سنڌ ۾ اسلام صرف صوفين جي بدولت آيو؟

ھون ته هي موضوع ڪنهن به طرح اهميت ڏيڻ جوڳو ناهي نه وري اهڙي بحس جي ڪا ضرورت آھي ها اهو علم هجڻ ضروري آھي بحيصيت مسلمان هن موضوع ۽ ھن اعتراض تي قلم کڻڻ جي ڪاخاص ضرورت نه هئي ليڪن بي دين طبقو جيڪو اصل ۾ صرف مسلمانن جي ايمان جو دشمن آھي ۽ مسلمانن جو ايمان ضائع ڪرڻ لاء اهڙا موضوع تلاش ڪندو رهندو آھي پاڪستان وجود ۾ اچڻ بعد سنڌ ۾ ڪي ڪانگريسي پيدا ٿي پيا مٿان وري ذات سيد جي سڏائي ورتائون ۽ ھتي ڪفر پرستي ۽ بت پرستي جي دڪان کوليون جنهن هزارين مسلمان نوجوانن کي بت پرستي ۽ الحاد ڏي مائل ڪيو مسلمانن جي دين سان دوري جو اهو سڀ کان وڏو نقصان ٿيو جو مسلمانن ۾ دور جهالت وارو قوم پرستي جو نظريو پيداٿي پيو جنهن سان سڀ کان وڏو نقصان اسلامي نظريعي کي پهتو تاريخي حقيقتن ۾ خيانت انهي جو به هڪ وڏو سبب ٿيو اڄ جي دور ۾ خاص ڪري هن سنڌ خطي ۾ اسلام جي اشاعت تي مڪارانه زهن جو استعمال ڪندي گمراهي پيدا ڪرڻ تي وڏو زور وڌو وڃي ٿو ڪئين سمجهيل سڌريل ماڻھو انهي جهالت جي دريا ۾ لڙھندا پيا وڃن مٿان وري سنڌ جي تاريخ جا محقق وهابي مفڪر ڊاڪٽر اسرار احمد لاهوري ڌوتي ڊاڪٽر طاهرالقادري انجيئر مرزا محمد علي جهلمي ۽ اسحآق سيالڪوٽي جهڙا هجن ته پوء جهالت کي ڇونه زنده باد چوجي خير هي باه ڪٿان ٻاري وئي اهو ڪير هو جنهن تاريخي حقيق
تن ۾ هير ڦير ڪيو حقيقت هي آھي ته جڏھن سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت جي ڳالھ ايندي آھي ته سيڪولر طبقو اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته عرب فاتحین و حڪمرانن جي وجه سان نه بلڪه صوفیاء ڪرام جي سلسلن جي بدولت هتي اسلام وڌيو آھي ،سوال هي پیدا ٿو ٿي ته صوفیاء به ته اسلام جائي نمائنده هئا هاڻ سیڪولر ماڻھو انهي مسئلي ۾ اسلام جا خیر خواہ ڪيئن ٿي پيا۔ ؟ اصل ۾ ایھين چوڻ جي هڪ وجه هي آھي ته. تاریخ ڏٺي وڃي ته برصغیر ۾ اسلام کي مڪمل طور تي صوفیاء جو ڪارنامو قرار ڏيڻ جي ڳالھ سڀ کان پهرين مستشرق مصنفین خصوصا پروفیسر آرنلڊ ڪئي هئي انهي وجه سان پروفیسرآرنلڊ جي ڪتاب پریچنگ آف اسلام کي نه صرف هندوستان بلڪه دنیا ڀر ۾ غیر معمولي شهرت ۽ مقبولیت حاصل ٿي، جنهن ۾ ھندوستان جي حوالي سان بحث ۾ اسلام جي اشاعت جو سڄو سهرو صوفیائي ڪرام جي سر وجهي ڇڏيوهو ۽ ڪم از ڪم انهي اعتراض سان هتي جي مسلمانن کي نجات ملي جيڪي ٻي انگریز موٴرخن جي چوڻي ته اسلام جي جبري اشاعت ٿي آھي ۽ سلاطین وقت تلوار جي ذریعه ماڻھن کي اسلام قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو۔۔۔لیڪن اگر غور ڪيو وڃي ته انهي ڪتاب جو اهو مقصد بالڪل نظر نٿو اچي انهي ڪتاب جي زمانه تصنیف ته نظر رکي وڃي ته هڪ طرف الزام و اتهام جو سلسلو جاري آھي ته اسلام تلوار سان وڌيو ته ٻي طرف ایهين چوڻ وارن جي طبقي جو هڪ رائٽر انهي ڪتاب جي ذریعي هي لکي اسلام ته صوفیاء ڪرام وڌايو آھي هتي هي سوال اٿي ٿو ته ڇا آرنلڊ ھي ڪتاب انهي پنهنجي ماڻھن جي رد ۾ لکي آھي ؟ جواب نه ڇوته هن ڪتاب ۾ ڪٿي به اهو نظر نٿو اچي ته آرنلڊ اسلام تلوار جي ذریعي وڌائڻ جي ڳالھ ڪرڻ وارن پنهنجي انگریز موٴرخوں پاران ڪيل غلط فهمي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، انهن جي تحریرن تي تنقید ڪئي هجي يا انهن جي عصبیت جو پردو فاش هجي اهو اهڙو ڪٿي به واضع ناهي ٿيل: در اصل انهي ڪاوش جي ذریعي هڪ طرف مسلمان هیرو ۽ انھن جي محنت کي سائیڊ لائن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ٻي طرف مسلمانن کي اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسلام ته تلوار کڻڻ بغیر به وڌي سگهي ٿو جهڙي طرح انهن صوفین ساري هندوستان کي مسلمان ڪري ڇڏيو انهي لاء محمد بن قاسم وغیرہ جي طرح جي ڪنهن جهادي ڪم ۾ پنهنجو پاڻ کپائڻ لاء اھڙو انتطام ڪرڻ بي فاعدہ آھي۔۔انهي ئي ذهن سازي جي سلسلي ۾ اڳيون ڪم انهن ٻين انگریز مورخین ڪيو ، ایم۔اي۔ٽائیٽس مسلمان بادشاھن بالخصوص محمد بن قاسم ۽ اورنگ زیب عالمگير سان متعلق سخت بهتان تراشي ڪندي لکي ٿو ته محمد بن قاسم سنڌ ۾ مندرن کي ڊاهيو ماڻھن کي جبري مسلمان ڪرڻ جي منصوبه بند پروگرام شروع ڪيو جيڪو عهدعالم گیري تائين جاری رهيو ۔حالانڪه حقیقت انهي کان بلڪل اُلٽ آھي۔ حقيقت جو خلاصو هي آھي ته اهو چوڻ بالڪل غلط آھي ۽ ھڪ اسڪیم جي تحت آھي اسلام جي اشاعت ۾ صرف صوفیاء ۽ عرب تجار جو صرف حصو آھي برصغیر ۾ اسلام جي اشاعت جي انهي ڪامیابي جي پويان مندرجه ذیل اسباب عوامل ڪار فرما هئا: عرب تجار جي تبلیغي مساعي سلاطین جا حمله ۽ رعایا سآن رواداري علماء جي تدریسي تقریرون ۽ تحریري خدمتون صوفیاء ڪرام جي جدوجهد انساني مساوات و بشر دوستي جو اسلامي عقیدو۔ ذات پات جي تفریق کان نفرت وبیزاري۔ ان ۾ ھر عامل پنهنجي پنهنجي خطن تي نمایان ڪردار اداڪیو سلاطین ملڪ فتح ڪري هتي جي باشندن کي هڪ مرڪز سان جوڙيو ۽ مسلمانن کي انهن جي درمیان رھڻ جو موقعو فراهم ڪيو جنهن جي معاشرت ،تهذیب ۽ عادتون ۽ طور طريقي سان مقامي ماڻھو متأثر ٿيا۽ انهي طرح آھسته آھسته مسلمان معاشري ۾ اسلام قبول ڪندي ضم ٿي ويا حقيقت حق اها آھي

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )