مسلمان لاء ٽن شين کان علاوه

مسلمان لاء ٽين شين کان علاوه ڪو چارو ناهي جنهن سان نجات ابدي ميسر اچي هڪ علم ٻيو عمل ٽيو اخلاص  پوء علم جا ٻه قسم آھن هڪ اهو علم جنهن سان عمل مقصود آھي انهي علم جي بيان ڪفيل فقه آھي ٻي علم جي اها قسم آھي جنهن سان مقصود صرف اعتقاد ۽ يقين قلبي آھي هن علم جي تفصيل مطابق اهلسنت وجماعت علم ڪلام ۾  اچي چڪو آھي ۽ اهلسنت و جماعت ئي ناجي فرقو آھي انهن بزرگن جي اتباع کان بغير نجات منضور ناهي اگر وار برابر به مخالفت آھي ته خطروئي خطرو آھي هي ڳالھ ڪشف صحيح ۽ امام صريح سان يقين جي درجه تڪ پهچي چڪي آھي انهي ۾ غلطي جي ڪاگنجائش ناهي ته ڪنهن قدر مبارڪ آھي اهو شخص جنهن کي انهن جي  متابعت جي توفيق ملي وئي ۽ انهن جي تقليد جو شرف حاصل ٿي ويو  ۽ خرابي انهن لاء جيڪي انهن جي مخالفت جي رستي تي هليا انهن کان الڳ ٿيا ۽ انهن جا اصول ڇڏي ڏنهان ۽ انهن جي گروه کان نڪري ويا اهي خود به گمراه ٿيا۽ ٻين کي به گمراهي جي رستي تي وڌو ۽ روئت حق تعالي ۽ شفائت جا منڪر ٿيا ۽ انهن تي صحبت جي فضيلت صحابه ڪرام جا فضائل پوشيده رهيا ۽ اهلبيت رسول عليه السلام جو حال حضرت نوح جي ٻيڙي  جي طرح آھي جيڪو انهي تي سوار ٿي ويو سو نجات وارو ٿيو ۽ جيڪو رهيو هلاڪ ٿي ويو بعض عارفين جو قول آھي حضور صلي الله عليه وسلم پنهنجي ارشادات ۾ صحابه ڪرام کي تارا قرار ڏنهون آھي سمنڊ جي سفر ۾ ماڻھو تارن سان رستو ڳولهيندا آھن ۽ اهلبيت کي سفينه نوح سان تشبي ڏنهي آھي انهي طرف اشارو ڪرڻ لاء ته ٻيڙي ٿيندڙن لاء تارن جي رعايت ضروري آھي تاڪه هلاڪت کان بچي سگهجي

مڪتوبات امام رباني حصو اول ,مڪتوب نمبر 59

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )