاسم بیروني لٽیرو هو سنڌ لُٽي ويو سنڌ ۾ چنڊ تي وڃڻ جو سيٽلائٽ نظام لڳل هو جنهن تان سنڌي هروز چنڊ تي ٺرو پيئڻ ويندا هئا سو پٽي بغداد ۾ وڃي ناسا وارن کي کپائي ڏنئين هتي ڪئين جديد قسم جون فيڪٽريون لڳل هيون ڪئين سون جون کاڻون هيون سڀ لُٽي کڻي ويو وغيره اتي ڪافي ساريون من گھڙت و بی بنیاد ڳالهيون ڪري هڪ Contraversy پیدا ڪئي وئي آھي ضرورت انهي امر جي آھي ته ٿدي دل سان غور و فڪر سان ڳڏ تحقيق ڪئي وڃي ته حقیقت ڇا آھي 13 سو سالن تائين ڏاهر جهڙي بدڪردار کي ڪنهن هيرو نه چيو اچانڪ هي شخص هيرو ٿي ڪهڙي طرح نمودار ٿيو؟
انهي جي لاء تاریخ جو جائزو وٺڻون پوندو خصوصي طور تي راجه ڏاھر کي هيرو ثابت ڪرڻ جي لاء ڏنل دلائل کي معقوله و منقوله بنیاد تي جانچڻون پوندو سنڌي نیشنلسٽ حضرات جو چوڻ آھي ته ڏاهر اهلبيت جي خاندان کي سنڌ ۾ پناہ ڏني جنهن جو پيڇو ڪندي خلیفه بنو امیه جي محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملو ڪرڻ جو حڪم مليو هي اهڙو ڪوڙ آھي جنهن جو ڪو سر پير ئي ناهي قرآن پاڪ ۾ آھي ته یهودي و مشرڪ اسلام جا سخت ترین دشمن آھن انهي حساب سان اهو دعوہ ڪوڙ ثابت ٿئي ٿو ته برهمڻ اگر آل رسولۖ جي محبت ۾ ايترا دیوانه ٿي ويا هئا پوء ايمان ڇو نه آندائون ؟ اهو سوال نهايت اهم آھي نوٽ رکڻ ۽ هرجڳه تي ڪرڻ گهرجي حقيقت ۾ اسان
اڄ به ڏسون پيا RSS جي ڪرتا ڌرتا مهاراشٽر جا برهمڻ آهن ۽ اهي ئي ماڻھو هندوتوا نظریه جا خالق آھن انهن جي اسلام دشمني جو عالم ڪنهن کان اڻ ساريل ناهي هندوستان جي ڪنهن روڊ رستي عمارت، پارڪ وغیرہ جو اسلامي نالو به برداشت نٿا ڪن سي ڪهڙي طرح آل رسول جي محبت ۾ قربان ٿيندا؟ سلام آھي انهن سنڌي ڀائرن تي جن بي بنیاد ڳالھ تي یقین ڪندي ڏاهر جهڙي ٽٽو کي هيرو ثابت ڪرڻ خاطر ڪنهن به ڪوڙ ڪرڻ کان نه گهٽايو
حقيقت ته هي آھي راجه ڏاهر ۽ چچ جي سلطنت اوها واحد آھي جنهن کي هندوستان ۾ پڙھايو ئي نٿو وڃي ڇوته راجه چچ کان وٺي راجه ڏاهر تائين اخلاق و اقدار ۾ ٻئي پيء پُٽ ڪريل ڪردار هئا بابا صاحب امبیڊڪر جو چوڻ آھي ته ”History Of India is Nothing But Conflict between Budhism & Barahmanism” ۽ انهي حساب سان چچ اُھو واحد برهمڻ آھي جنهن اقتدار جي لالچ ۾ رائي سهاسي جي بیوہ راڻي سومن دیوي سان شادي ڪئي حالانڪه برهمڻ سماج ۾ بیوہ سان شادی نٿي ڪئي وڃي ۽ غیرمذھب سان ته سوال ئي پیدا نٿو ٿئي لیڪن چچ صاحب تمام هندو روایتن کي پس پشت وجهي هڪ بدھ مت راڻي سان شادي ۽ اقتدار تي قبضو ڪيو رائي سهاسي جي ڀاء راڻا مهرت کي ڌوڪي سان قتل ڪرائي پنهنجي سلطنت قائم ڪئي ساڳي نقش قدم تي هلي ڏاهر اقتدار جي خاطر پنهنجي سڳي ڀيڻ سان شادي ڪئي ڀيڻ سان شادي واري قصي کي جيڪي نٿا مڃن ۽ اهو دليل رکن ٿا ته هندو ڌرم اهو جائز ناهي ته پوء چڇ جو بيواه ۽ غير مذھب سان شادي ڪرڻ به جائز نه هو جڏھن پيء اقتدار جي لالچ ۾ ناجائز ڪم ڪري سگهي ٿو ته پُٽ ڇو نٿو ڪري سگهي؟
هندوستان جي فلم انڊسٽري هجي يا ڊرامه انڊسٽري انهن هر هڪ راجا مهاراجه تي فلمون ۽ ڊرامه ٺاهيا آھن مگر سنڌ جي پيء پُٽ يعني چچ ۽ سندس پُٽ ڏاهر تي ڪا فلم ڊرامون ناهي ٺھيو يعني جنهن جي ڪردار تي سندس گهرڀاتي ٿُڪڻ لاء تيار ناهن اهڙا بدڪردار وري سنڌين وٽ ھيرو؟
ڏاهر جهڙا بدڪردار هيرو پاڻ کي اونڌو سمهارڻ جي فرمائش ڪندڙن کي مبارڪ هجن اسان لاء غازي محمدبن قاسم جهڙا جوان ڪافي آھن الحمدالله
.
.✍خادم سلام شاهاڻي
.
تبصرے