عربن جي قوم پرستي کان سنڌي قوم پرستي

عربن جي قوم پرستي کان سنڌي قوم پرستي - اسلام خلاف هميشه کان يهودي طاقتون ميدان عمل ۾ رهيون آھن انهي ۾ ڪو شق ناهي ليڪن اها به حقيقت آھي انهي سازشن جو شڪار به مسلمانن جون قومون ۽ قبيلا ٿيا جنهن سبب اسلام کي ئي نقصان رسايو ويو سنڌ ۾ ٿيندڙ قوم پرستي به سلطنت عثمانيه خلاف عربن واري قوم پرستي واري فارمولي تحت ٿي رهي آھي جيڪو تاريخ کان واقف هوندو سو انهي ڳالھ کي با آساني سمجهي سگهي ٿو جهڙي طرح عربن ۾ جذبه علاقائي قوميت اُڀاري سازش تحت عربن کي تُرڪن خلاف استعمال ڪيو ويو ۽ عربن ۾ اهو عام ڪيو ويو ته توهان کي تُرڪ غلامي مان نجات ڏياريندا سين جنهن خلافت تي صرف عربن جو حق آ سا تُرڪن کان کسي عربن کي ڏياريندا سين انهي لاء ضروري آھي تُرڪن جي عملداري پنهنجي وطن تان ختم ڪرايو ۽ پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪريو ساڳي طرح سنڌين کي علاقائي قوميت جي نالي تي اُڀاري استعمال ڪيو پيو وڃي هي نام نهاد ترقي پسندي جون تحريڪون انهن سڀين جي صرف اها زهن سازي ڪئي وڃي پئي ته پنجابي سامراج توهانجو دشمن آھي ۽ مذھب جي آڙ ۾ سندن عملداري توهان تي مسلط ڪئي وئي آھي سنڌ قديم زماني کان سنڌين جي آھي ۽ هن جي عملداري به سنڌين وٽ ھجڻ کپي لهذه آزاد سنڌو ديش ضروري آھيٖ طريقه واردات جيڪو سلطنت عثمانيه خلاف استعمال ٿيو سو ساڳي پاڪستان خلاف استعمال تي رهيو آھي سلطنت عثمانيه ترڪمانستان فلسطين لبنان عراق ڪويت سعودي عرب ۽ متحده عرب عمارات تي ٻڌل هڪ اسلامي رياست هئي جنهن کي قوم پرستي جي ڀينٽ چاڙھي ٽُڪرا ٽڪرا ڪيو ويو انهي جو نقصان اهو ٿيو ته ھڪ طرف فلسطين تي انگريز گورنر مقرر ڪرڻ بعد يهودي قابض ٿي ويا ۽ دنياجا يهودي اتي ڳڏ ٿيا اتي اسرائيلي رياست قائم ڪئي وئي ٻي طرف عرب ملڪن ۾ نڪرندڙ تيل تي انگريز قابض ٿي ويا جنهن جو اڄ تائين انهن کوهن تي قبضو آ تُرڪن خلاف خلافت حاصل ڪرڻ لاء بغاوت ڪندڙ مڪه معظمه جي گورنر حسين شريف کي نظر بند ڪيو ويو جيڪو مرڻ تائين نظر بند رهيو ۽ انگريزن پنهنجو وعدو وفا نه ڪيو نه ئي غداري ڪندڙ عربن مان ڪو خلافت تي فائض ٿي سگهيو ٻيو ستم اهو ٿيو انگريزن جي مدد سان آل سعود پوري سعودي عرب تي قابض ٿي ويا ڳڏو ڳڏ مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ لاء آل سعود انگريزن جي فرمائش تي سعودي عرب جهڙي ملڪ تي خارجي نظريات نافظ ڪيا جنهن اسلام جي اصل چهري کي مسخ ڪري ڇڏيو هاڻ توهان ئي سوچي سمجهي سگهوٿا عربن جي قوم پرستي مسلمانن کي ڪهڙا فائده يا نقصان رسايا ؟ اهم ڳالھ اها به آھي ته جنهن فري ميسن تظيم سلطنت عثمانيه کي ٽوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جي ايم سيد انهي ئي فري ميسن تنظيم جو تاحيات ميمبر هو ۽ ساڳي قوم پرستي وارو فارمولو پاڪستان استعمال ڪرڻ جي ايم سيد جهڙي آنکوٺي ڇاپ جو عقل نٿو چئي سگهجي بلڪ هو انهي فري ميسن تنظيم جو صرف هڪ هٿيار هو ڇوته يهود نصارا يا ڪو بُت پرست مشرڪ اهو نٿا ڇاهين ته ڪنهن به خطي ۾ ڪو به اسلامي ملڪ يا ڪا رياست ايتري طاقت ور هجي اهوئي سبب آھي جو پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ برصغير جي مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ خاطر فري ميسن جهڙيون تنظيمون پنهنجا پگهاردار استعمال ڪنديون آھن جنهن طرح جي ايم سيد استعمال ٿيو ۽ ٻيا قوم پرست اڳواڻ بلوچ اڳواڻ يا منظور پشين جهڙا ويڪو انسان استعمال ٿي رهيا آهن بس ضرورت انهي ڳالھ جي آھي ته موجوده دور جا مسلمان وقت جي فتنن جي سنگيني کي سمجهن ۽ قوم پرستي جهڙي غلاظت کان نه صرف پاڻ بجن بلڪ ٻي مسلمان ڀائن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن ڀاڙي جا دلال ڪاميابي ماڻي نه سگهن -------

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )