دين حق جي فلسفي جو علم بردار

حضرت سلطان الواعظين دين حق جي فلسفي جو علم بردار ,
27 رمضان المبارڪ يوم ولادت  حضرت سلطان الواعظين مفتي عبدالرحيم سڪندري عليه الرحمه جيڪو اڄ اسان ۾ موجود ناهي ليڪن سندن ديني خدمتون اسان جي سامهون آھن سندن حق گوئي جو هن وقت ڪو ثاني ناهي  مان سندن ڇا شان عرض ڪيان  جاهل آھيان الفاظن کي موتي ۾ پروئڻ جي فن کان ناوافقيت رکان ٿو  جڏھن موجوده دور  جي دعوه ولايت وارن کي ڏسان ٿو  ۽ سندن عمل ۽ علم جي جانچ ڪران ٿو  ته هر طرف سُڪل گهڙا ڏسان ٿو جنهن ما اها اميد نٿي رکي سگهجي ته سخت گرمي ۾ پاڻي ٿدو ڪرڻ جي ڪا انهن ۾ صلاحيت به هجي ليڪن گهڻي ڀانڱي اهو نٿو لڳي بس ظاهري بناوٽ آھي باقي ڪجھ ناهي  مان پنهنجي اڌ کان وڌ زندگي شهر ۾ گزاري آھي  ۽ اهڙي ماڻھن جي الله تعالي صحبت نصيب فرمائي جيڪي صرف هڪ حق کي مڃڻ وارا آھن انهن جي صحبت ۾ رنڱجي مون به اهو تسليم ڪيو ته حق صرف هڪ آ  ۽ انهي عقيدي کي اسان وٽ مسلڪ اعلي حضرت چون ٿا جيڪو تحقيق بلحق صحيح العقيده کي صحيح العقيده ۽ بدعقيده کي بدعقيده تسليم ڪيو وڃي ٿو اهو نظريو ڪنهن به نقتي ۾ شامل ناهي ته بدعقيده آھي خير آ سڏائي ته پنهنجو ٿو
اسان کي زهن ۾ رکڻ کپي اسين پاڻ کي سني سڏايون ٿا نقشبندي سڏايون ٿا  سهور وردي سڌايون ٿا چشتي سڏايون ٿا    انهن سڀين کي هن زماني وارا مسلڪ اعلي حضرت يا بريلوي سڏين ٿا  ۽ اگر ٿورڙا ڦريل آھن ته ڇاٿيو پنهنجا آھن وارو نظريو امام اهلسنت  امام احمد رضاخان فاضل بريلوي دفن ڪري ڇڏيو تاريخ توهان جي سامهون ٻه فرقه بهاري ڇڏيا جيڪي  150 سال اڳ اسان جا پنهنجا سڏبا هئا اگر امام اهلسنت موجوده ذمه داران اهلسنت جهڙو عقيدو رکي ها ته ڪجھ کڻي گهستاخيون ڪيون ٿن ته ڇاٿي پيو پنهنجا آهن  حضور صلي الله عليه وسلم جا ٿورڙا بي ادب آھن خير آ پنهنجا آھن   امام اهلسنت اهڙي عقيدي اهڙي نظريئي ۽ اهڙي سوچ کي هميشه جي لاء دفن ڪري ڇڏيو  ته تنهنجي دشمن سان منهنجو رشتو ڇا يا رسول الله صلي الله عليه وسلم امام اهلسنت جي نقشي قدم تي هلڻ وارو حضرت سلطان الواعظين مفتي عبدالرحيم سڪندري عليه الرحمه هو  سندن ذات حيات توهان جي سامهون آھي بدعقيدگي کان حضرت جو ڪو رشتو نه هو  ڪجھ پنهنجن مان  بدعقيده توهان کي کولي ڏسئين جنهن جي لاء ڪي ماڻھو هيئن به چئي حق کي تسليم ڪرڻ جا منڪر ٿين ٿا ته سائين مفتي صاحب جو انهن سان اختلاف هو   مطلب مفتي صاحب جو اختلاف انهن سان ذاتي هو سياسي هو اهو سئون سڌو ڪوڙ آ  حضرت سلطان الواعظين جو ڪنهن سان ڪو ذاتي سياسي نه بلڪه عقيدن تي اختلاف هو  انهن کان گستاخيون ثابت آھن بدعقيدگي ثابت آ مطلب واضع ٿيو ته حضرت سلطان الواعظين  جنهن سان دوستي ڪئي الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي رضا لاء ڪئي جنهن سان دشمني ڪئي ته الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي رضا لا۽ ڪئي   هتي وري تعاويل ٻڌھڻ وارا به گهڻا پيدا ٿيل آھن  بابي گستاخي ڪئي بابو مري ويو  بس  پوء انهن کان وري ڪو پڇڻ وارو به ناهي ته  اولاد بابي کي وڏا وڏا درجا ڏئي هرسال عرس ڪري ٿي اجتماعي دعا گهرائي ٿي  ۽ بابي جي ڪيل گستاخي سان اولاد جو ڪو تعلق ناهي منافقت مڪاري جي ڪا ته حد هوندي آھي مگر ڇاڪجي دنياوي مطلب ڪئين سچن کان  حق لڪائي ٿو  دنياجو اهو عالم ڏسي اسان کي حضرت سلطان الواعظين سان مزيد عقيدت وڌي ٿي سندن علم ۽ عمل کي حق تسليم ڪرڻون ٿو پوي ڇوته جنهن کي پنهنجي آخرت سڌھارڻي آھي اهو حق وارن جي پيروي ڪري انهن کان بچي جنهن جي لاء الله تعالي قرآن پاڪ ۾ ھيئن ارشاد فرمايو آ
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا

(ايمان ۽ ڪفر جي) وچ ۾، نه هيڏانهن جا ٿيا ۽ نه هوڏانهن جا ٿيا، ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ هرگز نه لهندين تون انهن لاءِ ڪنهن رستي کي

( سُوۡرَۃُ النِّسَآءِ آيت : 143 )

مان پنهنجي تحرير کي بس انهن لفظن سان ختم ڪندس ته ڪنهن حق چيو آ
پرک دشمن ۽ سڄڻ جي ويو ڪرائي پاڻ سين نياء سان رکجان هدايت مصطفي ﷺ جي شير جي ,,, الله تعالي اسان کي مسلڪ اعلي حضرت تي هميشه قائم رهڻ جي توفيق عطافرمائي ۽  خاتمون ايمان جي حالت ۾ فرمائي آمين ,,,
خادم اهلسنت , سلام شاهاڻي ڪراچي
27 .رمضان المبارڪ بمطابق 1440..
........

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )