علم ۽ عالم جي فضيلت
علم ۽ عالم جي فضيلت ,
علم ۽ عالم جي فضيلت تمام وڏي آھي مگر هن فتنن جي دور ۾ عوام جاهلن جي پيروڪاري ۽ انڌھي عقيدت ۾ ڦاسي چڪي آھي علم ۽ عالم جي ڇا فضيلت آھي قرآن و حديث مان ڪجھ دلائل پيش خدمت آھن ……علم روشني آھي… علم آگهي آھي … علم نور آھي… علم شعور آھي… علم زندگي جو مدار آھي… علم مومن جو هٿيار آھي… علم کان بغیر دنیا ۾ ڪو ڪمال حاصل ناهي ٿيندو… علم کان بغیر ایمان ڪامل ناهي ٿيندو… اگر خدا تعاليٰ جي ويجهو ڪاشئي علم کان بهتر هجي ها … ته ملائڪن جي مقابلي ۾ حضرت آدم علیه السلام کي ڏنهي وڃي ها… ملائڪن جي تسبیح وعبادت … حضرت آدم علیه السلام جي علمِ اسماء جي برابر نه بيٺي ته… علمِ دین جو ڪنهن قدر اعلي مقام هوندو … اسان جي آقا وموليٰ ﷺ جو فرمانِ عالیشان آھي …’’عالم کي انهي عابد تي… جيڪو ڏينهن جو روزہ رکي ڪري رات ڀر عبادت ڪندو آھي… ايتري فضیلت حاصل آھي جيتري مونکي توهان جي ادنيٰ شخص تي حاصل آھي…هڪ عالم شیطان تي هزار عابدن کان زیادہ ڀاري آھي… جنهن سان الله تعاليٰ ڀلائي چاهيندو آھي … انهي کي دین جي سمجھ عطا فرمائي ڇڏيندو آھي‘‘۔
رب ڪریم جو ارشادِ آھي …’.
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ(سُوۡرَۃُ اٰلِ عِمۡرٰنَآيت : 18)
الله تعالى بيان فرمايو بيشڪ ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر اهو، ۽ الله جي وحدانيت جي شاهدي ملائڪن ۽ علم وارن حق تي ڏني، ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر اهو عزت (۽) حڪمت وارو
…انهي آیت مان علم جا ٽي فضائل ثابت ٿيا… رب تعاليٰ پنهنجي ۽ ملائڪن سان ڳڏ علماء جو ذڪر ڪيو… انهن کي پنهنجي وحدانیت جو گواہ بنايو… ۽ انهن جي گواهي کي وجهِ ثبوتِ الوهیت قرار ڏنهون … علماء جي گواهي ملائڪن جي گواهي جي طرح معتبر بيهاري… ٻي آیت سڳوري ۾ الله تعالي پنهنجي ۽ عالم جي گواهي کي ڪافي قرار ڏنهو آھي … ارشاد باري تعالي آھي
آهي
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ(سُوۡرَۃُ الرَّعۡدِ آيت : 43)
۽ اهي ڪافر چون ٿا ته توهان الله جا رسول ناهيو، رسولِ عربي توهان فرمايو منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله بهترين گواه آهي (مطلب ته آئون سچو پيغمبر آهيان) ۽ انهن مؤمنن جي گواهي ڪافي آهي جن وٽ ڪتاب جو علم آهي ……
ٽي آیت سڳوري ۾ فرمایو ويو ……
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ(سُوۡرَۃُ الۡمُجَادَلَۃِ آيت : 11)
اي مؤمنو ! جڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان (رسولِ عربيءَ جي) مجلس ۾ (خاص اصحابين لاءِ) جايون خالي ڪريو پوءِ توهان جايون خالي ڪريو الله تعالى توهان کي کليل جاءِ (جنت) عطا ڪندو، ۽ جڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان اُٿو، پوءِ توهان اٿي وڃو، الله تعالى توهان مان مؤمنن ۽ (ديني) علم وارن جا درجا (جنت ۾ به) بلند فرمائيندو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي
… معلوم ٿيو ته ایمان جي طرح علم به مرتبي جي بلندي جو سبب آھي…چوٿين آیت ۾ ارشاد ٿيو …
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ(سُوۡرَۃُ اٰلِ عِمۡرٰنَ آيت : 7)
اهو ئي آهي جنهن توهان تي قرآن ڪريم نازل فرمايو انهيءَ جون ڪجهه آيتون صاف معنى رکن ٿيون اهي قرآن ڪريم جو بنياد آهن ۽ ٻيون آيتون متشابهات آهن، پر جن ماڻهن جي دل ۾ وَر آهي سي متشابهه آيتن جي پٺيان فتني ۽ پاڻ مرادو معنائون طلب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿا، ۽ الله تعالى کان سواءِ حقيقت ۾ ان جي مراد ڪير نٿو ڄاڻي ۽ يقيني علم وارا چون ٿا اسان انهن آيتن تي ايمان آندو، اهي سڀئي آيتون اسان جي رب وٽان آهن، ۽ نصيحت ته فقط عقلمند حاصل ڪن ٿا.……
هي علماء ڪرام جي ایمان وعقل جي ڪمال جي دلیل آھي
ڇوٿين آيت ۾ ارشاد ٿيو…
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ(سُوۡرَۃُ اٰلِ عِمۡرٰنَ آيت : 79)
ڪنهن انسان کي اهو حق ناهي جو الله تعالى ان کي ڪتاب ۽ علم و فهم ۽ نبوت عطا ڪري انهيءَ کان پوءِ اهو ماڻهن کي چوي ته الله کان سواءِ منهنجي عبادت ڪريو ۽ پر اهو چوندو ته ديندار ٿيو انهيءَ سببان جو توهان ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ توهان ڪتاب جو درس ڏيو ٿا.…
علم جي تقاضا هي آھي ته ماڻھن امیدون قطع ڪري خدا تعاليٰ جو ٿي وڃي انهي لاء عالم کي مولوي به چوندا آھن منسوب بموليٰ یعني الله وارو………
علم و علماء جي فضیلت تي ڏھ کان مٿي آيت سڳوريون موجود آھن اسان مختصر بيان ڪيون۔…
نبي مڪرم، رسولِ معظم، سرڪارِ دوعالم، نورِ مجسم ﷺ هڪ ڏينهن مسجدِ نبوي ۾ تشریف فرما ٿيا ته ڏٺائون هڪ جماعت عبادت ودعا ۾ مشغول آھي ۽ ھڪ مجلس ۾ دیني علم سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو جاري آھي پاڻ فرمایائون هي ٻئي ڀلائي تي آھن مگر هڪ مجلس ٻي کان بهتر آھي جيڪي ماڻھو علم سکن ۽ سيکارڻ ۾ مصروف آھن اهي ئي افضل آھن مان به معلم ڪري موڪليو ويو آھيان ’’جيڪي ماڻھو خدا تعاليٰ جي ڪنهن گھر ۾ جمع ٿي ڪري قرآن سکن ۽ سيکارين ٿا رب ڪریم انهن تي سڪون و اطمینان نازل فرمائيندو آھي رحمتِ الٰهي انهن کي ڊڪيندي آھي ملائڪ انهن کي گهيري رکندا آھن الله تعالي ملائڪن ۾ انهن جو تذڪرو فرمائيندو‘‘۔(مشڪوٰۃ شريف)
آقا ومولي ﷺ جوفرمانِ ذیشان آھي جيڪو شخص علمِ دین طلب ڪرڻ جي لاء ڪنهن رستي تي هلندو آھي الله تعالي انهي کي جنت جي رستي تي هلائيندو آھي بیشڪ ملائڪ طالبِ علم جي خوشنودي جي لاء پنهنجا پر وڇائيندا آھن بیشڪ آسمان و زمین جي تمام مخلوق ۽ پاڻي ۾ مڇيون انهي لاء دعائي مغفرت ڪنديون رهنديون آھن یقیناً عالم جي فضیلت عابد تي اهائي آھي جيڪا چوڏھين جي چنڊ جي تمام تارن تي آھي ۽ بیشڪ علمائي حق انبیاء ڪرام جا وارث آھن ‘‘۔

تبصرے