عقيدو ڇاکي چئبو آھي

سوال  عقيدو ڇا آھي ؟
الجواب ﻋﻘﯿﺪو ﺩﺭﺍﺻﻞ ﻟﻔﻆ  ﻋﻘﺪ سان ﻣﺎﺧﻮﺫ آھي جنهن جي معنٰي آھي ڪنهن شئي کي ٻڌھڻ جيئن چيو وڃي ٿو ﺍﻋﺘﻘﺪﺕ ﮐﺬﺍ " ‏( مان اهڙو ﺍﻋﺘﻘﺎﺩ ﺭکان ٿو ‏) يعني مان هن عقيدي کي پنهنجي ﺩﻝ ۽ ﺿﻤﯿﺮ سان ٻڌھي ڇڏيو آھي لهٰذا ﻋﻘﯿﺪو ﺍنهي ﺍﻋﺘﻘﺎﺩ کي چيو وڃي ٿو جيڪو ﺍﻧﺴﺎﻥ پنهنجي ﺩﻝ ۾ ڪنهن شئي جي ﺑﺎﺭي ۾ رکندو آ  شڪ کان پاڪ  ﻋﻘﯿﺪو ،  ﺩﺭ ﺣﻘﯿﻘﺖ ﺩﻝ جي ﯾﻘﯿﻦ ڪرڻ جي ﻋﻤﻞ جو نالو آھي ۽  ﺩﻝ جو ڪنهن ڳالھ تي ﺍﯾﻤﺎﻥ ﺭکڻ ۽ انهي جي  ﺗﺼﺪﯾﻖ ڪرڻ
عقیدو ’عقد سان آھي جنهن جي معنٰي  گرہ ٻڌھڻ جا آھن۔

ڊاڪٽر ابراہیم انیس، المعجم الوسیط، 2 : 614

انهي سان مراد ڪنهن شئي جي اهڙي  تصدیق آھي جنهن ۾  ڪو شڪ نه هجي  عقیدي کي ایمان جي مفهوم ۾ به ورتو وڃي ٿو انهي سان مراد انهن حقيقتن جي بلا شڪ و شبه تصدیق ڪرڻ  جنهن جي تعلیم الله رب العزت  بواسطه رسالت  اسان کي عطا فرمائي
ﻋﻘﯿﺪو ئي اها ﺍﺻﻞ ﺑﻨﯿﺎﺩ آھي جنهن تي ﺗﻤﺎﻡ ﻣﺬهبي ﺍﻋﻤﺎﻝ ۽ ﺭﻭﺣﺎني ﺍﺣﻮﺍﻝ جي ﻋﻤﺎﺭت بيهاري وڃي ٿي ۔
۔۔ﺑﻈﺎھر ﺍﻧﺴﺎﻥ جيترو ﻧﻤﺎﺯي ،حاجي ،سخي ﯾﺎ ﭘﺮ هيز ﮔﺎﺭ هجي جيس تائين سندس ﻋﻘﯿﺪو ﺩﺭﺳﺖ نه هوندو ﻣﺬڪوره ﺍﻋﻤﺎﻝ ﺍنهي کي ڪو ﻓﺎﺋﺪو نه ڏيندا ڇوته جڏھن پاڙ ئي خشڪ هوندي ته  ﺷﺎخون ڪيئن ڀريل ٿي سگهن ٿيون ۔ﺣﻀﺮﺕ ﻏﻮﺙ ﺍﻋﻈﻢ ﺭﺣﻤﺔ ﺍلله عليه ﺍﺭﺷﺎﺩ ﻓﺮﻣﺎئن ٿا
ﺩﺭ ﺧﺎﻧﮧ ﺑﮯ ﺭﻭﺯﻥ ﯾﻌﻨﯽ ﻟﺤﺪ ﺗﺎﺭﯾﮏ
ﮨﺮ ﺟﺎﻥ ﺗﻮ ﺧﻮﺍﮨﺪ ﺗﺎﻓﺖ ﺷﻤﺲ ﻭ ﺗﺮﮮ ﺩﯾﮕﺮ
ﺗﺮجمون : ﺍي ﺑﻨﺪه ﺍﮔﺮ ﺗﻮن ﺣﻖ جي ﺧﺪﻣﺖ ڪرڻ ﻭﺍرو آھين ﺣﻖ جو ﻃﻠﺒﮕﺎر ۽ ﺣﻖ ﺷﻨﺎﺱ آھين ته  ﺗﺎﺭيڪ ﻗﺒﺮ جي ﺍﻧﺪﮬﯿﺮي ۾ به تنهنجي لاء  ﻧﻮﺭ ﺣﻖ جو چنڊ ۽ نئون سڄ چمڪندو۔
ﻋﺠﯿﺐ ﺩﻭﺭ آھي  ﻧﻤﺎﺯ ،ﺭﻭﺯو ۽ ٻين ﺍﻋﻤﺎﻝ ﺻﺎﻟﺢ جي ﺗﺒﻠﯿﻎ ته ڪافي ڪئي ويندي آھي ليڪن ﻋﻘﯿﺪي جي ڳالھ ڪرڻ وارن کي هتي ﻓﺮقه ﭘﺮﺳﺖ چيو وڃي ٿو حالانڪه ﻗﺮﺁﻥ ﻣﺠﯿﺪ ۾ 81 ﻣﺮتبه ۔ﺍﻥ ﺍﻟﺬﯾﻦ ﺍﻣﻨﻮ ﻭﻋﻤﻠﻮ ﺍﻟﺼﻠﺤﺖ ۔ﺍﻟﺦ ۔ﻓﺮمائي ڪري ﻋﻘﯿﺪر کي پهرين ﺍﻋﻤﺎﻝ کي ﺑﻌﺪ ۾ ﺫڪر ڪيو ويو آھي ۔ﭘﻨﺠﮕﺎنه  ﻧﻤﺎﺯ بمعه تهجد ،ﺍﺷﺮﺍﻕ ،ﭼﺎﺷﺖ ۽ ﺍﻭﺍﺑﯿﻦ پڙھو ۽  ﺳﻮ ﺳﺎﻝ تڪ پڙھندا رهو ليڪن انهي ﻭﻗﺖ تڪ ﻋﺬﺍﺏ ﺍلٰهي کان بچي نٿا سگهو جيسي تائين  ﺍﯾﻤﺎﻥ ﻭ ﻋﻘﯿﺪو ﺩﺭﺳﺖ نه ڪري وٺندا ڇا انهي ﻃﺮﺡ جا ﺍﻋﻤﺎﻝ ﻣﻨﺎﻓﻘﯿﻦ وٽ گهٽ ھئا ؟  ﻣﮕﺮ ﺍنهي جي  ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﻗﺮﺁﻥ حڪيم ﻓﺮﻣﺎئي ٿو  ۔ﻣﻨﺎﻓﻘﯿﻦ جهنم جي هيٺين سطح ۾ هوندا   گهر اگر انتهائي ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺳﻨﮓ ﻣﺮﻣﺮ ۽ ﺩﯾﮕﺮ ﻟﻮﺍﺯﻣﺎﺕ سان ﻣﺰﯾﻦ هجي ليڪن انهي جي ﺑﻨﯿﺎﺩ ئي ﻣﻀﺒﻮﻁ نه هوندي ته ڪنهن ﻭﻗﺖ به  ﺯﻣﯿﻦ تي اچي ڪري پوندو  ﺑﻨﯿﺎﺩ ﺍﮔﺮ چه  ﻧﻈﺮ نٿي اچي ليڪن  گهر جي ﻣﻀﺒﻮطي جو ﻣﺪﺍﺭ ﺍنهي ﺑﻨﯿﺎﺩ تي  ئي هوندو آھي  ۔ﺍنهي ئي ﻃﺮﺡ ﺍﮔﺮ چه ﻋﻘﯿﺪو ﻧﻈﺮ ناهي ايندو  ﻣﮕﺮ ﺍﻋﻤﺎﻝ ﺻﺎلحه جي ﻣﺤﻞ جو  ﺍﻧﺤﺼﺎﺭ عقيدي تي ئي آھي ۔
ﺍﻣﺎﻡ ﺭﺑﺎني ﻣﺠﺪﺩ ﺍﻟﻒ ﺛﺎني ﺷﯿﺦ ﺍﺣﻤﺪ ﺳﺮ هندي رحمۃ الله عليه ﺍﺭﺷﺎﺩ ﻓﺮﻣﺎئن ٿا ۔ﺷﺮﯾﻌﺖ جا ٻه ﺟﺰ آھن ۔‏( 1 ‏) ﻋﻘﯿﺪو ‏( 2 ‏) ﻋﻤﻞ ۔ﻋﻘﯿﺪو ﺩﯾﻦ جي پاڙ آھي ۽  ﻋﻤﻞ ﺍنهي جي ﺷﺎﺥ آھي جنهن ﺷﺨﺺ جو ﻋﻘﯿﺪو ﺻﺤﯿﺢ نه هوندو  اهو اهل ﻧﺠﺎﺕ مان ناهي ۽  ﻋﺬﺍﺏ ﺁﺧﺮﺕ کان نه بچي سگهندو ليڪن  ﺍنهي جا ﺍﻋﻤﺎﻝ ڪمزﻭﺭ هئا ته سندس ﻧﺠﺎﺕ جي ﺍﻣﯿﺪ آھي ۔
ﻋﻘﯿﺪو اهلسنت
هاڻ  ﺳﻮﺍﻝ هي ﭘﯿﺪﺍ ٿيئي ٿو ته ﻋﻘﯿﺪو ڪهڙو سچو آهي ؟  ته  ﻗﺮﺁﻥ حڪيم انهي ﺳﻮﺍﻝ جو  ﺟﻮﺍﺏ ڏي ٿو  ”
 ۔.
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ
۽ جنهن وقت چيو وڃي ٿو انهن کي ته ايمان آڻيو توهان جيئنڪِ ايمان آندو مؤمنن چون ٿا ڇا ايمان آڻيون اسان جيئنڪ ايمان آندو بي سمجهن، خبردار ! بيشڪ اِهي اهي بي وقوف آهن پر نٿا ڄاڻن , ( سُوۡرَۃُ الۡبَقَرَۃِآيت :13)

ﻋﻼمه ﺍﺣﻤﺪ ﺻﺎﻭي رحمته الله عليه ﻓﺮمائن ٿا  ﻭﮨﺬ ﺍﻟﺘﻔﺮﻕ ﻣﻦ ﺑﻌﺪ ﺍﻟﺼﺤﺎﺑﺔﻓﺎﻟﻨﺎ ﺟﯽ ﻣﻦ ﮐﺎﻧﺎ ﻋﻠﯽ ﻗﺪ ﻣﯽ ﺍﻟﻨﺒﯽ ﻭ ﺍﺻﺤﺎﺑﮧ‏( ﺗﻔﺴﯿﺮ ﺻﺎﻭﯼ ﻣﻄﺒﻮﻋﮧ ﻣﮑﺘﺒﮧ ﻏﻮﺛﯿﮧ ﺟﻠﺪ ﺍﻭﻝ ﺻﻔﺤﮧ 258 ‏)
ﺣﻀﺮﺕ ﻣﺠﺪ ﺍﻟﻒ ﺛﺎني ﺷﯿﺦ ﺍﺣﻤﺪﺳﺮهندي عليه ﺭﺣﻤﺔ ﺣﺪﯾﺚ ﭘﺎڪ ﺩﺭﺝ ڪن ٿا  ﺍﻟﺬﯾﻦ ﮨﻢ ﻋﻠﯽ ﻣﺎ ﺍﻧﺎ ﻋﻠﯿﮧ ﻭﺍﺻﺤﺎﺑﯽ جنتي اهي ماڻھو آهن جيڪي منهنجي ۽ منهنجي صحابه سڳورن جي طريقي تي آھن ‏( مڪتوﺑﺎﺕ ﻣﻄﺒﻮعه ﺿﯿﺎﺀﺍﻟﻘﺮﺁﻥ ﻻهوﺭ ﺟﻠﺪ ﺍﻭﻝ مڪتوﺏ 80 ‏)

ﺷﯿﺦ ﺍﺑﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺴﻦ ﺑﻦ ﻋﻠﯽ ﺍﻟﺒﺮبهاري عليه ﺭﺣﻤﺘﮧ ﺍﻟﺒﺎﺭي لکن ٿا ته اهي ﺑﻨﯿﺎﺩون جنهن تي ﺟﻤﺎﻋﺖ کي ﻗﺎﺋﻢ ﻭ بيهاريو وڃي  اها حضرت ﻣﺤﻤﺪ ﷺ جا ﺻﺤﺎبه ڪرام ﻋﻠﯿﮭﻤﺎﻟﺮﺿﻮﺍﻥ آھن اهي اهلسنت  ﻭ ﺟﻤﺎﻋﺖ آھن  جيڪي  انهن کان رهنمائي نه وٺندا سي گمراه ٿي ويندا  ‏( منهج ﺳﻠﻒ ﺻﺎﻟﺤﯿﻦ ﻣﻄﺒﻮعه ﺍﻧﺼﺎﺭ السنته پبلي ڪيشنر ﻻهور صفحو 45 ‏)
اڃان انهي لاء الحمدالله دليلن جا انبار موجود آھن مگر ڪلھ ھڪ دوست عقيدي جي وضاحت پڇي هئي سو مختصرن نقل ڪري  بيان ڪئي وئي دعا ڪجو ته الله تعالي اسان کي حق ۽ سچ سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي اسان جي ايندڙ نسلن کي بدعقيدگي کان محفوظ فرمائي ۽ گمراهن جي شر کان پنهنجي پناه ۾ رکي  آمين

🙏طالب دعا ,خادم سلام شاهاڻي , 04 شوال المڪرم  1440.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )